بلاگنئون

پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن جو اڻ کٽ داستان؟

اوائلي دور کان وٺي ڌاريان سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ڪندا رهيا آهن. سيدن، عربن، ارغونن، تاتارين، ترخانن، افغانين، برمين، بنگالين، بهارين ۽ مهاجرن سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي اڃان تائين لٽ مار جو سلسلو برقرار رکيو پيا اچن. تعصبي ٽولي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ان دور جي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني هئي ۽ قانوني مسودو تيار ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ دشمني ۽ سنڌين سان نفرت جي جهلڪ چٽي نظر اچي رهئي هئي، جيڪي بنگالي بنگلاديش جي جنگجو تنظيم مڪتي باهني جا ساٿاري هئا، جن بنگالين پاڪستان کان بنگلاديش کي الڳ ڪرڻ ۾ مڪتي باهني جنگجو تنظيم جي کلمکلا مالي مدد ڪئي ۽ جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو ته اهي مڪار بنگالي پاڪستان ڇڏي بنگلاديش لڏپلاڻ ڪري هليا ويا هئا جيڪڏهن انهن تعصب پرست بنگالين جون پاڪستان ۾ ڪي مال ملڪيتون رهجي به ويون هونديون ته اهي ڪهڙي قانون مطابق پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالين کي ڏنيون وڃن. بهرحال بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو ۽ اهي مڪار بنگالي پاڪستان ڇڏي بنگلاديش هليا ويا، انهن جون مال ملڪيتون سنڌ يا ڪنهن ٻئي صوبي ۾ رهجي به ويون هونديون ته بين الاقوامي قانون مطابق ان صوبي جي ملڪيت تصور ڪيون وينديون.

درحقيقت پاڪستان ۾ ستهتر سال گذرڻ باوجود به ايم ڪيو ايم جي تعصباتي سوچ ۽ نفرت جي هڪ جهلڪ سنڌ ۽ سنڌين سان دشمني جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. ان دور جي وفاقي وزير قانون فروغ نسيم قانون پاس ڪرائڻ چاهيو پئي ته جيئن پاڪستان ۾ جيڪي بنگالي ملڪيتون ڇڏي بنگلاديش ويا هئا. اهي ملڪيتون پاڪستان ۾ موجود بنگالين جون تصور ڪيون وڃن ۽ انهن ملڪيتن کي پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالين ۾ تقسيم ڪيو وڃي، ان دور جي تعصبي وفاقي وزير قانون کي ڪو ايترو به سمجهائي نه سگهيو هو ته جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو ته بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتن جي وارثي بنگالين جي نه پر صوبي ۾ موجود گهر ڌڻين جي هوندي. هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو، سنڌ ڇڏي هندستان هليا ويا هئا ۽ انهن هندن جون سنڌ ۾ ڇڏيل مال، ملڪيتون هندستان کان آيل مهاجرن جون ڪهڙي حساب سان ٿين ٿيون. پوءِ هي قانون به پاس ٿيڻ گهرجي ته اهي مال، ملڪيتون سنڌ ۾ رهندڙ هندن ۾ تقسيم ڪيون وڃن. هندستان کان لڏپلاڻ ڪري آيل مهاجرن جي لوڌ اڃان تائين پاڻ کي پاڪستاني سڏائڻ به پسند نٿي ڪري اهي اڃان تائين پنهنجي سڃاڻپ مهاجر سان ڪرائي رهيا آهن. جڏھن ته اهي فسادي تعصب پرست پاڪستان جي سياست کان وٺي مال ملڪيت ۾ برابر جا شريڪ بڻيا ويٺا آهن. ان دور جي تعصبي وفاقي وزير قانون فروغ نسيم جنهن تنظيم جي پليٽ فارم تان قانون جو وفاقي وزير بڻيو هو اها ايم ڪيو ايم قتل غارت جي بنياد تي ٺهيل بلڊنگ آهي. ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين پاڪستان جي هر بين الاقوامي فورم تي مخالفت ڪندي پاڪستان خلاف نازيبا الفاظ ڳالهائيندو رهيو آهي، ايتري قدر جو هن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان تقرير ڪندي پاڪستان مخالف نعره هڻايا هئا ۽ هندستان کي پاڪستان خلاف حملي جي دعوت ڏيندو رهيو هو ۽ فروغ نسيم جهڙا ملڪ دشمن پاڪستان خلاف سازشون ڪندا رهيا.

پاڪستان جي اسيمبلين ۾ ويٺل محب وطن ميمبرن ۽ سينيٽرن هينئر تائين ڪو قانون هنن سازشين خلاف پاس نه ڪرائي سگهيا آهن. ڇا انهن محب وطن معزز سينيٽرن ۽ ميمبرن کان دهشتگردن ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ڪارروايون، ٻوري بند لاشن جا تحفا، بلديا ٽائون فيڪٽري وارو واقعو، ٻارنهن مئي تي ڪراچي ۾ انسانن جو قتل عام، ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا وسري ويا آهن. بيروني قوتن جا ايجنٽ ايم ڪيو ايم جا غنڊا ڪراچي جي سڙڪن تي سر عام انسانن جي خون جي هولي کيڏندا رهندا هئا، اڄ اهي ايم ڪيو ايم جا تعصبي حڪومت جو حصو بڻجي ملڪ ۾ تعصب پرست سوچ جي عڪاسي ڪري رهيا آهن، فروغ نسيم  ۽ ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ صرف سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي سنڌ دشمن ڪاررواين ۾ ملوث ايم ڪيو ايم ۽ ملڪ دشمن ڌارين جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي يا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پٽيشن داخل ڪري اهڙي قانون سازي کي جڙ کان اکيڙي ڦٽو ڪرڻو پوندو اگر سنڌ جا باشعور خاموش ٿي وقت جو انتظار ڪندا رهندا ته هي بي ضمير ايم ڪيو ايم جا تعصبي سنڌ ۽ سنڌين جي مال ملڪيتن ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويندا. سنڌ جي قومپرستن، ساڃاھ وند، اديبن، دانشورن، قلمڪارن کي هاڻي سجاڳ ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسين اڃان به هنن کي ڊگهو رسو ڏينداسين ته يقين ڪريو اهو رسو هي اسان جي ڳچين ۾ وجهي اسان کي لٽڪائڻ ۾ ذرا برابر به دير نه ڪندا.

سنڌ کي ڌاري لوڌ پنهنجي جاگير سمجهيو ويٺي آهي. هاڻي ته ڪراچي کان وٺي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ افغانين جا هجوم لڳا پيا آهن، ڇا وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سرڪار کي انهن غير قانوني پناهگيرن جي لوڌ نظر نٿي اچي يا انٽيليجنس جا ادارا انهن افغان پناهگيرن جي ڪڌن ڪرتوتن کان واقف نه آهن. ملڪ ۾ اسلحو جي اسمگلنگ، منشيات فروشي، هر غير قانوني ڪم ۾ افغان پناهگير ملوث هوندي به پاڪستان سرڪار الائي ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڪڏھن ڪڏھن آئون ائين محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ اسان سنڌي سنڌ ڌرتي تي ڌاريان آهيون. آخر ڪيستائين سنڌ ۽ سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار رکيو ويندو. سنڌ جي وسيلن جي لٽمار ۽ نسلي تعصب ڪڏهن اختتام پذير ٿيندو. دنيا جا پٺ تي پيل ملڪ تيزي سان ترقي طرف وڌي رهيا آهن. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به ترقي ناهي ڪري سگهيو، چور لٽيرن ملڪ جو خزانو لٽي پاڪستان کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. نسلي تعصب، فرقا پرستي، ڪرپشن عروج تي هجڻ جي ڪري پاڪستان ڏينهون ڏينهن غير مستقيم ٿيندو پيو وڃي.

نااهل اسان جو مالهي آهي

معصوم گلن جو ڇا ٿيندو.