ھن جي آڏو ھڪ ڊگهو نانگُ، ڏارَ تي موجود ھو، جيڪو ھوريان ھوريان ھنَ ڏانھن رِڙھي رھيو ھو. نانگ جي زبان ھر ھر سندس وات مان پئي نڪتي. شُون جو آواز به نانگ جو ئي ھو.
“اڄ ته پيٽ ڀري کائيندس، واھه جو شڪار ھٿ آيو آھي.” نانگ زبان ڪڍي چيو ۽ وات ڦاڙي تيزيءَ سان پتڪوءَ ڏانھن وڌيو.
“شوزو، رومو، ياسو مون کي بچايو، مون کي بچايو.” پتڪوءَ ڏاڍيان چيو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين.