بلاگنئون

ڪتاب: منهنجي سوچ- منهنجو قلم جو جائزو

ڪتاب منهنجي اَجھاڳ زندگي جي سفر ۽ تنهائيءَ واري ماحول ۾ منهنجا مددگار ۽ ڏکين گھڙين ۾ سفر جا سونها پئي رهيا آهن. اهو به وري پسند جو موضوع نثر ۾ ڪالم جو ڪتاب هجي ته ڳالهه منڊيءَ تي ٽڪ ٿيو پوي. اهڙا ڪتاب من کي موهي زماني جي درد ۽ پيڙا کي وساريو ڇڏين.

اخباري ڪالمن کي ڪهڙي صنف چئجي. ڪالم، لاءِ هر ليکڪ جي پنهنجي راءِ پئي رهي آهي. ڪالم صحافتي ادب يا ادبي صحافت ان پراڻي بحث بابت شيخ عزيز، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي هن ڪتاب: ‘منهنجي سوچ- منهنجو قلم’ جي صفحي 18 ۾ لکي ٿو: “اخباري ڪم کي تخليق ۾ شامل ڪجي يا جيئن گھڻا اديب عظام، اخباري صحافين کي تخليقي ادب ۾ شامل ڪونه ڪندا آهن؛ انهيءَ جو هڪ ڪارڻ آهي ته اخباري ڪم محض رپورٽن جي خبرن ۽ ٻين لکڻين کي ٺيڪ ڪرڻ هوندو آهي. ٽيڪنيڪي لحاظ کان صحافتي ادب ۽ ادبي صحافت ٻنهي صنفن ۾ واضح فرق موجود آهي. اخبار نويسي جا به ٻه وڏا دشمن آهن هڪ اسپيس ٻيو وقت.

ڪالم جو مطلب ڦري گھري تنهنجون منهنجون ڳالهيون ئي بيهي ٿو. جنهن ۾ هر لکندڙ جو موضوع الڳ پنهنجو ٿئي ٿو. ڪي ماحول ته ڪي سياسي، سماجي مذهبي ۽ ڪاروباري، ادبي، زراعت ۽ راندين تي لکن. ڪي وري پاڻي، ڌرتي، درياءَ، قوم ۽ عوام جي اهنجن تي لکن. جنهن جو محور ڌرتي ۽ ان جو عوام ئي رهي ٿو.

هاڙ، آرهڙ جي انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن ڪانوَ جي اک نڪري ۽ پگهر ماڻهو جي کڙيءَ کان نيسارا ڪري وهي، انهن ڏهاڙن ۾ مانواري ڀيڻ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبا پنهنجا ٻه ڪتاب تحفي طور موڪلي ڏنا. سي به نثر جا پوءِ ته واهه وا ٿي وئي. ڪتاب ڏسڻ سان گرميءَ جو احساس ئي ڀلجي ويو. ٽي سي ايس جو لفافو کولي ڏٺم ته انهن ۾ هڪ ڪتاب: “منهنجي سوچ- منهنجو قلم” ڪالم، مُهاڳ ۽ تبصرن تي مشتمل 279 صفحن جو شاندار ڪتاب هو جنهن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ان کي هٿ ۾ کڻي پڙهڻ شروع ڪيم. سانوڻيءَ جي صبح باک ڦٽيءَ مهل ڪتاب هٿ ۾ کڻي ويهندو هيس ته ڪچڙي منجھند تائين گھر جي اڱـڻ ۾ لڳندڙ ٿڌڙي هير ۾ ويهي پڙهندو هيس؛ جيڪو ٻن ڏهاڙن ۾ پڙهي پورو ڪيم. وري ڪتاب تي ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ پاران اُڪنڊ ۽ اُڪير سان لکيل ٻه اکر: “محترم ڀاءُ مولائي ملاحَ لاءِ نهايت خلوص مان.” تن سندس قرب جو قرضي ڪري وڌو؛ هاڻ لازمي ٿي پيو ته، ڪتاب ۾ شامل مواد تي پنهنجي عِلم ۽ عقل آڌار تبصرو لکي تحفي وصول ڪرڻ جو حق ادا ڪجي. جيڪو اهڙي قسم جو ڪم زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪري رهيو آهيان. منهنجي لکيل هن پهرين ڪتابي تبصري ۾ ڪافي ڪوتاهيون هونديون جن جي مهربان پڙهندڙ دوست اصلاح ڪندا. سندس ٻيو ڪتاب: “سڄڻ ساڃاهه وند ” هو جيڪو مختلف شخصيتن متعلق خاڪن ۽ تاثرن تي مشتمل آهي. جنهن تي به سندس ساڳيو ئي نوٽ لڳل آهي، جيڪو سهڻي ٽائيٽل سان 220 صفحن تي آڌاريل آهي. هي ڪتاب پهچڻ کانپوءِ ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ کي اطلاع واري ميسج ۾ لکيم: “ادي! توهان جا موڪليل خوبصورت ڪتاب پنهنجن ميرن هٿن ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي پيو محسوس  ڪريان، ياد ڪرڻ جي مهرباني.” فون ڪال ڪري چيائين، “ادا ڪتاب سجايو ئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن صحيح هٿن تائين پهچندو آهي.”

ڀيڻ! مان توهان جو ڪتاب: ‘منهنجو قلم، منهنجي سوچ’ هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهي ڇڏيو آهي. سڀ کان اول ته، توهان جي شخصيت لاءِ هي ٻه لفظ مونکي عجيب ٿا لڳن. ‘عورت ۽ پوڙهو’. ڀيڻ! توهان جي شخصيت صنف ۽ عمر جي ٻنڌڻن کان آزاد آهي. پوڙهو انسان جو جسم نه، پر ذهن ٿيندو آهي. اوهان  جو ذهن، سوچ اڄ به اسان کي اوهان جي عِلم ۽ قلم مان 18 سالن جي جوان ادي مهتاب محبوب جو احساس ڏياريندي آهي. سنڌ جي عوامي حقن ۽ سنڌ جي مظلوم عورت ۽ پورهيت جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيو، سنڌ جي مظلوم نياڻين کي عالمي دنيا جي شعور کان آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ۽ اتساهه ڏئي رهيا آهيو.

اوهان اڌ دنيا کي اکين سان ڏٺو آهي ۽ اتي عزت پڻ ماڻي آهي؛ پوءِ ڇونه اوهان کي پنهنجي سنڌ جي پوئتي پيل عوام جو الڪو ٿيندو. توهانجي سڄي حياتي علم، ادب ۽ جيجل جي جھوليءَ جهڙي مٺڙي ٻوليءَ لاءِ وقف آهي. جتي به رهيا آهيو اتي سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ ڪجهه ڪري آيا آهيو. اردو جي هن سٽ جيان: “جهان ڀي گئي، داستان ڇوڙ آئي.”

ڪتاب جو پهريون مضمون ئي “سنڌ جون عورتون ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سندن ڪردار” تي لکيل آهي. اهڙا مضمون لکي تاريخ جي بهادر عورتن سان سنڌ جي نئين نسل جي نارين ۽ عورتن کي روشناس ڪرايو آهي. اهي عورتون عظيم ڪردار جون مالڪ آهن جن سومرا دور ۾ وطن جي ويرين سان ويڙهه ۾ پاڻ ملهايو جن لاءِ سنڌ جي تاريخ لکي ٿي ته: “سومرا دور جون عورتون قابل ذڪر آهن، جن پنهنجي ديس کي ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به ميدان جنگ ۾ نڪري آيون. انهن ۾ تارا ٻائي، (دودي جي پهرين زال)، ٻاگھل ٻائي (دودي سومري جي ٽين ڀيڻ) موحو ٻائي (سنگھار جي زال)، ڪويل (ننگر سومرو جي مڱ) ۽ مالها (هاسي سوڍي جي زال) نه وسرڻ جهڙا ڪردار آهن.” انهن کان علاوه حُر تحريڪ ۾ به عورتون جنهن بهادريءَ سان انگريز سامراج خلاف جنگ جو حصو بڻيون اهو به تاريخ جو اڻ مٽ حصو آهي. مرد هڪ محاذ تي ٿي وڙهيا ته عورتون ٻين محاذن تي ٿي وڙهيون. جن ۾ اڪثريت سماٽ قوم جي هئي، انهن عورتن ۾ ڪيترين ئي بهادر عورتن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا؛ مُکي ٻيلو جن جي بهادريءَ جو زنده ثبوت آهي. آزاديءَ جي ويڙهه وڙهڻ وارن مان اڄ به اهڙا ڪيترائي شاهد جيئرا هوندا جيڪي، بصران خاصخيلڻ، زهرا عثمان، عصمت، مائي مريم، نوري، مرادان خاصخيلڻ، منان خاصخيلڻ، مائي سون ٻائي، لال خاصخيلڻ ۽ زينت، جا ڪارناما نئين نسل کي ٻڌائڻ لاءِ آتا هوندا. ڳوٺاڻي عورت مائي بختاور خاصخيلڻ، سندس مڙس جواني ۾ گذاري ويو، هن غربت ۾ پٽن سان گڏ زندگيءَ جو گاڏو پئي گهليو. هوءَ ‘هاري تحريڪ’ وارن جلسن ۾ وڃي تقريرون ٻڌندي هئي ۽ نتيجي ۾ ذهني طور ايڏي سجاڳ ٿي جو پٽن جي جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ اڪيلي سر پنهنجي حصي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ زمين تي ويهي رهي، اڪيلي سر احتجاج ڪيائين. انگريزن جي زور تي سندس ڇاڙتن زمين جي قبضي ڇڏائڻ لاءِ کيس ڊيڄاريو ڌمڪايو ۽ آخرڪار ماري وڌو. پر هوءَ ظلم ۽ جبر اڳيان نه جھڪي. هوءَ ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف احتجاج جي هڪ زنده علامت آهي.

ميڊم مهتاب صاحبا، پنهنجي قلم جي نيري نب سان سرجيل ڪالمن ۾ اهو به ٻڌايو آهي ته ڪردار ڪڏهن به مرندا ناهن هو ويس مٽائي تاريخ جي ورقن ۾ نئون روپ ڌاري ڪنهن صورت ۾ زنده رهندا آهن. بهتر سماج اڏڻ لاءِ عورت به مرد جيان ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي. ضرورت آهي اٽل ارادي سان ميدان ۾ ٻاهر نڪري اچڻ جي. رڳو سياسي ميدان ئي نه، پر ادب جي ميدان ۾ به ميڊم مهتاب اڪبر صاحبا، عورتن کي اتساهيندي لکي ٿي ته: “سنڌي ساهت ۾ ٿورڙين عورتن جو حصو ڇو؟” جهڙو مضمون لکي سنڌ جي نياڻين کي شعور ڏئي علم، ادب جي ميدان ۾ به مردن جيان اڳتي آڻڻ، وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ سُندري اُتم چنداڻي، ثميره زرين، پوپٽي هيرا ننداڻي، مهتاب محبوب ۽ خير النساءِ جعفري علامتون آهن معياري تخليقي ادب جون، پر… هتي وري شاعريءَ جي صنف ۾ وڏو خال نظر ايندو.” جيئن مرد جي ڀيٽ ۾ عورت شاعريءَ جي دنيا ۾ اهو مقام ماڻي نه سگھي آهي. جنهن کي “شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ نياز همايونيءَ جي صف ۾ بيهاري سگھجي.” سندس خواهش آهي ته عورت ليکڪا جو ادب جي دنيا ۾ اهو پاسو به سگھارو هئڻ گھرجي.

“صحتمند معاشري ۾ عورت جو ڪردار” جيڪو معاشري ۾ عورت جي ڪردار جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. سنڌ جي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي نياڻين ۽ عورتن کي اتساهه ڏيندڙ: “صحتمند معاشري ۾ عورت جو ڪردار” واري تبصري ۾ ميڊم مهتاب، پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي حالتن جو جيڪو اڀياس ڪالهه ڪيو. اهو 20، 25 سالن بعد اڄ سچ ثابت ٿيو. دانشور ڪالهه کي نظر ۾ رکي حال تي سوچي ماضيءَ جي پيشنگوئي ڪندا آهن. تڏهن ته پاڻ به پنهنجي ڪالمن جي پهرين ٻنهي ڪتابن جو عنوان: “ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي” رکيو اٿس، جيڪو مونکي به ڏاڍو وڻيو. هن مضمون “منهنجي پياري نڌڻڪي سنڌ” ۾  شيخ اياز صاحب بابت لکي ٿي ته:“شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري دور کي هنگامه خيز دور چئجي ته غلط نه ٿيندو. هو هڪ شاعر ۽ سٺو انسان ضرور هو، پر انتظامي لحاظ کان ڪمزور هو. شيخ اياز، سنڌ يونيورسٽيءَ جي قابل ۽ ايماندار استادن جي صلاحن کي پنهنجي طاقت ۽ اختيار لاءِ هڪ چئلينج سمجھندي ذوالفقار علي ڀٽو کان هڪ اهڙي حڪم نامي تي قبوليت ورتي، جنهن سبب نه صرف پيپلز پارٽيءَ جي سياست سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جي ذهنن ۾ سواليه نشان بڻجي وئي، بلڪه شيخ اياز جي“سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو…..” واريون سٽون پنهنجي معنويت وڃائي ويٺيون. هڪ فنڪشن ۾ جنهن ۾ مان به موجود هئس ۽ فقير عبدالغفور (مرحوم) کي پنهنجي سامهون ڳائڻ کان روڪي به ڇڏيو هئائين.) ۽ شيخ اياز جو قوم پرستيءَ وارو بت پاش پاش ٿي ويو.

اِهو حڪم نامو سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ سياهه ترين حڪم نامي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن تحت، پروفيسر الياس ابڙو، خالد شهيد،  آخوند، مبارڪ تنوير، انور دين اڄڻ ۽ ملاڻو صاحب جهڙن پروفيسرن کي بيڪ جنبش قلم، نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو ۽ جيڪي پروفيسر يونيورسٽي ڪئمپس تي رهائش پذير هئا، تن کان ڇهن ڪلاڪن جي نوٽيس تي گھر خالي ڪرايا ويا. (ڪجھه سالن کانپوءِ ساڳئي “خطرناڪ” قرار ڏنل پروفيسر الياس ابڙي، شيخ اياز کان وائيس چانسلر جي چارج ورتي هئي ۽ کيس تمام عزت سان رخصت ڪيو هو.) اِهي هڙئي قابل احترام استاد ڇهن ڪلاڪن اندر پنهنجون رهائش گاهون خالي ڪري هليا ويا. استاد ڏسندا رهجي ويا.”  شيخ اياز صاحب جيترو ڀلو اديب، ليکڪ ۽ قومي شاعر هو ايترو ڀلو منتظم ثابت ٿي نه سگھيو. جنهن جو مثال سندس وائيس چانسلر ‘سنڌ يونيورسٽي’ ۽ ايڊيٽر: روزاني ‘برسات’ ڪراچي، آهي. هن مضمون ۾ شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽي واري  دور جي ڪردار جا ڇوڏا لاهڻ سميت ڪتاب ۾ کوڙ سارو جامع پنهنجي دور جي هڪ مستند تاريخ رقم ٿيل آهي. جنهن کي بار بار پڙهڻ ۽ پروڙڻ تي دل چوي ٿي.

“ائين ته ٿيڻو آ…” واري مضمون ۾ سنڌ جي وحدت ‘ون يونٽ’ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ اڳواڻن جا نالا کڻي ياد ڪرڻ، ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ ‘ون يونٽ’ جي حمايت ڪندڙ ڪردارن جا نالا کڻي انهن کي وائکو ڪرڻ. ميڊم حميده کهڙو جو هزار پيج جي ڪتاب کي رد ڪري، واقعن کي تاريخ ۾ چٽو ڪري پيش ڪيو آهي. جيڪو ون يونٽ تاريخ جو اڇو چٺو پيش ڪيل آهي. “ڏيئي جي وٽ سوريندا وڃو” هي مضمون ۽ ٻيا اهڙا ليک احاطو ڪن ٿا سنڌ جي انهن حالتن جو. هي ليک سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي آڌاريل آهن. جن تي بيباڪيءَ سان لکيو ويو آهي. ڪٿي به ادبي، صحافتي لفظن جي پٽاڙ ناهي ٿيل زندگيءَ جي هر فورم تي سنڌ جي ڪيس کي چٽو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. جيئن پ پ پاران ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مقاني ٻٽي قانون کي لاڳو ڪرڻ، سنڌ اسيمبلي جي ڪردار کي وائکو ڪرڻ، پ پ  جي سنڌ دشمن پاليسي جو انگن اکرن سان هڪ دور جو تاريخي دستاويز رقم ڪرڻ. وغيره جهڙا جرئتمندانه ۽ ‘درياءَ جي ڪپ تي ويهي واڳن سان وير وجھڻ’ جهڙا مزاحمتي ۽ بي خوف ٿي لکيل ليک آهن.

جامي چانڊيو جي ڪتاب: “سَندي جوڳيا ذات” تي اهڙي ته انداز سان مضمون جي عنوان: ‘فن، فڪر ۽ فلسفي جي ڪهڪشان’جو تبصرو ڪيو اٿس. علم، ادب جي ڄاڻ جي کاڻ ته اسان بزرگ ناميارن اديبن، ليکڪن کان ٻڌي ۽ پڙھي ھئي، پر آپا مھتاب اڪبر راشدي ته ذوالفقار ھاليپوٽو جي ڪتاب: “ساري ڌرتي پنھنجو ديس” جي مھاڳ: “ادب جي ڪا سرحد ناھي” لکي ڏات جي دنيا ۾، مردن کي به مات ڏئي ڇڏي آھي. ‘سسئي چوائي سا، مرد جنھن مات ڪيا.’

فقير محمد لاشاري جي ڪتاب: “سگھارو ھماليه ۽ ھيڻو ماڻھو” (سفر نامو)، ۾ فقير جي سوچ، لوچ ۽ شخصيت جو زبردست عڪس چٽيو اٿس. سندس ڏات کي پڙھندڙن تائين سھڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. “ھي واحد ايڊيٽر ھيو جنھن جي ايڊيٽوريل جا انگريزي ۾ ترجما ڪري مٿي موڪليا ويندا ھيا.” واھ وا زبردست ڄاڻ ملي ٿي. ناصر علي پنھور جي مھاڳ: “اڇو پاڻي لڙ ٿيو” ان مهاڳ ۾ ڪٿي به ڪتاب جو نالو ناھي ڏنو. شايد ته ڪتاب جو نالو ئي اھو آھي. ان ڪتاب تي لکڻ لاءِ ڪتاب: ’سنڌو، شينھن دريا’ کي باقائدي پڙھيو اٿس. سنڌو جي منھن تائين اسان جو يگانو يار گل حسن ڪلمتي (مرحوم) به پهتو ھو. جنھن ڪتاب: “ڪالاش: ڪافرن جو ديس (سفر نامو) به لکيو ھو. جنھن ۾ سنڌوءَ جي وات جو تفصيل ڏنو اٿس. ڪلمتي لکي ٿو: “ديوتائن جي ڌرتي ڪيلاش پربت: سنڌو ندي شينهن جي وات (senge khabab) مان نڪري اتر ڏانهن وهي ٿي: ص 45. وري ‘سنڌوءَ ۽ ڪابل جي سفر جي ڪهاڻي ’ ۾ لکي ٿو: “شيو مها ديو جي ڌرتي ڪيلاش پربت مان نڪرندڙ افسانوي حيثيت رکندڙ هن درياءَ جا به ديوتائن وانگر گھڻا نالا آهن. سنڌ، سنڌ ساگر، مهراڻ، اباسين، انڊس، سنگي ڪبب، سنڌو ۽ پورب درياءَ، قراقرم ۽ هماليه جي وچ واري حصي ۾ جتي هن جو ٻيٽ سوڙهو ۽ اونهو ٿيو پوي، ان هنڌ تي کيس پورب درياهه سڏيو ويندو آهي.

ميڊم! سچ اھو آھي ته خدا اوھان کي لکڻ جي وڏي ڏات ڏني آھي انھيءَ ڪري دل ۽ قلم جا به ڏاڍا سخي آھيو. ماھين ھيسباڻي جي شاعري جي ڪتاب: “تون” ۾ شامل شاعري ايتري متاثر ڪندڙ نه هئي جنهن کي توهان جي لکيل مُهاڳ مهان بڻائي ڇڏيو. سندس شاعري کان وڌيڪ اوھان جو مُھاڳ: “ڪپھه جو اڇو اجرو گل” وڌيڪ جاندار ھيو. جنهن ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ميڊم  مهتاب!  سليمان ابڙو، جي ڪتاب تي لکيل پنهنجي تبصري: “با اختيار عورت: سڌريل معاشري جو اهڃاڻ” ۾ سماج ۾ عورت جي ڪردار ۽ ان جي عظمت تي تمام تفصيل سان لکي سمجھايو آهي. هن جديد دور ۾ ڪالهه ۽ اڄ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ دنيا جي عورت ڪٿي بيٺي آهي. اها عورت جيڪا انساني سماج جوڙڻ وقت مرد جو ڀرجھلو بڻيل هئي. مرد کي پيرن ڀر بيهارڻ ۾ مدد ڪئي. دور جديد ۾ ان جي مذهبي، اخلاقي ۽ انساني حقن تي ڌاڙو هڻي ان کي هڪ محدود دائري تائين محدود ڪيو ويو آهي. ميڊم جي راءِ عورت جي حق ۾ تمام سگهاري، تاريخي ۽ انگن اکرن سان پيش ڪيل آهي. جنهن کي عام ماڻهو به آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجھي سگھي ٿو.

فاطمه زهرا  قاضي، جي درد ڪٿا تي مشتمل جهڙي ڪتاب: “آءُ جي اِهائي ذات” جي مُهاڳ: ‘سنڌ جي اڏول عورت’ ۾  جتي سندس دک درد، همت، حوصلي ۽ اورچائي جو ذڪر تفصيل ۽ بهادراڻي انداز سان ڪيو ۽ سندس ڪردار کي هر عورت لاءِ هڪ نمونو ڪري پيش ڪيو آهي؛ اتي ان طويل مُهاڳ جي آخر ۾ عورت جي مستقبل بابت ڏاڍي بي يقيني ۽ مايوسي محسوس ڪرائي آهي. سندس آخري لفظ ته: “منهنجو يقين آهي ته سنڌ جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي ئي رهندي” شايد ته مان هنن سٽن کي سمجھي نه سگھيو آهيان. ميڊم! ته سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جو حوصلو آهي. ان مان اهڙي مايوسيءَ جهڙي ڪابه اميد رکي ئي نه ٿي سگھجي.

سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر امر پيرزادي، جي ٻن ڪتابن: “عشق” ۽ “ فنا” تي ڪيل تبصري جي عنوان:‘عشق کان فنا تائين’ وارو تبصرو ڏاڍو جاندار  لکيل آهي. سندس لکيل هن طويل تبصري ۾ مونکي صرف امر پيرزادي جي هڪ شعر جي سٽ سمجھه ۾ نه آئي. ادي مهتاب، به بهتر لکڻ جي ڪوشش ۾ ان تان شايد ته تڪڙي گذري وئي آهي. اهو شعر آهي:

حياتيءَ ۾ خوشبو ڪئي سونهن آهي،

اَلا ! هي گلن جون ڄمارون  نه کسجو.

هاڻ جيڪڏهن لفظ ‘خوشبو’ جي تشبيهه ڪنهن ڇوڪريءَ سان يا ان جي نالي سان آهي، پوءِ ته سٽ لا جواب آهي . جيڪڏهن خوشبو _ سرهاڻ سان آهي ته ، اها زندگيءَ ۾ سونهن ڪيئن ٿي پيدا ڪري سگھي. ڇو ته خوشبوءَ، صرف محسوس ڪئي ويندي آهي نظر ناهي ايندي.

ميڊم مهتاب! هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن سان به متعارف ڪرايو آهي، جنهن کان نئون نسل اڻ واقف آهي. هن سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي البيلي شاعر عاشق نظاماڻي جي ڪتاب: “پيچرا ۽ پنڌ” (شاعري)، تي مُهاڳ:‘لفظن جي مصوري’ ۾ سندس شخصيت ۽ فن تي تفصيل سان لکي ٽن نسلن کي ساڻس متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ميڊم مهتاب، عاشق نظاماڻيءَ بابت پنهنجي واقفيت بابت هڪ هنڌ لکي ٿي: “ادا عاشق نظاماڻيءَ سان تعلقات کي ته چاليهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. چاليهه سال ته سڄي حياتي مثل آهن. منهنجي ۽ اڪبر صاحب جي شادي شده زندگي ته ڄڻ دستاويز جي صورت ۾ ادا عاشق  وٽ محفوظ آهي. اسان جي شاديءَ کان وٺي منهنجن ٻنهي ٻارن جي سالگراهن جون تصويرون، اسان جي پڪنڪن، سير سپاٽن، ڪينجھر ۽ ڄام شورو ۽ درياءَ سنڌ جي ڪنارن جون، نه ڄاڻ ڪيتريون تصويرون سندس ڪئميرا جي لينس مان نڪري اڄ اسان جي البم ۾ سينگاريل ۽ محفوظ آهن. ”

ميڊم مهتاب! پنهنجي ان ڪتاب جي ص: 262 تي منهنجي ڪتاب: “سوڀون سر گھرن” جي مُهاڳ جي عنوان: ‘عقيدتن کان حقيقتن تائين’ ۾ ڪتاب جي سڄي مواد جو لفظن ۾ عڪس چٽيو آهي.

ڪتاب جي آخر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام خوبصورت شاعر محترم نياز همايونيءَ جو انٽرويو: ماهوار رسالو “سوجھرو” ڪراچي جي چوڻ تي ڪيو. جنهن کي عنوان ڏنائين: “روپ نه ڪو ٻهروپ ”جيڪو علم، ادب، ڏاهپ  ۽ تاريخ جو حصو آهي. جنهن ۾ هن سنڌي شاعري لاءِ ڪجهه اڳ ڪٿيون ڪرڻ سان گڏ شاعري جي مقام ۽ عظمت تي سهڻي نموني ڳالهايو آهي. ڪجهه شين کي پڻ وائکو ڪيو آهي. هن ناميارن شاعرن جي فني صلاحيتن، مطالعي ۽ مشاهدي جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي. ڪارڙو تتر ڪيڙو ڪيڙو…..، (راقم: نياز همايونيءَ جو اشارو شايد شيخ اياز جي هن شعر ڏانهن آهي: شيخ اياز پنهنجي درد پيڙا کي ڪارڙي تتر جي زباني هينئن بيان ڪري ٿو:

ڪيڙو، ڪيڙو ڪوهه ڪرين،

ڇا تو سارين ڪارڙا، (شيخ اياز)

حوالو: هفتيوار ‘سنڌو’ مئگزين حيدرآباد، 5 کان 11 جنوري تائين،  مضمون: آگم کهاوڙ ص: 16  “راقم جو مشاهدو:  جڏهن ته ڪيڙو ڪيڙو ڪارڙو تتر نه پر بَگڙو، ايراني تتر ڪندو آهي.” ڌرتي، عشق ۽ شاعري ڇا آهي . اهو سڀ ڪجھه نياز همايوني جي هن انٽرويو مان پسي پڙهي سگھجي ٿو. سندس مڪمل انٽرويو پڙهڻ کانپوءِ منهنجي نظر ۾ نياز همايوني جو وڏي ۾ وڏو ڪم ڀٽائي جي شاعري کي فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ آهي. ميڊم کانئس هڙ پاسائون انٽرويو ڪري نون پڙهندڙن ۽ لکندڙن، شاعري سرجيندڙن کي ڌرتي سان عشق ۽ جديد ادب سرجڻ لاءِ وڏو اتساهه ڏنو آهي.

ڪتاب جي اندر ٽيڪنيڪل پيج تي ڪتاب جو نالو: ‘منهنجو قلم- منهنجي سوچ’ لکيل آهي. مُهاڳ ذوالفقار هاليپوٽو جو لکيل آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته مهاڳ لکڻ کان اڳ ڪتاب مڪمل ناهي پڙهيو. بس ميڊم سان پنهنجي احترام ۽ عقيدت ڀريو رشتو قائم رکندي تخليق تي مختصر اظهار ڪيو اٿائين. اداري پاران نوٽ: ۾ آفتاب ابڙو، ميڊم مهتاب، جي احترام ۾، پبلشر نوٽ لکڻ واري ٽيڪنڪ وساري ويٺو آهي. ان جو اهو مطلب ناهي ته کيس پبلشر نوٽ لکڻ جو ڏانءُ ناهي، پر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن  شخصيت سان گهاريل گھڙيون ماڻهوءَ جي ذهن تي اڻ مٽ اثر ڇڏينديون آهن جن کي هو وساري ناهي سگھندو. جڏهن ان شخصيت تي لکڻ ويهندو آهي ته نه ڳالهيون کٽنديون آهن ۽ نه قلم ٿڪبو آهي. بس اهڙن ڪجھه احسانن ئي نه چاهيندي به آفتاب ابڙي کي اهڙو پبلشر نوٽ لکڻ تي مجبور ڪيو هوندو.

هي ڪتاب رڳو پڙهي رکڻ جهڙو نه پر، هينئي سان هنڊائڻ ۽ لائبريرين  ۾ سانڍڻ جهڙو آهي. اميد ته علم، ادب، جا پارکو دوست ميڊم جي سنڌ جي عشق ۾ ڪيل هن قلمي پورهئي کي ضرور قدر جي نگاهه سان ڏسندا. ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل: صُهيب اڪبر راشدي، ٺاهيو آهي. ڪتاب 279 پيجن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ٽوٽل 42، مضمون شامل آهن. مُلهه: 1000 رُپيا اٿس، جيڪو پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، ڇپايو آهي.

***