خاصنئون

برطانوي وزير اعظم  اڄ قوم سان خطاب ۾  استعيفيٰ جو اعلان ڪندي، بي بي سي

بي بي سي مطابق برطانيا جي وزير اعظم  ٿيريسا مي اڄ شام جو قوم کي خطاب ڪندي. برطانوي وزير اعظم   پارليامينٽ ۾ بريگزيٽ پلان جي ناڪاميءَ بعد دٻاءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي. جنهن سبب هوءَ استعيفيٰ ڏيڻ جوفيصلو ڪري چڪي آهي. جڏهن ته ڪنزرويٽو پارٽي جي قيادت کي ڇڏڻ جو اعلان ايندڙ مهيني ۾  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري بعد ڪندي. ٻئي طرف برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ٿيريسا مَي جي استعيفيٰ بابت ڊائوننگ اسٽريٽ پاران ڪابه پڌرائي نه  آئي آهي. ياد رهي ته جون 2016 ۾ هڪ ريفرينڊم ۾ 52 سيڪڙو برطانوي عوام يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هيو. جڏهن ته مخالفت ۾ 48 ووٽ پيا هيا. ٻئي طرف ٿيريسا مي يورپي يونين کان عليحدگي جي حق ۾ نه آهي ۽ برطانيا جو اڳوڻو وزير ڊيوڊ ڪيمرون به ان جو مخالف هيو.