جڳ مشهور فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ۽ ان ڪيس ۾ موجود ڪردارن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جيڪو ڪميشن مقرر ڪيو هو، ان جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي.
جنهن تي سپريم ڪورٽ ان رپورٽ کي رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. اتي موجود ان وقت جي پئمرا چيئرمين ابصار عالم کي پڻ روسٽرم تي سڏ ڪيو ويو. ڇو ته ان جي بيان کي ڪميشن درست نه مڃيو هو جنهن بيان ۾ ابصار عالم چيو هو ته ان وقت جي (ڊي جي سي) جنرل رٽائرڊ فيض حميد مختلف حيلن بهانن سان مٿس دٻاءُ وجهندو رهيو، چوندو رهيو ته ڪهڙي چئنل کي هلائڻو آهي ۽ ڪهڙي چئنل کي بند ڪرڻو آهي، پر ڪميشن سندس انهيءَ بيان کي درست نه سمجهيو. ان جي ابتڙ ليفٽيننٽ (ر) فيض حميد جيڪو ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو هو، پر پنهنجو بيان لکت ۾ موڪليو هئائين. جنهن ۾ هن ابصار عالم جي ان الزام کي غلط ڪوٺيو هو. ان کي ڪميشن درست مڃيو آهي. ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو لکيو آهي ته ابصار عالم پنهنجي بيان جي ثابتي پيش ڪري نه سگهيو آهي. جڏهن ابصار عالم روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس کانئس پڇيو ته ڪميشن کانئس ڪهڙي ثابتيءَ جي گهر ڪري رهي هئي. جڏهن ته توهان بيان ڏيئي رهيا هئا ته جنرل (ر) فيض حميد توهان تي دٻاءُ وجهي رهيو هو، پر جنرل (ر) فيض حميد جي بيان کي جيئن جو تيئن آمنا صدقنا صحيح سمجهيو ويو. سپريم ڪورٽ اهو پڻ واضح ڪيو ته ڪميشن جي لاءِ جيڪي ٽي او آرز (ٽرمس آف ريفرنسز) مقرر ڪيا ويا هئا، ڪميشن انهن مطابق تحقيق نه ڪئي، نه ئي جاچ ڪئي، نه ئي سندس آڏو آيل بيانن تي انهن ڪردارن کان سوالن جي صورت ۾ جرح ڪئي وئي ته پوءِ ڪيئن سمجهون ته ڪميشن پنهنجو فرض ديانتداري ۽ ايمانداري سان پورو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چواڻي ته ڪميشن جي پوري رپورٽ ۾ بار بار ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪميشن جو ڪم صرف موصوف کي الزامن کان آجو قرار ڏيڻو هو، انهيءَ ڪري هي رپورٽ واپس ڪريون ٿا ۽ اٽارني جنرل کي حڪم ڪيو ويو ته 15 ڏينهن اندر اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته هيءَ رپورٽ عوام جي لاءِ پبلش ڪريون يا نه؟ جڏهن ان ڪميشن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ان وقت به سڀني ساڃاهه وند ماڻهن پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو هو ته ان ڪميشن مان ڪابه شيءِ واضح نه ٿيندي نه ئي الزام ۾ آيل ڌرين کي ڏوهي قرار ڏنو ويندو. ڇو ته اهي طاقتور ماڻهو آهن ۽ ٿيو به ائين ايستائين جو ٽي ايل پي جنهن ڌرڻو هنيو هو ۽ جنهن جي ڌرڻن جي ڪري لاهور ۾ 7 کان وڌيڪ بيگناهه پوليس وارا شهيد ٿيا هئا، ان پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ کي ڪميشن طلب نه ڪيو.
اسين سمجهون ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ ان وقت تائين بهتري نه ايندي جيستائين غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح نه چيو ويندو ۽ غلط کي غلطي جي سزا نه ڏني ويندي پوءِ ڀلي هو ڪيترو به طاقتور هجي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيندو ته پوءِ ملڪ ۾ بهتري جي آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي خواهش ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي ۽ اهوئي اسان کي هن ڪميشن جي رپورٽ ۾ نظر آيو. جڏهن سپريم ڪورٽ بيوس نظر اچي ته پوءِ عام ماڻهو کي انصاف ڪيئن پلئه پوندو، اهو ئي سوال گذريل 76 سالن کان ملڪ ۾ موجود آهي جنهن جو جواب اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ويجهي مستقبل ۾ ڪا بهتري ٿئي، اميد تي دنيا قائم آهي.