ٽنڊوآدم ۾ ڪپڙي جي واپاري کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق

سانگهڙ ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو. ٽنڊو آدم جي مالهي پاڙي جي رهواسي 60 سالن جي ڪپڙي جي دڪاندار جي حيدرآباد ليبارٽري مان پاڻمرادو ڪرايل ٽيسٽ ۾ ڪورونا وائرس رپورٽ پازيٽو هئڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪالهه رات دير سان اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو آدم ۽ اعليٰ اختيارين جي هدايتن تي رينجرز ۽ پوليس سان گڏ ڪارروائي ڪندي نوابشاهه مان خاص ايمبولينس گهرائي متاثر پيرسن کي نوابشاهه آئيسوليشن سينٽر منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته سندس گهر کي ڪورنٽائن جو درجو ڏيئي ٻن پٽن، گهرواري، ننهن، ڌيءَ ۽ ڇهن ٻارڙن سميت گهر اندر رهڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ گهر ٻاهران پوليس مقرر ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي مطابق هن پاڻمرادو پاڻ کي  گهر اندر ڪمري ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو، ليبارٽري پاران ٽيسٽ ڊي ايڇ او حيدرآباد کي شيئر ڪرڻ کانپوءِ سندس  ڳولا ڪري کيس هٿ ڪيو ويو آهي