اسحاق سميجو جي شاعريءَ جي ڪتاب
”مور نگر تي مينھن“ جو اڀياس
تازگيءَ ڀري شاعري
اسان وٽ الائي ڇو شاعري کي ”عيب“ ۽ شاعر کي ”واندو“ سمجهيو ٿو وڃي؟
اها مٿين ڳالهه پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٿو ڪيان… سفر ڪندي، ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪندي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ۽ ڏينهن هڪ هنڌ ته رات ٻئي هنڌ ان سڄي ”صورتحال“ کي سالن جي ”مختصر“ سفر کي مان سهيڙي اها مٿين ڳالهه ڪئي آهي.
اهو به ڏٺو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي تڪڙي اُڀار کانپوءِ اظهار جو وسيلو هر هٿ تائين آسانيءَ سان پهتو آهي ۽ اها خوشي/فخر لائق ڳالهه آهي. سو ڳالهه پئي ڪئي ته سوشل ميڊيا جي تڪڙ اڀار کانپوءِ ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ جون سهولتون پيدا ٿيڻ کانپوءِ اهو به ٿيو آهي ته هر پنجن ماڻهن مان چار شاعر بڻجي ويا ۽ هر چئن مان ٽن ڄڻن ڪتاب ڇپرائي مفت ۾ پوسٽ/ڪوريئر سروس جي وسيلي ماڻهن/دوستن ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيا. جن ڪتابن جي ڇپائيءَ جو تعداد به مشڪل سان ٽي سئو هجي ٿو!
ٿيو ڇا جو ان ”خيرياتي سروس“ ۽ غير معياري شاعريءَ جي ڦهلاءُ ۾ ”شاعريءَ“ جو اصل چهرو ڌنڌلو… ڌنڌلو ٿيندو ويو ۽ آخرڪار (ڀلي پوءِ ڪير ان سان متفق ٿئي يا نه اهو ضروري ناهي) پڙهندڙن جو ارواح شاعريءَ کان کڄي ويو آهي.
پر پاڻ هر سٺي شعر جا شوقين/عاشق آهيون… جيڪڏهن ٽن ڏينهن کان شديد بُک هجي ۽ جڏهن مانيءَ جو پهريون گرهه ڀڃي ٻوڙ ۾ ٻوڙجي ۽ ان وقت ڪنهن شعر جي ضرب مثل سٽ ڪن تي پوي ته في الوقت مانيءَ کي ڇڏي ان شعر جي سحر ۾ سوين ڪلاڪ رهڻ پسند ڪندم.!
ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ته ان سڄي صورتحال کي ايئن به سهيڙي سگهجي ٿو ته اهو سڀ پاڻ سان به ٿئي ٿو ته روز روز هڪ نه، ٻه نه، ڪيئي شاعريءَ جا مجموعا ڇپجي پڌرا ٿين ٿا ۽ جڏهن اهي خريدي پڙهجن ٿا ته پوءِ اڪثر اهڙن ڪتابن بابت اها راءِ جڙندي آهي ته:
”اسان وٽ ايڏا ته خوبصورت ٽائيٽلن سان ڪتاب ٿا ڇپجن جو ڏس ته اکيون ٺري ٿيون پون ۽ پڙهه ته هنيانءُ سڙي ٿو وڃي!“
پر جڏهن ”مور نگر تي مينهن“ جهڙو شعري مجموعو هٿن تان پهچي ٿو ۽ وري جڏهن پڙهجي ٿو ته پوءِ اها راءِ جوڙي سگهجي ٿي ته:
”سنڌي شاعريءَ جي سلطنت جي تخت تي اڃا تائين ”شاعريءَ“ جي حسين ڇوڪري ويٺي آهي!“
”منهنجي دل گهرندي آهي، ته مان سنڌ جي نقشي جو تعويذ ٺاهي، وڻ ٽڻ ۽ پکي پکڻ کي پارائي ڇڏيان.“-
ڪتاب (مور نگر تي مينهن) جو مهاڳ نامديو تارا چنداڻي ”نيلوفرن جي ڍنڍ“ جو سير ڪندي“ عنوان سان لکيو آهي ۽ رفعت عباس؛ اسحاق جي مجموعي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”هن (اسحاق) جي لکت (شاعري) جو نيلوفر جڳ جي وچ ۾ آسمان جو استعارو آهي“ ڪتاب جو مهاڳ انتهائي ڪارائتو ۽ شاعريءَ جو حق ادا ڪندڙ چئي سگهجي ٿو. نامديو تارا چنداڻيءَ اجائي ڊيگهه کان بچندي ڪتاب ۾ شامل سموري شعري صنفن تي عالماڻا راءِ ڏني آهي.
حبدار سولنگيءَ پنهنجي مضمون جي تمهيد ۾ شيخ اياز کان اياز گل تائين جي غزل کي سعيد ميمڻ، اسحاق سميجي ۽ اقبال رند جي غزل تي راءِ ڏني آهي. اها بلڪل سچائيءَ تي مبني آهي ۽ اياز گل جي اسحاق جي غزل تي راءِ آهي ته: ”سَوَ جي هڪ ڳالهه اسحاق سميجي جو غزل، اسحاق جو ئي غزل آهي.“
اسحاق سميجو جي وائي به پڙهڻ وٽان آهي. هو نه رڳو غزل لکندي غزل کي نئون رنگ ٿو عطا ڪري, پر ڪلاسيڪل صنف وائي لکندي به نون خيالن جي خزانن جا در ٿو کولي ڇڏي.
گل ڦٽو جو ڪونڊيءَ ۾،
تنهن کي ڪهڙي ڪلَ،
ته ڌرتي ڇا ٿيندي آ!
ننڍڙو ٻج ٻڌائيندو،
ڦوٽهڙي ڦلَ،
ته ڌرتي ڇا ٿيندي آ!
هو جڏهن ڪهڙي به شعري صنف لکي ٿو ته ان ۾ ڌرتيءَ جي ڌوڙ مان رنگ ٺاهي شعري تعميرات کي خوش رنگ بڻائي ڇڏي ٿو… اهڙيءَ ئي طرح هو جتي ڌرتيءَ کي ساري سڏڪي/مرڪي ٿو ته اتي ئي درد جي سٽ اُڀرڻ وقت ”آهه“ لفظ کي ”ماءُ“ لفظ جو ويس اوڍائي ڇڏي ٿو!
مون کي ماءُ ٻڌاءِ،
حل ڪو منهنجي حال جو!
چيري چندن ڪاٺ جئن،
هردي کي هڪ راءِ۔
مون کي ماءُ ٻڌاءِ،
حل ڪو منهنجي حال جو!
اوچو سور پهاڙ کان،
جيءَ ۾ ناهي جاءِ،
مون کي ماءُ ٻڌاءِ،
حل ڪو منهنجي حال جو!
ايڏي ننڍڙي زندگي،
هيڏي اذيت هاءِ،
مون کي ماءُ ٻڌاءِ،
حل ڪو منهنجي حال جو!
اسان کي تون مليو آهين،
اسان کي ڪجهه نه ٿو گهرجي!
انتهائي سگهارو گيت آهي، جنهن جي مهڙ واريون سٽون جهڙوڪ ”حوالو“ بڻجي سگهن ٿيون ته: ”اسان کي تون مليو آهين، اسان کي ڪجهه نه ٿو گهرجي!“
فٽ پاٿ ڀريل آ ٻارن سان،
جي سپنا ميڙن ڍيرن تان.
جن ماءُ ڏٺي آ فلمن ۾،
جن پيءُ ٻڌو آ ماڻهن کان!
”هيءَ دنيا!“
”اسڪول“ هڪ اهڙو نظم آهي، جنهن ۾ يادون ماضيءَ جي مزارن ۾ سُڏڪي ۽ مُرڪي رهيون آهن.
اچي ڏس جام جي جهل مل،
شديد ڪجهه شرابي ٿي!
متان کنڀجي وڃين اي دل، نه ايڏي انقلابي ٿي!
”دل کي هدايت“ مٿين سٽ جهڙوڪ هڪ حوالو/نعرو به آهي ۽ نظم جي اُڻت کان ويندي اختتام تائين مٿين سٽ پڙهندڙ جي جسم/رڳن ۾ رت جيان رقص ڪندي رهي ٿي!
”سنڌ“ هن نظم جي شروعات شيخ اياز سان مخاطب ٿيندي ٿئي ٿي ۽ نظم ۾ جيڪا ”سنڌ“ اياز صاحب جي خوابن واري آهي ۽ ان جي موجوده تصوير جيڪا اسحاق نظم ۾ چٽي آهي. اها ”سنڌ“… امر جليل جي لفظن ۾ ته: ”هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي!“
”قلندر لال سيوهاڻي!“ سگهارو نظم آهي، جنهن ۾ گرم جوشيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو ڪنارن کي چمندي ٻکجي ٿو وڃي!
”جنگ کان پهرين“ هڪ وڏو نظم پڻ آهي.
ساجن کي ته اچڻ ڏيو، سج جو ڏسجو حال،
ٻهڪي پوندي خوب ٻه پهري. ڪير ڏسي!
(سڄو غزل شاندار آهي!) اسحاق! وٽ اظهار جي جيڪا بي ڊپائي آهي. اها ئي سندس ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي ۽ اهڙي بي ڊپائي سندس پهرين شعري مجموعي ”صدا بي چين آهي“ جي غزلن ۾ به ڏسي سگهجي ٿي ته سندس اهم ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ ۾ به ڏسڻ وٽان آهي ۽ اهڙي بي ڊپائي/سچائي اسحاق جي هيٺ ڏنل ٽنهين شعرن ۾ ليئا پائي رهي آهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ تخليقڪار تڏهن ئي مڃتا جي تخت تي وڃي ويهي ٿو، جڏهن ان جي اندر ۾ بي ڊپائي/سچائيءَ جو چشمو ڦٽي/اٻڙڪا ڏئي تخليق جي شڪل اختيار ڪري ٿو.
متان پڙهي نه ڪو وٺي، ”ظلم سهڻ به پاپ آ“،
اسان جي مسجدن مان سڀ، قرآن گم ڪيا ويا!
خدايا! هاڻ ڇا ڪيون، وڙهي مرون. مري وڃون؟!
زمين ڪُل کسي وئي، زمان گم ڪيا ويا!
قصا چنيسرن سندا ڏنا ويا نصاب ۾،
رٿا سان دودلن جا داستان گم ڪيا ويا!
نه رڳو منظر نگاري پر جيڪا شعرن ۾ ڳالهه جو وسيع ڪئنواس ڏيکاري ۽ رديف ۾ سوال جو اڀري اچڻ ”ڪجي ڇا؟“ سان تخليق نه رڳو سگهاري پر ڌيان ڇڪائيندڙ به ٿي پئي آهي!
اگهاڙپ تي بڇان جائز، اي واعظ!
مگر فطرت اگهاڙي آ. ڪجي ڇا!
خدا هوندي مُلو دنيا هلائي،
هي دنيا ڪجهه جڳاڙي آ. ڪجي ڇا!
رات اوچي ٿي لڳي چين جي ديوار جيان،
جي ڊهي ٿي ته سٺو، نه ته پو منجهس در ٺاهيان!
هڪڙو گهوڙو ٿو ڊڪي روز دل جي قلعي تي،
هي فتح ٿئي ته نئين شهر جو منظر ٺاهيان.
مٿيان شعر جنهن غزل جا آهن. انهن شعرن جي منظر نگاري پنهنجي جاءِ تي، پر اهو سمورو غزل تاريخي منظرن سان ڀريو/چٽيو پيو آهي.
شاعريءَ تي لکڻ/ڳالهائڻ کان پهرين (خاص طور/مون سان) گهڻو سوچڻو پوي ٿو… ايترو ئي غور/فڪر ٿو ڪرڻو پوي… جيترو شاعريءَ لکڻ وقت سوچَ جي سلطنت ۾ ڊوڙڻو پوي ٿو!
شاعري… شاعري هوندي آهي. ان ۾ ٻين يا ٽين ڪابه راءِ نه ٿي رکي سگهجي ۽ جڏهن شاعري پاڻ ڳالهائي ته اڳلي کي خاموشيءَ سان ٻڌڻ گهرجي ۽ شاعريءَ مان محظوظ ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن شاعري غزل جي صورت ۾ سينگارجي/سنوارجي آڏو اچي ته ازخود ”ٿڌو ساهه“ ڀرجي وڃي ٿو ۽ پوءِ کن پل ۾ سيني اندر ”ٿڌاڻ“ جو احساس اڀري اچي ٿو.
اهڙيءَ ئي طرح ڪتاب ”مور نگر تي مينهن“ ۾ شامل جيڪي غزل آهن، انهن جو جڏهن اڀياس ٿو ڪجي ته اهو سچ چوڻو پوي ٿو ته: ”سنڌي غزل جو هي دور پوين سڀني دورن کان گهڻو مختلف ۽ ترقيءَ طرف اڳتي وڌندڙ/وڻندڙ آهي.“
مون مٿي ڳالهه ڪئي/لکي آهي ته: ”جڏهن شاعري پاڻ ڳالهائي ته اڳلي کي خاموشيءَ سان ٻڌڻ گهرجي ۽ شاعريءَ مان محفوظ ٿيڻ گهرجي.“ سو اهڙيءَ ئي طرح ڪتاب ”مور نگر تي مينهن“ مان چونڊ شعر هن اڀياس/مضمون ۾ بنا تبصري، هيٺ ڏئي رهيو آهيان… وڌيڪ شاعريءَ جي عاشقن کي دعوت ڏيندس ته اهي هن ڪتاب کي ضرور پڙهن.
هڪڙي سُڏڪي قئنچيءَ جئن، منظر ڪتريو، ڦاڙيو،
خنجر ڄڻ ته کتو پيو هو، تنهنجي منهنجي وچ ۾!
…
مون ڪالهه ٻُڌو هو ٻيلي ۾، ڪجهه ڦوٽهڙن پئي جهونگاريو،
هڪ ڪويل بلڪل مست هئي، ۽ مند ته ڄڻ مئخانو آ.
…
هيٺ پهاڙي نئين تي ڪنهن جو گهوڙو هڻڪيو؟
ٽڪريءَ تي مهتاب کڙيل هئا۔ ڪهڙي رُت آ!
…
پنڌ دل جو ڪٿي ته کُٽڻو هو،
ٽار هو، بار تي ته ٽُٽڻو هو!
…
مون کي مرڻو تنهنجي ڀاڪر ۾،
مون کي تنهنجي مٽيءَ مان ڦُٽڻو هو.
…
هن ائين ئي ڏٺو پئي تارن کي،
هن کي اک سان چنڊ چُٽڻو هو!
…
هر طرف گل هيا بهار کان اڳ،
ڪيترا خوش هياسين پيار کان اڳ!
…
هڪ ڦٽاڪي تي هيسجي ويو جهنگ!
خوف ماريا پکي، شڪار کان اڳ!
…
توکان ڇڄي جيئان ته ڀل ڦٿڪڻ ڏجان مون کي،
اُس ۾ جَلڻ ڏجان، نه ڪڏهن وڻ ڏجان مون کي!
…
جيءُ ڪنهن جاءِ تي جچي، ته جيئان،
مون کي تو بن جيئڻ اچي ته جيئان.
…
لڙڪ لکي پراڻي ڪاپيءَ تي،
”مينهن“۔ عنوان ۾ لکي آئي.
سڄو غزل انتهائي سٺو/سگهارو آهي… خاص طور جيڪا قافيي جي پيشڪش ۽ رديف جي بندش محنت/محبت سان اڻيل آهي.
…
واڻ وانگر، ڪڍي اندر پنهنجو،
ويهي وٽجي، ته ڪجهه سڪون ملي.
ڪرب/اذيت کان ويندي اندر جي اٿل/جذبي کي هڪ شعر ۾ اظهارڻ اسحاق کي نه رڳو اچي ٿو، پر شعر ۾ ساهه ڦوڪڻ به اچي ٿو.
مٽيءَ تي جيئن لٿا آهن ته هڪڙو پل سُتا ناهن،
جُتي پائن نه ٿا، پيرن کي ڪجهه ڪم ڪار پاتل آ
صفحي ١٢٤ تي ڏنل غزل جا مُهڙيان چار ئي شعر ڇڏي صفحي ١٢٥ تائين ساڳي ئي غزل جا اٺ ئي شعر هڪ الڳ/مڪمل غزل آهي. ان غزل جا سڀئي شعر (مسلسل) حيرتن ۾ اُڇلي ڇڏيندڙ آهن. اهو غزل پڙهي ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته: ”ها! شاعري ايئن ئي ڪبي آهي!“ وڌيڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته: ”شاعر معاشري جا استاد/ڊاڪٽر/نبض شناس هوندا آهن!“
هڪ خدا، هڪ رسول، هڪڙي سنڌ!
باقي سڀ ڪجهه فضول هڪڙي سنڌ!
…
ڳڻائي پئي سڀن جاگير پنهنجي،
اسان ڇا چئون،اسان وٽ شاعري هئي.
نه رڳو شاعري پر ادب جي هر صنف ۾ اهو ئي تخليقڪار نمايان ٿي سگهي ٿو، جيڪو ”ڪجهه نئون“ ڪري سگهڻ جو ساهس ڌاري ٿو. شاعري جهڙوڪ ته سڀ ڪو لکي ٿو… اسان وٽ شاعريءَ کي ”سولو/ سستو“ پيش ڪيو ويو آهي! هروڀرو ايئن جيئن آڱر وڍرائي شهيدن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جو حربو هلائبو هو/آهي! بلڪل ايئن ئي ٻيو نه ته نثري نظم جي نالي ۾ ئي ڪو جملو لکي شاعري/نثري نظم جي ”توهين“ ڪري جتي پاڻ کي شاعر پيش/سڏايو وڃي ٿو… ۽ پوءِ انهن جي عمر اها آهي ”پاڻيءَ جو ڄڻ ڦوٽو“ ۽ بس.!
پر اها شاعري/شاعر ڪڏهن به نه مرندي/مرندو جنهن ۾ قافيي/رديف جي نواڻ ۽ نڀاءُ کان ويندي خيال جي خوبصورت عڪس بندي ٿيل هوندي. اسان کي اسحاق سميجي جي هن شعري مجموعي (مور نگر تي مينهن) ۾ جابجا قافيي ۽ رديف جي نواڻ کان ويندي خوبصورت خيالن جي عڪس بندي نه رڳو نظر ٿي اچي، پر انهن سان نڀاءُ اهڙو آهي، جهڙو پرينءَ سان نينهن نڀائڻ… سندس هيءُ رديف آهن، جيڪي اڳتي هلي، اسحاق جي غزل جي وڌيڪ سگهاري سڃاڻپ بڻبا.
”شيلف ۾ ڪتاب ڪجهه“، ”ته ان جو پوءِ حل ڇاهي؟“، ”هلندينءَ هلي سگهندينءَ!“، ”ڪرڻ کان اڳ ۾ سوچ“، ”رهي آ شام جي“، ”ڪيئن بيٺا هئا!“، ”گم ڪيا ويا“، ”تنهنجي منهنجي وچ ۾“، ”هُو ۽ مان“، ”يا جيون هو“، ”آهن ته آهن“، ”اداسي ۽ سگريٽ“، ”چُپ ۾“، ”هڪڙي سنڌ!“، ”موٽيا منهنجا نيڻ“، ”رات پهاڙن تي“، ”ڪهڙي رُت آ“…
….
مجموعي طور ڪتاب ”مور نگر تي مينهن“ جديد سنڌي شاعريءَ جو اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي اسان جديد سنڌي شاعري“ جو ”درپن“ چئي سگهون ٿا.
وطن تنهنجي مٽي اوڍي ستاسين،
اهو ئي کوڙ آ اعزاز هڪڙو.
***

