آمريڪا جيڪو پاڻ کي جمھوريت، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار سڏائي ٿو. ھاڻي کلي عام غنڊا گردي ۽ دھشتگردي جي راھه اختيار ڪري چڪو آھي ۽ پنھنجي سامراجي پاليسي تحت خود مختيار ملڪن تي حملا ڪري ٿو. عوام جي چونڊيل حڪومتن کي طاقت جي زور تي ڪيرائي ٿو. سڄي دنيا کي پنھنجي ڪالوني سمجھي ٿو، جتي وڻيس اتي فوجي مداخلت ڪري ٿو. معاشي پابندين ذريعي قومن کي بک ۽ بدحاليءَ جي حوالي ڪري ٿو ۽ طاقت جي نشي ۾ چور بين الاقوامي قانون، انساني حقن ۽ قومن جي خود مختياري کي بي رحمي سان پيرن هيٺان چيڀاٽي ٿو. انهيءَ ئي سامراجي پاليسي تحت 3 جنوري 2026ع تي آمريڪا وينزويلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراڪاس تي وڏي پيماني تي حملو ڪيو. ان حملي دوران وينزويلا جي چونڊيل صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري سيليا فلوريس کي زبردستي اغوا ڪري آمريڪا جي شھر نيويارڪ منتقل ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽرٿ سوشل” تي وڏي فخر سان اھو اعلان ڪندي چيو ته “آپريشن ڪامياب رهيو ۽ مادورو کي نيويارڪ آندو ويو آهي، جتي هن تي نارڪو ٽيررزم ۽ منشيات جي اسمگلنگ جا الزام لڳايا ويندا.” اھي الزام ان ڪري لڳايا ويندا ته جيئن آمريڪا جي سامراجي جارحيت کي قانوني رنگ ڏئي سگھجي ۽ دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي سگھجي. آمريڪا جو اھو عمل ظاهر ڪري ٿو ته آمريڪا پاڻ کي بين الاقوامي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو ۽ پنهنجي مفادن خاطر ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. مادورو تي منشيات جي اسمگلنگ جا الزام لڳائي کيس گرفتار ته ڪري سگهجي ٿو، پر لکين فلسطينين جي قاتل نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻ وارو ڪير به ناھي، جنھن تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ طرفان گرفتاريءَ جا وارنٽ به جاري ٿيل آهن. وينزويلا تي حملو آمريڪا جي ان سامراجي نفسيات جو تسلسل آهي، جيڪا گذريل صديءَ کان جاري آهي. جنهن تحت ڪيترائي ملڪ تباهه ڪيا ويا ۽ چونڊيل حڪومتن کي ڪيرايو ويو. لبيا ۾ نيٽو جي مداخلت ذريعي معمر قذافي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. شديد بمباري ڪري ملڪ کي کنڊرن ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ قذافي کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو لبيا اڄ تائين خانا جنگي ۽ بدامني جي باھه ۾ سڙي رھيو آھي، جتي لکين ماڻهو بي گهر، بيروزگار ۽ بک جو شڪار آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه جمهوريت بحال ڪرڻ جي نالي تي ڪيو ويو. شام ۾ داعش خلاف جنگ جو جواز پيش ڪري مداخلت ڪئي وئي، پر اصل مقصد دهشتگرد تنظيمن کي فوجي تربيت ڏيڻ ۽ مالي مدد فراھم ڪرڻ ھو ته جيئن بشارالاسد جي حڪومت جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ ان پوري علائقي تي آمريڪا جو ڪنٽرول قائم ڪري سگھجي. عراق ۾ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو ڪوڙو بهانو بڻائي مداخلت ڪئي وئي ۽ جمهوريت بحال ڪرڻ جو ڪوڙو نعرو لڳائي لکين بيگناهه انسانن کي قتل ڪيو ويو. گوئٽي مالا ۽ چلي ۾ عوامي حڪومتن خلاف سازشون ڪيون ويون. چلي ۾ جمهوريت پسند اڳواڻ سالواڊور آلينڊي کي قتل ڪيو ويو ۽ ملڪ تي جنرل پنوشي جي خونخوار آمريت مڙهي وئي. بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائي وئي. ڇو ته آمريڪا کي بنگلاديش جي سينٽ مارٽن ٻيٽ تي فوجي ھوائي اڏو قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ھئي ۽ بنگلاديش اھو ٻيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ايران ۾ محمد مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ شاهه پهلوي جي آمريت قائم ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته محمد مصدق ملڪ جي تيل جي دولت کي قومي ملڪيت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اھو فيصلو ھن جو سڀ کان وڏو ڏوهه بڻيو. اھڙي طرح 3 جنوري تي وينزويلا ۾ ٿيل مداخلت به ساڳي سامراجي خوني راند جو حصو آهي، جنهن جو اصل مقصد وينزويلا جي تيل جي دولت تي قبضو ڪرڻ آھي ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت کي ڪيرائي واشنگٽن جي اشارن تي هلندڙ ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪرڻ آهي. نڪولس مادورو جو ڏوھه اھو آھي ته ھن آمريڪي بالادستي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوگو شاويز جي واٽ تي هلندي ملڪ جي تيل جي دولت کي غريب عوام جي صحت، تعليم ۽ بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪيو، انھيءَ ڏوهه جي سزا طور وينزويلا تي سخت معاشي پابنديون مڙهيون ويون، مادورو تي منشيات جي اسمگلنگ جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا ۽ مادورو جي گرفتاري تي 50 ملين ڊالر جو انعام مقرر ڪيو ويو. ھاڻي جنوري 2026ع جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي نئين حملي جي تياري ڪري رهيا آهن. جڏھن ته آمريڪا وينزويلا کانپوءِ ڪولمبيا تي به حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي ھن غنڊا گرديءَ تي اقوام متحده خاموش آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا وٽ ويٽو پاور آهي، پر تاريخ گواهه آهي ته ڪوبه سامراج هميشه لاءِ قائم نه رهيو آهي. رومي سامراج کان وٺي برطانوي سامراج تائين سڀئي وڏيون سلطنتون آخرڪار پنهنجي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ زوال جو شڪار ٿيون آھن ۽ آمريڪي سامراج جو انجام به ان کان مختلف نه هوندو. ڇو ته ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا مظلوم ۽ محنت ڪش عوام سامراجي بالادستي خلاف متحد ٿي رهيا آهن ۽ آمريڪي سامراج لاءِ قبر کوٽي رهيا آهن.