لنڊن جي وچ شهر ۾ واقع “رائل سائنس اڪيڊمي” پنهنجي جديد تحقيق ۽ سائنسي تجربن جي حوالي سان تمام گهڻي مشهور هئي. هتي پڙهندڙ شاگردن جو مقصد رڳو سائنسي اصول سکڻ نه، پر نوان نوان خيال پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي نئين دريافتن سان سونهون ڪرائڻ هو.
اليڪس ڪارٽر ۽ بينجمن ريڊ، پاڻ ۾ ٻه سٺا دوست هئا، اهي ٻئي سدائين نين نين ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ تيار رهندا هئا. اليڪس نهايت ذهين، پر خطرن سان منھن ڏيڻ وارو هو، جڏهن ته بينجمن وڌيڪ محتاط ۽ حقيقتن کي سمجهڻ تي زور ڏيندو هو.
هڪ ڏينهن سندن استاد، مسٽر ڊيوسن، وقت جي رفتار تي بحث ڪندي چيو ته، “اسين ڄاڻون ٿا ته روشنيءَ جي رفتار سان، سفر ڪرڻ سان وقت سست ٿي وڃي ٿو، پر سوچيو جيڪڏهن اسان ان جي ابتڙ تجربو ڪريون؟… ته پوءِ، ڇا ڪو ماڻهو هڪ ئي لمحي ۾ پوڙهو ٿي سگهي ٿو؟”
سڀ شاگرد کلڻ لڳا، پر اليڪس جي اکين ۾ تجسس ۽ حيرت جا ڏيئا ٻرندي نظر پئي آيا.
“سر! ڇا اهو ممڪن آهي؟” اليڪس پڇيو.
مسٽر ڊيوسن مرڪندي چيو، “نظرياتي طور تي، جيڪڏهن اسان ڪنهن جاندار جي سيلز(Cells) جي عمر کي تيز ڪرڻ جو طريقو ڳولهي سگهون، ته ها، اهو ٿي سگهي ٿو.”
بينجمن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، “پر ان سان انسانن لاءِ ڪيترائي خطرا جنم وٺي سگهن ٿا؟”
مسٽر ڊيوسن سنجيده ٿي چيو، “بلڪل… سائنسدانن کي احتياط سان تجربا ڪرڻا پوندا. اڄ تائين ڪوبه اهڙو تجربو ڪامياب نه ٿيو آهي.”
اها ليب ڪيترن ئي ورهين کان بند هئي، پر اليڪس کي خبر هئي ته هتي پروفيسر ايڊمز جا پراڻا تجرباتي اوزار رکيل آهن. هو هڪ پراڻو سائنسدان هو، هن تي تحقيق دوران ليب مان غائب ٿيڻ جا الزام لڳا هئا.
ڪمري جي ڪنڊ ۾ کين هڪ ڌاتوءَ جو پراڻو روبوٽ نظر آيو، جنهن تي هڪ پليٽ لڳل هئي: “ٽائيم ايڪسيلريٽر… پروفيسر ايڊمز جو نامڪمل تجربو”
اليڪس بي اختيار ٿي ان طرف وڌيو. “شايد هي اوزار وقت کي تيز يا سست ڪندو هجي!”
بينجمن کي ڪجھ عجيب محسوس ٿيو. “مون کي لڳي ٿو ته اسان کي، هن اوزار کي هٿ نه لڳائڻ گهرجي.”
پر اليڪس اڳ ۾ ئي ان روبوٽ جي اسڪرين تي نظر ايندڙ آپشن کي دٻائي چڪو هو. اسڪرين تي ڪجھ رياضيءَ جا فارمولا ظاهر ٿيا، جن کي هو سمجهي نه سگهيو:
Time Acceleration – 10x،
هڪدم روشني جو زبردست شعاع ٿيو، ليب جون هڙئي شيون تيزيءَ سان ڦرڻ لڳيون!
پروفيسر ايڊمز پنهنجن پراڻن تجربن بابت تفصيل ڏنا ۽ چيائين، “وقت تي ضابطو رکندڙ ٽيڪنالاجي اڃان خطرناڪ آهي. اسان کي انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ کي تباھ ڪرڻو پوندو.”
سائنسدانن گڏجي ٽائيم ايڪسلريٽر کي مڪمل طور تي ختم ڪيو، ته جيئن ڪڏهن به ڪو ٻيهر اهڙو تجربو نه ڪري سگھي.
پروفيسر ايڊمز نئين سر پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي. هو هاڻ شاگردن کي سائنس جي سکيا ڏيڻ لڳو هو خاص طور تي اليڪس ۽ بينجمن لاءِ استاد بڻجي ويو.
اليڪس پنهنجي تجسس کي برقرار رکيو، پر هاڻ کيس خبر پئجي وئي هئي ته سائنس رڳو تجربن جو نالو ناهي، پر ان سان گڏوگڏ ذميداريءَ جو نالو به سائنس آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ ڪم آيل اصطلاحن جي سمجهاڻي:
سيلز (cells)، زندگيءَ جو بنيادي يونٽ يعني جسم جو تمام ننڍڙو ۽ اهم ترين “يونٽ” جنهن مان سمورا جاندار (ٻوٽا، جانور، انسان وغيره) ٺهيل آهن.
“ٽائيم ايڪسيلريٽر”(Time Accelerator) يعني “وقت کي تيز ڪرڻ وارو اوزار يا عمل”
هي اصطلاح عام زندگيءَ ۾ سائنس جي موجوده قانونن تحت سچ پچ وجود نٿو رکي يعني في الحال اسان وٽ اهڙو ڪوبه اوزار يا طريقو ناهي، جيڪو وقت کي تيز ڪري سگهي، پر هي خيال سائنس فڪشن، فلمن يا نظرياتي فزڪس(Theoretical Physics) ۾ ايندو آهي.
ڪوانٽم فيلڊز،
اهڙا نظر نه ايندڙ ميدان آهن، جن مان سڀ ذرات (جئن اليڪٽران، فوٽان، وغيره) پيدا ٿين ٿا ۽ اهي فيلڊز ڪوانٽم جي قانونن سان ڪم ڪن ٿا.
ٽائيم لوپ (Time loop)
هڪ اهڙو تصور ۽ خيال آهي جيڪو سائنس فڪشن فلمن، ڪهاڻين يا ناولن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ٽائيم لوپ اهڙو وقتي چڪر آهي، جنهن ۾ ڪو ماڻهو، ڪو واقعو يا ڪو ڏينهن بار بار ساڳيءَ ريت ورجائجي ٿو، ڄڻ ته وقت هڪ ئي جڳھ تي قيد ٿيو پيٺو هجي.
(Time Stabilization) ٽائيم اسٽيبلائيزيش
“وقت کي مستحڪم ڪرڻ” يا “وقت جي بي ترتيبي کي روڪڻ”
يعني جڏهن وقت ڦاٿل، تيزيءَ سان اڳتي پيو وڃي، پوئتي هلي پيو يا بار بار ورجائجي پيو (جهڙوڪ ٽائيم لوپ)، ته ان کي سڌو سنئون، معمول مطابق هلائڻ واري عمل کي Time Stabilization چئبو آهي.