ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: چئن سالن جو پوڙهو

لنڊن جي وچ شهر ۾ واقع “رائل سائنس اڪيڊمي” پنهنجي جديد تحقيق ۽ سائنسي تجربن جي حوالي سان تمام گهڻي مشهور هئي. هتي پڙهندڙ شاگردن جو مقصد رڳو سائنسي اصول سکڻ نه، پر نوان نوان خيال پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي نئين دريافتن سان سونهون ڪرائڻ هو.

اليڪس ڪارٽر ۽ بينجمن ريڊ، پاڻ ۾ ٻه سٺا دوست هئا، اهي ٻئي سدائين نين نين ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ تيار رهندا هئا. اليڪس نهايت ذهين، پر خطرن سان منھن ڏيڻ وارو هو، جڏهن ته بينجمن وڌيڪ محتاط ۽ حقيقتن کي سمجهڻ تي زور ڏيندو هو.

هڪ ڏينهن سندن استاد، مسٽر ڊيوسن، وقت جي رفتار تي بحث ڪندي چيو ته، “اسين  ڄاڻون ٿا ته روشنيءَ جي رفتار سان، سفر ڪرڻ سان وقت سست ٿي وڃي ٿو، پر سوچيو جيڪڏهن اسان ان جي ابتڙ تجربو ڪريون؟… ته پوءِ، ڇا ڪو ماڻهو هڪ ئي لمحي ۾ پوڙهو ٿي سگهي ٿو؟”

سڀ شاگرد کلڻ لڳا، پر اليڪس جي اکين ۾ تجسس ۽ حيرت جا ڏيئا ٻرندي نظر پئي آيا.

“سر! ڇا اهو ممڪن آهي؟” اليڪس پڇيو.

مسٽر ڊيوسن مرڪندي چيو، “نظرياتي طور تي، جيڪڏهن اسان ڪنهن جاندار جي سيلز(Cells)  جي عمر کي تيز ڪرڻ جو طريقو ڳولهي سگهون، ته ها، اهو ٿي سگهي ٿو.”

بينجمن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، “پر ان سان انسانن لاءِ ڪيترائي خطرا جنم وٺي سگهن ٿا؟”

مسٽر ڊيوسن سنجيده ٿي چيو، “بلڪل… سائنسدانن کي احتياط سان تجربا ڪرڻا پوندا. اڄ تائين ڪوبه اهڙو تجربو ڪامياب نه ٿيو آهي.”

پر اليڪس جي دماغ ۾ هڪ نئون خيال جنم وٺي چڪو هو.

رات جو، جڏهن سڀ شاگرد پنهنجن پنھنجن ڪمرن ۾ هئا، تڏهن اليڪس ۽ بينجمن اسڪول جي پراڻي سائنس ليب ۾ داخل ٿيا.

اها ليب ڪيترن ئي ورهين کان بند هئي، پر اليڪس کي خبر هئي ته هتي پروفيسر ايڊمز جا پراڻا تجرباتي اوزار رکيل آهن. هو هڪ پراڻو سائنسدان هو، هن تي تحقيق دوران ليب مان غائب ٿيڻ جا الزام لڳا هئا.

ڪمري جي ڪنڊ ۾ کين هڪ ڌاتوءَ جو پراڻو روبوٽ نظر آيو، جنهن تي هڪ پليٽ لڳل هئي: “ٽائيم  ايڪسيلريٽر… پروفيسر ايڊمز جو نامڪمل تجربو”

اليڪس بي اختيار ٿي ان طرف وڌيو. “شايد هي اوزار وقت کي تيز يا سست ڪندو هجي!”

بينجمن کي ڪجھ عجيب محسوس ٿيو. “مون کي لڳي ٿو ته اسان کي، هن اوزار کي هٿ نه لڳائڻ گهرجي.”

پر اليڪس اڳ ۾ ئي ان روبوٽ جي اسڪرين تي نظر ايندڙ آپشن کي دٻائي چڪو هو. اسڪرين تي ڪجھ رياضيءَ جا فارمولا ظاهر ٿيا، جن کي هو سمجهي نه سگهيو:

Time Acceleration – 10x،

هڪدم روشني جو زبردست شعاع  ٿيو، ليب جون هڙئي شيون تيزيءَ سان ڦرڻ لڳيون!

روشني گهٽ ٿي ته، بينجمن جو وات حيرت وچان پٽجي ويو… ڇو ته اليڪس هاڻ چئن سالن جو پوڙهو ٿي ڏسڻ ۾ آيو!

اليڪس جا وار مڪمل طور تي اڇا ٿي چڪا هئا، منهن ۾ جهريون ۽ ڪومايل، جسم پوڙهن جهڙو ۽ آواز به ڳرو ٿي پيو هو.

“او مائي گاڊ، اليڪس! تون… تون ته پوڙهو ٿي ويو آهين!” بينجمن چيو.

اليڪس پنهنجو چهرو هٿن سان ڇهي ڏٺو ۽ خوفزده ٿي ويو. “مان وري  نئون ننڍو الائجي ڪيئن ٿيندس؟”

هاڻ بينجمن روبوٽ کي جاچڻ لڳو، ان تي هڪ ٻيو بٽڻ به هو، جنهن تي ريورس ٽائيم-10x لکيل هو… شايد اهو بٽڻ توکي واپس آڻي سگهي!

بينجمن تڪڙ ۾ بٽڻ دٻايو. وري روشنيءَ جو ٺاهوڪو شعاع ظاهر ٿيو، سڀ ڪجھ وري تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو ۽… ۽ اليڪس واپس پنهنجي عام شڪل ۾ اچي ويو!

اليڪس زور سان ساھ کڻندي چيو، “مان آئنده ڪڏهن به بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڪنهن به بٽڻ کي نه دٻائيندس!”

اوچتو، ليب جي ڪنڊ مان هڪ هلڪڙو آواز آيو… هڪ پراڻي سي سي ٽي وي اسڪرين آن ٿي ۽ ان تي پروفيسر ايڊمز جو وڊيو پيغام ظاهر ٿيو: “جيڪڏهن اوهان هن روبوٽ کي آزمائي رهيا آهيو، ته اوهان خطري ۾ آهيو! هيءَ مشين وقت کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪوانٽم فيلڊز کي بدلائي سگهي ٿي. جيڪڏهن غلط طريقي سان استعمال ٿيو، ته ماڻهو هميشه لاءِ پوڙهو ٿي سگهي ٿو!”

اليڪس ۽ بينجمن هڪ ٻئي ڏانهن ڊنل ڊنل نظرن سان ڏٺو پئي.

بينجمن ڏٺو ته روبوٽ جي اسڪرين تي”System Overload”  جو پيغام ظاهر ٿيو.

“اسان کي هاڻي ئي هڪدم هن کي بند ڪرڻ گهرجي!” بينجمن چيو.

اليڪس جلدي روبوٽ کي شٽ ڊائون ڪيو، پر اسڪرين تي آخري هي پيغام ظاهر ٿيو:

“Experiment Incomplete, Searching for Subject”

”تجربو اڻپورو… مضمون جي ڳولها جاري آهي”

اوچتو، ليب جي دروازي جي پٺيان ڪنهن جي ساھ کڻڻ جو آواز پئي آيو. اليڪس ۽ بينجمن پوئتي جو کڻي نهارين ته لڳا، هڪ پوڙهو، پر اھو جيئرو جاڳندو بيٺو هو… پروفيسر ايڊمز!

“مون کي بچايو…” پروفيسر نٻل آواز ۾ چيو.

بينجمن حيران ٿي ويو… چيائين، “اوہه، پروفيسر ايڊمز! اوهان زنده آهيو؟ پر ڪيئن؟”

اليڪس خوفزده ٿي چيو، “هي ضرور وقت جي قيد ۾ رهيو هوندو… اسان کي هن جي مدد ڪرڻ گهرجي!”

پر ان کان اڳ جو هو اڳتي وڌن ها، ليب جون لائيٽون بند ٿي ويون ۽ اسڪرين تي هڪ پيغام ظاهر ٿيو:

“Time Acceleration Sequence Activated, No Reversal Possible!”

“وقت تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، هاڻ واپس موٽڻ ممڪن ناهي!”

اليڪس ۽ بينجمن هڪ ٻئي کي حيرت ۽ خوف وچان ڏسڻ لڳا…

ليب ۾ اونداهي ڇانئجي وئي. اسڪرين تي نظر ايندڙ هي پيغام هو ته:

“Time Acceleration Sequence Activated, No Reversal Possible!”

”وقت جي تيزيءَ وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، هاڻ پوئتي موٽ ممڪن ناهي!”

بينجمن جلدي پنهنجو موبائيل ٽارچ آن ڪئي. پروفيسر ايڊمز سامهون بيٺو هو، سندس اکين ۾ خوف ۽ بيچيني هئي.

“تون ڪٿي غائب ٿي ويو هئين؟” اليڪس حيران ٿيندي پڇيو.

پروفيسر ايڊمز جهيڻي آواز ۾ چيو، “مون پنهنجي جسم تي ٽائيم ايڪسلريٽر جو تجربو ڪيو هو… مشين مون کي تمام تيزيءَ سان پوڙهو ۽ پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ مان هڪ وقتي چڪر(Time Loop)  ۾ ڦاسي پيس!”

بينجمن تڪڙو روبوٽ ڏانهن ويو، جنهن جي اسڪرين تي رياضيءَ جا ڪجھ فارمولا لکيل هئا.

“اليڪس، هتي هڪ آخري آپشن آهي، Time Stabilization، پر مون کي خبر ته اھو آپشن ڪم ڪندو يا نه!”

اليڪس ڏسندي چيو، “اهو ڇا ڪندو؟”

پروفيسر ايڊمز پنهنجون آڱريون اڳتي وڌائيندي چيو، “اهو آپشن وقت جي رفتار کي نارمل ڪندو، پر خطرو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي ويئي، ته مان مڪمل طور تي غائب ٿي سگهان ٿو!”

بينجمن چيو، “پر جيڪڏهن اسان ڪجھ نه ڪيو ته تون هميشه لاءِ وقت جي قيد ۾ رهندين!”

پروفيسر ايڊمز ڪجھ سيڪنڊن لاءِ ماٺ رهيو، پوءِ آهستڙي چيائين، “دٻايو بٽڻ کي…”

اليڪس بينجمن ڏانهن ڏٺو. بينجمن ٿورڙو ترسي پوءِTime Stabilization جو بٽڻ دٻايو.

وري روشنيءَ جو هڪ وڏو شعاع ٿيو. سڀ ڪجھ تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو… پروفيسر ايڊمز تڪليف محسوس ڪندي رڙيون ڪرڻ لڳو.

اوچتو، روشني ختم ٿي وئي. پروفيسر ايڊمز اتي ئي بيٺو هو، پر هاڻ هو هڪ عام عمر جو ماڻهو لڳي رهيو هو، نڪي پيرسن نه ئي ٻار.

هن حيرت مان پنهنجن هٿن کي ڏٺو، پوءِ مرڪي چيائين، “مهرباني اوهان جي جو اوهان مون کي بچائي ورتو!”

مشين جي اسڪرين تي آخري پيغام ظاهر ٿيو:

“System Shutdown, Experiment Terminated.”

”سسٽم بند ٿي ويو، تجربو ختم ڪيو ويو.”

ٻئي ڏينهن صبح جو، اليڪس ۽ بينجمن مسٽر ڊيوسن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو… پهريان ته هن يقين ئي نه پئي ڪيو، پر پوءِ جڏهن پروفيسر ايڊمز پاڻ سامهون آيو، ته سموري اڪيڊميءَ ۾ هُل مچي ويو.

پروفيسر ايڊمز پنهنجن پراڻن تجربن بابت تفصيل ڏنا ۽ چيائين، “وقت تي ضابطو رکندڙ ٽيڪنالاجي اڃان خطرناڪ آهي. اسان کي انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ کي تباھ ڪرڻو پوندو.”

سائنسدانن گڏجي ٽائيم ايڪسلريٽر کي مڪمل طور تي ختم ڪيو، ته جيئن ڪڏهن به ڪو ٻيهر اهڙو تجربو نه ڪري سگھي.

پروفيسر ايڊمز نئين سر پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي. هو هاڻ شاگردن کي سائنس جي سکيا ڏيڻ لڳو هو خاص طور تي اليڪس ۽ بينجمن لاءِ استاد بڻجي ويو.

اليڪس پنهنجي تجسس کي برقرار رکيو، پر هاڻ کيس خبر پئجي وئي هئي ته سائنس رڳو تجربن جو نالو ناهي، پر ان سان گڏوگڏ ذميداريءَ جو  نالو به سائنس آهي.

ڪهاڻيءَ ۾ ڪم آيل اصطلاحن جي سمجهاڻي:

سيلز (cells)، زندگيءَ جو بنيادي يونٽ يعني جسم جو تمام ننڍڙو ۽ اهم ترين “يونٽ” جنهن مان سمورا جاندار (ٻوٽا، جانور، انسان وغيره) ٺهيل آهن.

“ٽائيم ايڪسيلريٽر”(Time Accelerator)  يعني “وقت کي تيز ڪرڻ وارو اوزار يا عمل”

هي اصطلاح عام زندگيءَ ۾ سائنس جي موجوده قانونن تحت سچ پچ وجود نٿو رکي يعني في الحال اسان وٽ اهڙو ڪوبه اوزار يا طريقو ناهي، جيڪو وقت کي تيز ڪري سگهي، پر هي خيال سائنس فڪشن، فلمن يا نظرياتي فزڪس(Theoretical Physics)  ۾ ايندو آهي.

ڪوانٽم فيلڊز،

اهڙا نظر نه ايندڙ ميدان آهن، جن مان سڀ ذرات (جئن اليڪٽران، فوٽان، وغيره) پيدا ٿين ٿا ۽ اهي فيلڊز ڪوانٽم جي قانونن سان ڪم ڪن ٿا.

ٽائيم لوپ (Time loop)

هڪ اهڙو تصور ۽ خيال آهي جيڪو سائنس فڪشن فلمن، ڪهاڻين يا ناولن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ٽائيم لوپ اهڙو وقتي چڪر آهي، جنهن ۾ ڪو ماڻهو، ڪو واقعو يا ڪو ڏينهن بار بار ساڳيءَ ريت ورجائجي ٿو، ڄڻ ته وقت هڪ ئي جڳھ تي قيد ٿيو پيٺو هجي.

(Time Stabilization) ٽائيم اسٽيبلائيزيش

“وقت کي مستحڪم ڪرڻ” يا “وقت جي بي ترتيبي کي روڪڻ”

يعني جڏهن وقت ڦاٿل، تيزيءَ سان اڳتي پيو وڃي، پوئتي هلي پيو يا بار بار ورجائجي پيو (جهڙوڪ ٽائيم لوپ)، ته ان کي سڌو سنئون، معمول مطابق هلائڻ واري عمل کي Time Stabilization چئبو آهي.

***