ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: پِتڪُو -ھڪ پِتڪڙو پوپٽ-5 (ويران بنگلو)

پتڪو هونئن ته ھڪ ڏاھو پوپٽ ھو، پر ڪڏھن ڪڏھن ڏنگو به ٿي پوندو ھو ۽ اھڙي حرڪت ڪري وجهندو ھو جنھن سان نه رڳو کيس، پر ٻين کي به پيڙا ٿيندي ھئي.

ھيل به سندس پتڪڙي ميڄالي ۾ نه ڄاڻ ڪيئن اِھا سوچ آئي ته روڊ جي ٻئي ڀر، ويران بنگلي جي پِپر واري وڻ جو چڪر ڏئي اچجي.

پتڪوءَ جي ڳالهه ٻڌي سڀ دوست ڊِڄي ويا.

“نه با، ان ڀوائتي گهر ۾ ڪير ھلندو؟ اھو ته جھڙوڪر ڪو جناتي بنگلو آھي.” روموءَ ڊپ وچان چيو.

“اتي ته ڪير به ناھي ھوندو. مان ته پپر جي وڻ تي ڪڏھن ڪو پکي به ويٺل ناھي ڏٺو.” شوزوءَ ٻڌايو.

“متان ان ويران بنگلي جا جن، پپر ۾ ئي رھندا ھجن. توبهه ڪيڏو وڏو ۽ گهاٽو وڻ آھي.” ياسوءَ ڪنبندي چيو.

“توھان ٽئي اجايون ڳالهيون پيا ڪيو. سڄو ڏينھن ھتي باغيچي ۾ ڦيرا ڏئي ساڳيون ساڳيون رانديون رَھڻ کان ڀلو آھي ته پاڻ پپر ڏانھن چڪر ھڻي اچون.” پتڪوءَ بيزاريءَ مان وراڻيو.

“بابا ۽ امان چوندا آھن ته سٺا ٻالڪ پوپٽ گهر کان پري ناھن ويندا.” روموءَ چيو.

سڀ ڪو ماٺ ٿي پتڪوءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.

“چڱو، توھان ڀلي نه ھلو. مان گهمي ٿو اچان.” پتڪوءَ مُنھن خراب ڪندي چيو ۽ گلاب جي گل تان اڏامي، ٻاھرين ڀت ڏانھن وڌيو.

“پتڪو، ويران بنگلي ڏانھن نه وڃ، جن توکي کائي ويندا.” ياسوءَ، ڳڻتيءَ وچان ڏاڍيان چيو.

پتڪوءَ کيس ڪابه وراڻي ڪا نه ڏني ۽ ڀت ٽپي، ويران بنگلي ڏانھن اڏامڻ لڳو.

پتڪوءَ جا ٽئي دوست پريشانيءَ وچان ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا.

پتڪو، اڏامندو سُتت ئي ويران بنگلي ۾ پھچي ويو.

ويران بنگلو سچ پچ ڄڻ ته ڪو جناتي گهر پئي لڳو. اڱڻ ۾ وڏو، ويڪرو ۽ گهاٽو پپر جو وڻ ڏاڍو ھيبتناڪ پئي لڳو. پپر جي پنن تي ڌوڙ ڄميل ھئي ۽ پاڻ مرادو ڦُٽي آيل ھڪ وَلِ جون ڊگهيون ٽاريون به نانگن جيان لڙڪي رھيون ھيون. ھيٺ پَٽ تي ڊَڀن جو ٻيلو پڻ ڦٽل ھو. گهر جي اندرين وڏي دَرَ ۽ ٽن درين تي ڄارا ڄميل ھئا. پتڪوءَ کي ڊپ ٿيڻ لڳو. ھڪ گهڙيءَ لاءِ ھن سوچيو ته موٽي وڃجي، پر دوستن جي کِلڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ جو سوچي ھُو موٽڻ بدران وڻ ڏانھن وڌيو.

پپر جي ھڪ وڏي پن تي ويھي ھُو وڻ جي اندرين ڀاڱي ڏانھن نھارڻ لڳو. اندر گهگهه اونداھه ھئي. ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانه پئي آئي. پتڪوءَ جي ته دل ئي ڪَنبي وئي.

“ڪٿي تون اندر وڃڻ لاءِ ته تيار ناھين؟ اوپرو آواز ٻُڌي پتڪوءَ نھاريو.

اتي ھڪ ڦِڪي رنگ وارو ڏينڀو ويٺو ھو.

“ڇو اندر ڪو خطرو آھي ڇا؟” پتڪوءَ پڇيو.

“ڪو ھڪ خطرو ھجي ته توکي ٻڌايان.” ڏينڀوءَ وراڻيو.

“ڪھڙا خطرا؟” پتڪوءَ اڃان پڇيو ئي مَسَ جو “شُڙُپ” جو آواز ٿيو ۽ تيزيءَ سان ڪا شيءِ آئي ۽ موٽي وئي. اھا شيءِ ايتري ته تيزيءَ سان آئي ھئي جو پتڪوءَ کي اھا ڄاڻ به نه پئي ته اُھا شيءِ ھئي ڇا؟

ڏينڀوءَ جو آواز به ڪونه آيو.

“اھو ڇا ھو؟” پتڪوءَ، ڏينڀوءَ ڏانھن نھاري پڇيو.

پر اھو ڏسي سندس وات پٽجي ويو ته اتي ڏينڀو ڪونه ھو. رڳو سندس ھڪ پَرُ پيل ھو.

“اڙي ھيءُ ڏينڀو ڪيڏانھن ويو؟ اھا شيءِ ڪھڙي ھئي جيڪا جيڏي تيزيءَ سان آئي، اوتري ئي تيزيءَ سان گم به ٿي وئي؟” پتڪوءَ پاڻ سان ڳالهايو، پر کيس ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي.

ڪجهه گهڙيون ھيڏانھن ھوڏانھن واجهائڻ کانپوءِ پتڪو اڏامندو، گهاٽي پپر ۾ ڪجهه اندر، ھڪ ڏارَ تي وڃي ويٺو. اڳتي وڻ اڃان به گهاٽو ۽ اونداھو ھو. پتڪوءَ جي دل ويتر تيز ھلڻ لڳي. ھاڻي کيس ڪجهه ڀئو به ٿيڻ لڳو ھو.

“ٿوري دير ترسي پوءِ موٽڻ جي ڪيان ٿو.” پتڪوءَ دل ۾ سوچيو ۽ پنھنجي پتڪڙين ڄنگهن سان ھو ڏار تي ڪجهه اڳتي مسَ سُريو جو کيس لڳو ته سندس آڏو ڪا شيءِ چُري ھجي. ھن ھلڪو ساھه کڻڻ جو آواز به ٻڌو.

“جِنُ” پتڪو ڊپ وچان بيھي رھيو ۽ چِتائي سامهون نھارڻَ لڳو، پر کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اتي اونداھه ڪجهه سَرس ھئي.

پتڪو اُتي ئي بيٺو ھو جو “شُون” جي ڀوائتي آواز کيس ڇرڪائي وِڌو.

“شُون” جو آواز پُٺين پاسي کان آيو ھو. پتڪوءَ مڙي پوئتي نھاريو ته کيس اُڀُ پنھنجي مٿان ڪِرندي محسوس ٿيو.

“مَ… مَ… مَ… مري ويس.” پتڪوءَ جي وات مان ڊپ وچان نڪتو.

ھن جي آڏو ھڪ ڊگهو نانگُ، ڏارَ تي موجود ھو، جيڪو ھوريان ھوريان ھنَ ڏانھن رِڙھي رھيو ھو. نانگ جي زبان ھر ھر سندس وات مان پئي نڪتي. شُون جو آواز به نانگ جو ئي ھو.

“اڄ ته پيٽ ڀري کائيندس، واھه جو شڪار ھٿ آيو آھي.” نانگ زبان ڪڍي چيو ۽ وات ڦاڙي تيزيءَ سان پتڪوءَ ڏانھن وڌيو.

“شوزو، رومو، ياسو مون کي بچايو، مون کي بچايو.” پتڪوءَ ڏاڍيان چيو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين.

“اسان اچي وياسين پتڪو.” ھڪ پاسي کان پتڪوءَ جي ٽنهي دوستن جا آوازَ آيا ۽ ٻي گهڙي نانگ جي پتڪوءَ تائين پھچڻ کان اڳ ئي ٽئي دوست پتڪوءَ وٽ پھتا ۽ کيس پَرن کان پڪڙي تڪڙ ۾ ڪجهه مٿي کڻي ويا.

ھنن جي مٿي ٿيندي ئي، سندن صفا ھيٺان نانگ به پھچي ويو، پر ھاڻ اتي پتڪو ڪو نه ھو. پتڪوءَ جي دوستن سندس حياتي بچائي ورتي ھئي.

“اڙي ڄٽ پوپٽن منھنجو شڪار ئي ڀڄائي ڇڏيو. اھو اوھان ڇا ڪيو؟” نانگ جو ڪاوڙيل آواز ٻڌي پتڪوءَ تڪڙ ۾ پنھنجون اکيون کوليون. پاڻ کي جيئرو ڏسي، پتڪو سرھو ٿي ويو. نانگ کيس ڪو نه کاڌو ھو. ھن جا دوست، مھلَ سان پھچي ويا ھئا.

“شڪار، ڪھڙو شڪار؟” پتڪوءَ اچرج مان پڇيو. شوزو، رومو ۽ ياسو به وائڙن جيان نانگ ڏانھن ڏسڻ لڳا.

“اڙي يار، جيڪو تنھنجي پٺيان بيٺو ھو، ڇا چئبو آ ان کي، ھا… سانڊو، جنھن ساجهر، ڏينڀوءَ کي پنھنجي ڊگهي ڄِڀَ سان شڪار ڪيو ھو.” نانگ وراڻيو.

“پر ھتي ته ڪو سانڊو ڪو نه ھو.” پتڪوءَ چيو.

“سانڊو رنگ مٽائيندو آھي بيوقوف پوپٽ. اھو ڏار جي رنگ جھڙو رنگ ڪيو، تنھنجي آڏو ئي ته بيٺو ھو. تو کيس محسوس ته ڪيو، پر ڏسي ڪوبه سگهئين. مان کيس کائڻ وارو ئي ھئس جو توھان چئني جون دانھون ٻُڌي، ھُو ڀڄي ويو. ھاڻي وري مون کي شڪار ڳولهڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي” نانگ ڏک وچان چيو.

“چاچا نانگ، اوھان ھن بيوقوف پوپٽ کي ئي کائي ڇڏيو ته جيئن ھي وري اجايو ضد ڪرڻ جي غلطي نه ڪري.” روموءَ، پتڪوءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو. ھُو ٽئي، پتڪوءَ جي ڪڍ، ويران بنگلي ۾ پھتا ھئا. پتڪوءَ جا سچا دوست جو ھئا.

کين ڏسي پتڪوءَ کي احساس ٿيو ته دوستن جي ڳالهه نه ٻڌي ھن غلط ڪم ڪيو ھو. جي سندس دوست مھلَ سان نه پُڄن ھا ته شايد، سانڊو کيس کائي وڃي ھا.

“ھڪڙو پوپٽ گهٽ ھو جو ٽي ٻيا به اچي ويا. ھاڻي ھلو ھتان. متان بک جي ڪري آئون اوھان چئني کي ئي نه ڳِھي وڃان.” نانگ، شُون جو آواز ڪڍي چيو.

“پر اسان چئني کي کائي، اوھان جو پيٽ ڀَربو چاچا نانگ؟” شوزوءَ ڀوڳ ڪندي پڇيو.

“ٺيڪ آهي، اڄ ڀلا پوپٽ به کائي ٿو ڏسان.” نانگ ھنن ڏانھن وڌندي چيو.

کيس ايندو ڏسي، چئني ٻالڪ پوپٽن اڏامڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.

“ٻيھر  اچجو ٻارو.” نانگ ٽھڪ ڏئي چيو.

ھوڏانھن چار ئي ٻالڪ پوپٽ اڏامندا، خير سان پنھنجي گهر پھچي ويا.

 …(هلندڙ)…

***