بلاگخاصنئون سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ان جو حل May 7, 2024 Zahida Abro سنڌ جي تاريخ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو وجود ئي ڪونه هو پر، ڪجھ قابض ٻاهريون قوتون جن سنڌ تي مختلف دورن ۾ قبضا ڪيا ته انهن تي سنڌ جا ماڻھو عددي اڪثريت ۾ گھٽ ھجڻ سبب ڇاپا مار يا گوريلا انداز ۾ حملا ڪندا ھئا ۽ انهن کي راتاها ڏيئي نقصان پهچائي انهن رهزنن کي سنڌ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪندا هئا. ويجهي ماضيءَ ۾ انگريز خلاف مختلف جماعتون يا ٽولا حملا ڪري ڪارروائيون ڪندا هئا انهن ۾ سر فهرست حر گوريلا تحريڪ هئي جيڪا سورهيه بادشاھ پير صبغت الله شاھ راشدي جي قيادت ۾ انگريز سامراج خلاف کليل گوريلا جنگ هئي جنهن کي گورو سامراج ڌاڙيلن جا حملا ڪري سڏيندو هو. جنهن حر تحريڪ انگريز کي ٽوٽا چٻرائي کين ڪمزور ۽ نستو ڪري سنڌ مان ڌڪي ڪڍيو. ستر جي ڏھاڪي تائين سنڌ ۾ “کاٽ” هڻي چور چوريون ڪندا هئا تڏھن ته هي چوڻي مشھور ٿي ته: “اڪيلي چوري کير ڪٽوري” مقصد ته ان دور ۾ ڏاڍو مڙس چور اڪيلو نڪرندو هو پوءِ ڀت کي سوراخ ڪري “کاٽ” هڻندو هو ۽ ڀاڳين يا مالڪن جي ننڊ ۾ ھئڻ جي صورت ۾ مال متاع جي چوري ڪندو هو يا وري ڪو ڍور ڍڳو ڪڍي ويندو هو. سندس هٿ ۾ لٺ يا ڪهاڙي هوندي هئي. پر، جڏھن جنرل ضياءُ راتاهو هڻي ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪيو ته هن کي حڪومت کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ سامراجي قوتن جو ساٿاري ٿيڻو پيو. آمريڪا روس جو اثر وڃائڻ لاءِ جنرل ضياءُ کي پنهنجو مهرو بڻايو ۽ افغانستان ۾ روس جي وڌندڙ اثر کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ جهادين جي پيداوار ڪئي ۽ مذھبي جماعتن کي ڊالرن سان خريد ڪري اھڙا خطبا ڏياريا جو سنڌ سميت پاڪستان جا ماڻھو آمريڪا جي مفادن واري جنگ کي اسلامي جنگ طور ظاهر ڪري وڃي افغانستان ۾ روس ۽ سندس اتحادين خلاف جنگ وڙھي شھيد ۽ غازي ٿيا. هتي وري مسجدن ۾ سندن فتح لاءِ پئي دعائون گهريون وينديون هيون ۽ ٻين مسلمان نوجوانن کي طالبان ۽ ان جي اتحادين سان گڏجي جنگ وڙھڻ جي ترغيب پيا ڏيندا هئا. اھي ٽولن جا ٽولا پشاور يا چمن مان وڃي افغانستان ۾ داخل ٿيندا هئا. کين افغاني ڪلاشنڪوف سميت ٻين هٿيارن جي ٽريننگ ڏيئي وڙھڻ لاءِ محاذن تي موڪليندا هئا. جڏھن روس ٽُٽو ۽ آمريڪا پاڪستان حڪومت کان هٿيارن جو آڊٽ ڪرائڻ جو چيو ته هتان جي انتظاميه هٿيار رکڻ واري ڊپو اوجڙي ڪيمپ کي ڌماڪا ڪرائي تباھ ڪيو. نتيجي ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد بمن ۽ ميزائلن جي ڌماڪن سان گونججي اٿيو ۽ ڪيترائي ڏينهن ميزائل خلق خدا تي وسندا رهيا ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. افغان جنگ جي خاتمي کانپوءِ اتان جا افغاني ڪلاشنڪوف سميت ٻين هٿيارن ۽ ھيروئن سميت پاڪستان پهتا. کين خريدار گهربل هئا. هنن سنڌ ۾ قبائلي يا برادرين جا جهيڙا ڪرائي پنهنجن ڊيلرن معرفت ڪلاشنڪوف سميت ٻيا آٽوميٽڪ هٿيار کين ڳوٺن ۾ پهچائي ڏنا ۽ ائين سنڌ ۾ بارود جي بوءِ پکڙجي وئي. برادري تڪرارن ۽ جديد هٿيارن سبب نوجوانن جو ڦرن ڌاڙن ڏانهن رجحان ٿيو ۽ پرامن سنڌ شام ٿيندي ئي سنسان ٿيندي وئي. پر، اهي پرو چانڊئي جهڙا ڌاڙيل عورتن ٻارن ۽ غريبن خلاف ڪارروائيون ڪونه ڪندا هئا. جيڪڏھن ڪا عورت سندن اڳيان اچي ويندي هئي ته کين اجرڪ پهرائي واپس هليا ويندا هئا. سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌيءَ جي گهرواري بلقيس ايڌي هڪ قصو ٻڌائيندي آھي ته اسان ڪراچي کان سکر ڪار تي وڃي رهيا هئاسين رستي ۾ اسان کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو، جڏھن کين خبر پئي ته اسان عبدالستار ايڌي ۽ ان جي خاندان کي اغوا ڪيو آھي ته هنن اسان کان معافي ورتي ۽ اسان کي اجرڪ پهرائي کيسن مان پئسا ڪڍي چندو به ڏنو. اھڙي خدا شناسي اڳين ڌاڙيلن ۾ ھئي. پر، هن وقت سنڌ ۾ بي ضمير ڌاڙيل پيدا ٿيا آھن جيڪي عورتن جي آواز ۾ ماڻھن کي هرکائي گهڻو ڪري ضلعي گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ گهرائين ٿا ۽ جهنگ ۾ زنجيرن سان ٻڌي وحشياڻو جنسي ۽ جسماني تشدد ڪن ٿا. کانئن ئي ڀنگ جو مطالبو ڪرائين ٿا. هڪ نجي ڪچهريءَ ۾ موجود مخصوص انداز رکندڙ هڪ قبيلي جي سردار کان جڏھن انهن ڏوهارين بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته علائقي ۾ موجود ڏوهارين مان ڏھ سيڪڙو اهڙا ڌاڙيل آھن جيڪي اسان جو ڪجھ نه ڪجھ چيو مڃيندا آھن، باقي نوي سيڪڙو ڏوهاري اسان جي به ڪونه مڃيندا آھن. اسان پاڻ کانئن پاسو وٺندا آھيون. ڇو ته هنن وٽ راڪيٽ لانچرن سميت اينٽي ٽينڪ گولا پڻ آهن جن هٿيارن کي منهن ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالھ نه آھي. هن چيو ته پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇو نٿا سندن خلاف ڪارروائيون ڪن، ڇا کين اسان روڪيو آھي. پر، انهن خطرناڪ هٿيارن جي سامهون ٿيڻ کان پوليس به لهرائي رهي آھي. ڇو ته ڪيترا ڀيرا پوليس کي آپريشن ڪرڻ سبب تمام ڳرو جاني نقصان پيو آھي. ٻيو ته سندن اي پي سي چين جنهن کي بڪتربند گاڏي سڏين ٿا سا به ڌاڙيلن جي گولن کي منهن نٿي ڏيئي سگهي. پوليس جي مختلف آفيسرن نجي ڪچهرين ۾ ٻڌايو ته ڌاڙيلن وٽ تمام گهڻا خطرناڪ هٿيار آھن جن جو مقابلو سنڌ پوليس جا هٿيار نٿا ڪري سگهن. جڏھن ته بڪتربند گاڏيون به اسان جي جوانن کي نٿيون بچائي سگهن. ان ڪري هن وقت پوليس بيوس ۽ لاچار لڳي پئي آھي. ٻيو ته جڏھن اسان جي آءِ جي کي پنج ڪلاڪ حراسان ڪيو ويو هو ته ان وقت کان اسان پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪري رهيا آھيون. اصل مسئلو اهو به لڳي ٿو ته هٿيار کپائيندڙ ڌرين جا ڪيترائي ساٿاري آھن جيڪي کين هٿيار به پهچائين ٿا ۽ ڪنهن به ڌر کان آپريشن ڪرائڻ ۾ پڻ رنڊڪ وجهن ٿا. ڇو ته جڏھن سڄي ملڪ جي انتظاميه ۽ اسٽبلشمينٽ اهڙي ماحول کي ڏسي به خاموش آھي ته پوءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. پوءِ به وس آھر بسين ويگنن ۾ اعلان ڪرايون ٿا ته پنهنجو احتياط ڪيو ۽ ڪچي ڏانهن ويندڙ رستن تي به حفاظتي چوڪيون قائم ڪيون ٿا. پر، اهو سڀ ناڪافي آھي. ڇو ته هٿيار ڪي پي ڪي بلوچستان کان ڏکڻ پنجاب ۾ اچي ٿو، جتان سنڌ ۾ پڻ اچي ٿو ته اتي موجود چوڪيون به هٿيارن جي پهچ نٿيون روڪي سگهن ته پوءِ ڇا سمجهجي. ذريعن مطابق ته بدامني جو نوٽيس نه وٺڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به ڄاڻايو ٿو وڃي ته سنڌ جي تيل گئس وانگر ڪچي جون زمينون به طاقتور ڌرين جي اک ۾ آھن. هو چاهين ٿا ته بدامني ايتري ٿي وڃي جو انهن ضلعن جا رهواسي ۽ حڪومت ان ڌر کي اپيل ڪري جيئن هو آرام سان امن امان ڪرائي ڪريڊٽ پاڻ کڻن ۽ زمينن تي چوڪين بهاني قبضو ڪن ۽ عوام اهو سمجهي ته ڏوهارين کان اهي بهتر آھن ته جيئن اسان امن سڪون سان رهي سگهون. ان بدامني جو وڏو سبب دنيا ۾ سنڌ جو چهرو خراب ڪرڻ به آھي جيئن دنيا سنڌ کي ڪو خطرناڪ علائقو سمجهي سياحتي ۽ سماجي رابطا ختم ڪري. ياد رهي ته مختلف وقتن ۾ ان کان وڌيڪ سنڌ جو امن امان خراب ٿيو. پر، پوءِ طاقتور ڌرين ڪجھ ئي ڏينهن ۾ امن ڪرائي ڇڏيو. هاڻ به چاهين ته هٿيارن جي ترسيل روڪي انهن وانگارو ڌاڙيلن کي بي هٿيار ڪري سگهن ٿا. پر، پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ خوف ڀرڻ چاهين ٿا. ڪيترائي اغوا ڪيل ماڻھو مختلف ماڻھن جي ٽياڪڙي سان ڀنگ جا پئسا ڀري آزاد ٿي اچن ٿا. پر، هن لهر ۾ اغوا ڪندڙ جلدي ڀنگ وٺڻ خاطر اغوا ٿيلن کي اذيت ناڪ تشدد ڪري سندن وارثن ڏانهن وڊيوز موڪلي کانئن جلدي مطالبا مڃرائين ٿا. ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ ۾ اهي قهري ڪارروائيون جاري آھي ننڌڻڪا ماڻھون خوف ۾ حياتي گهارين ٿا. جيڪڏھن پوليس آپريشن ڏکڻ پنجاب ۾ شروع ٿئي ٿو ته اهي ڏوهارين جون گينگس اتر سنڌ ۾ پناھ وٺن ٿيون. جي سنڌ ۾ آپريشن اتر سنڌ ۾ ٿئي ٿو ته ڏوهاري راجن پور سميت بلوچستان ڏانهن ڀڄي وڃن ٿا. ان صورتحال جي گهڻي ذميواري صوبن جي سرحدن کي سنڀاليندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٿئي ٿي ته هو ڏوهارين سميت هٿيارن ۽ منشيات جي منتقلي روڪين جيئن مستقل امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ۽ سنڌ جا رهواسي امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن. ڪجھ ڏينهن پهريان ڪنهن طاقتور فرد وٽان هٿيار ۽ ڪجھ هزار گوليون هٿ ڪيون ويون پر، ڇا انهن هٿيارن جا ٺاهيندڙ به اهي ئي شخص آھن يا فيڪٽريون ڪنهن ٻي طاقتور ڌُر جون آھن. پوءِ ڇو نه انهن هٿيار ٺاهيندڙ يا اسمگل ڪندڙن تي ڪنٽرول حاصل ڪجي. ڇو ته جيڪڏھن قبيلائي جهيڙا يا اغوا ڪندڙن کي هٿيار ملندا رهندا ته لاقانونيت به پئي هلندي. سنڌ ۾ جنهن به ضلعي ۾ لاقانونيت هوندي آھي اتي جي ماڻھن کي ڌاڙيلن کان بچاءُ لاءِ اهڙا هٿيار عام طور تي رکڻا پوندا آھن، پوءِ اهو سنڌ جو ضلعو ڪنڌڪوٽ ڪشمور هجي يا ڪراچي پر، ان جو حل ملڪ جا اسٽيڪ هولڊر ئي ڪڍي سگهن ٿا. ان لاءِ ڪجھ تجويزون ڏجن ٿيون. 1. ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ھٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن جي سختيءَ سان آڊٽ ڪئي وڃي، جيئن اهي ضرورت کان وڌيڪ هٿيار نه ٺاهين. جيڪڏھن اهي فيڪٽريون وڌيڪ تعداد ۾ ھٿيار ٺاهينديون ته ضرور واهپيدار ۽ خريدار ڳولهيندا، جنهن سبب اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪچي وارا علائقا متاثر ٿين ٿا. 2. وفاقي ادارا، فوج ۽ رينجرس سميت بارڊرن تي سختيءَ سان چوڪسي ڪن ته جيئن افغانستان يا ٻين ملڪن مان هٿيار اسمگل ٿي هتي نه پهچي سگهن. 3. جيڪڏھن سنڌ پوليس جا هٿيار ۽ گاڏيون ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪمزور محسوس ٿين. (ڇو ته ڌاڙيلن وٽ اينٽي ٽينڪ راڪيٽ يا گولا هوندا آھن ۽ اهي پوليس جي بڪتربند گاڏين کي نقصان پهچائين ٿا) ته پوءِ فوج سميت رينجرس پوليس جي فوري مدد ڪري ۽ گن شپ هيليڪاپٽرن سان فوري طور تي اهڙن سماج دشمنن خلاف ڪارروائي ڪن. جيڪڏھن ضروري هجي ته ٽينڪ به ان مقصد لاءِ ڪتب ٿين. 4. ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ (رول آف لا) يعني قانون جي حڪمراني ضروري آھي، جيستائين رياست جا مالڪ ملڪ تي قانون جيڪو سڀني لاءِ ھڪ جهڙو هجي جيڪو ملڪ جي صدر، جنرل توڙي عام ماڻھو لاءِ ھجي تڏھن ئي هڪ بهتر رياست جُڙي سگهي ٿي. *** Post Views: 280