سياست اصولن جي پابند هجي ٿي، سياست پنهنجي پير تي بيهڻ جو نالو به آهي. سياست ۾ هير ڦير نٿي ڪري سگهجي. صبح جو ڪوڙ شام جو سچ نٿو ٿئي. شام جو سچ ڳالهائي صبح جو وري ڪوڙ هڻجي يا خلق کي ڇتو ڪجي. هن دور ۾ هر ڳالھه جو رڪارڊ موجود آهي، ماڻهن کي چريو نٿو ڪري سگهجي. اها ٻي ڳالهھ آهي ته خلق جو حافظو ڪمزور هوندو آهي، انهن کان وسري ويندو آهي ته ٻوڏ ۾ ڪهڙي سرڪار سندن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي؟ ڪهڙي سرڪار آءِ ايم ايف سان ڪوڙا معاهدا ڪري خلق جي چيلھه ڀڳي؟ ڪهڙي سرڪار طالبان سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون؟ ڪهڙي سرڪار آمريڪا سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ويٺي آهي ۽ ڪهڙي سرڪار چائنا جي آسري لڳي پئي آهي؟ ان ڪري لوڪل سياست به هاڻي ڪوڙ کانسواءِ نٿي هلي، پوءِ ڪهڙي اڳواڻ تي اعتبار ڪريون ۽ ڪنهن تي نه ڪريون، خلق جو ته مٿو ئي ڦري ويو آهي ته آخر ڇا ڪجي؟ ڳالھه ڦري گِهِري وري اچي عمران خان جي مٿان ٿي بيهي ته هنن پي ٽي آءِ جي سياست ۾ هڪ قبلو ناهي، نه ئي هڪ ڳالهھ تي بيهي سگهن ٿا. ڪڏهن اجتماعيت جي ڳالھه ٿا ڪن ته ڪڏهن انفراديت تي لهي ٿا اچن، اها ڳالھه پي ٽي آءِ وارا جيئن جو تيئن مڃيندا هوندا ته ڪرسيءَ ۾ وڏي طاقت آهي. جڏهن خان پاڻ ڪرسي تي هو ته مستي هئس جو سپريم ڪورٽ به هن جا ڪيس اڪلائڻ ۽ کولڻ ۾ ڏھ دفعا سوچيندي هئي. اليڪشن ڪميشن به هن جي اشاري تي هئي، جو هي جيئن چئي جو رات پيٽ ۾ جي 33 بل پاس ڪرائي ته ڪرائي پئي سگهيو. هاڻي اهو ئي خان آهي جو وک نه ٿي نبريس، جو اهڙي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جو هڪ ٽنگ ڇڏائي ٿو ته وري ٻي ٽنگ اڙجي ٿي پئيس، هڪ ڪيس مان آجو ٿو ٿئي ته ٻئي ڪيس ۾ ڦاسي ٿو پوي. پوءِ عوام ڪنهن جي پويان لڳي انهن جي پويان جن جو ڪو والي وارث ناهي يا انهن جي پويان جن جي پويان سموري اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارا آهن؟ آخر حل ڪهڙو آهي ۽ ڇا ڪجي؟