همعصر اديبن تي تنقيد
۾ تنقيدي حوالي سان ھمعصر اديبن، دانشورن ادب تي گهٽ شخصيتن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. ڪنھن زماني ۾ ڪجھ ادبي شخصيتون تنقيد کان محفوظ يا غير متنازع شمار ڪيون وينديون هيون، پر همعصر دور ۾ ڪابه ادبي شخصيت متنازع بڻجڻ کان بچي نه سگهي آهي. جن ۾ امر جليل، نورالھديٰ شاھ، جامي چانڊيو، احمد سولنگي، شيخ اياز، مدد علي سنڌي، اسحاق سميجو، اعجاز منگي، عرفانه ملاح، امر سنڌو، نصير گوپانگ، فهميده حسين قابل شمار آهن. تنقيد جي نوعيت علمي، عملي ۽ شخصي رهي آهي. پليجي تي ايم. آر. ڊي تحريڪ، نظرياتي سياست سبب تنقيد علمي ۽ عملي چئي سگهجي ٿي. نورالھديٰ شاھ تي بحريه ٽائون ڌرڻي جي مخالفت سبب ٿي جيڪا عملي تنقيد ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي.
اعجاز منگي تي امت اخبار جي نوڪري ڪرڻ، شيخ اياز ميلي ۽ سنڌ ادبي ميلي، ڪراچي سبب ٿي آهي.
جامي چانڊيي تي گهڻي تنقيد سندس نظرياتي ادب تي ٿي رهي آهي. جنهن ۾ هو پليجي جي نقش قدم تي هلندي نظر اچي ٿو. اليڪشن 2013 ۾ اديبن ۽ دانشورن جي هڪ ڊگهي لابي ڪرپٽ، بدعنوان، ملزم اشرافيه جي جمھوريت جي حمايت ۾ هڪ پمفليٽ ڇپائي پڌرو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي دانشورن تي تنقيد مضمون جي شڪل جي صورت ۾ سامهون آئي آهي.
شيخ اياز تي تنقيد سندس نظرياتي ترقي پسند ادب سان تعلق ۽ آخر ۾ ان تان مڪمل دستبرداري ۽ رد ڪرڻ سبب ٿي جنھن جي شروعات رسول بخش پليجي خود ڪئي ۽ انتهائي جارحانه انداز ۾ ڪئي.
مدد علي سنڌي ۽ اسحاق سميجي تي تنقيد سندس وقت جي درٻار سان گهري وابستگي جي بنياد تي ٿي رهي آهي. استاد لغاري پهريون اديب آهي جنهن مدد علي سنڌي تي ڇوھ ڇنڊيا آهن.
عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو جڏهن کان ثقافت کاتي جي پارڪ تي ڪيفي خانه بدوش تعمير ڪيو ۽ شيخ اياز ميلو شروع ڪيو تڏهن کان تنقيد جي زد ۾ آهن.
احمد سولنگي تي سنڌي ادبي سنگت جي عهدي تي اچڻ سبب تنقيد ٿي رهي آهي. امر جليل تي تنقيد هڪ ڪهاڻي جنهن ۾ خدا جي گستاخي ڪئي وئي هئي ان سبب سخت تنقيد جو شڪار بڻيو سندس شهرت بدناموسي ۾ تبديل ٿي وئي. فهميده حسين تي هڪ پي. ايڇ. ڊي جي مقالي جي نقل سبب ٿي آهي.
معروضي سچ جامي چانڊيي کي جواب:
سنڌ ۾ اھڙو مڪالمو اڃان تائين شروع ناهي ٿيو يا ان کان تغافل نظر ڪيو ويو آهي جتي نقاد سماجي رتبا، عهدا ۽ تعلق ڏسي پوءِ راءِ ڏيڻ پسند ڪن اتي ڪھڙا مڪالما ٿيندا. خود توهان جيڪو شيخ اياز، پليجو، جي. ايم سيد، ايم. آر. ڊي تحريڪ، سنڌ تي لکيو آهي اهو به اڌ سچ يا ڌنڌلو سچ ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ مڪمل سچ اڃان علامتي پيرائي يا اسلوب جي چادر ۾ ڍڪيل آهي جنهن کي به نظرانداز ڪرڻ جو رجحان عام آهي.
دانشورن تي تنقيد:
بي. اي جي شرط، دفعا 62، 63 جي پهريون دفعو نفاذ تي مخالفت، چونڊون 2013 ۾ بالغ ووٽ جي حمايت ۾ پمفليٽ جي پڌرائي، بالغ ووٽر لسٽ ووٽر لسٽ جي جنس تي تقسيم، ووٽر لسٽ ۾ تعليم جو خانو شامل ڪرڻ، ووٽر جي عمر ۾ ڪمي، ايم. آر. ڊي تحريڪ، اشرافيه جي جمھوريت جي حمايت، شهرن جي ڦھلاءُ تي دانشور جوابده آهن جنهن جي ڪري دانشورن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. رسول بخش پليجو کي سمجهڻ لاءِ لکمي کلاڻي ۽ ٻين کي لازمي پڙهڻ گهرجي بجاءِ هن شخص جي لکڻين کي.
جامي کي جواب:
تنقيدي شعور پنهنجو اظهار ته ڪندو، سياسي ۽ ادبي، شخصيتن، تحريڪن، سياسي پارٽين جي نتيجن تي تنقيد ته لازمي ٿيندي اسان کي برداشت ڪرڻ گهرجي بلڪه دل سان قبول به ڪرڻ کپي، پر پليجي لکمي کلاڻي جي تنقيد کي قبول نه ڪيو جنھن کيس آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.
ادا اھا تبليغ گرو پليجو گذريل 40 سال اڳ ڪري چڪو ھاڻي توهان ڪا ٻي ڳالھ ڪريو. مثال طور: جيڪا حڪومت جي اصل طاقت آهي بالغ ووٽ ان کي نامنظور ڇو نه چئو؟ بالغ ووٽر ۽ انهن جا حمايتي پنهنجي عملن جو انجام ڏسي وٺن، اڃان به ڪو دانشور انهن ۾ اميد رکي تجويزون پيش ڪري ٿو ته ان تي افسوس آهي. جيڪي بدترين جمهوريت جي تبليغ ڪن ٿا انهن تي تنقيد ته لازمي ٿيندي.
جامي چانڊيو جي پوسٽ تي جواب:
جناب هڪ ٻئي کي مبارڪون ڀلي ڏيو، پر ڪڏهن ھڪٻئي جي ڪارڪردگي تي به اڻ ڌريو ٿي ڪا راءِ ڏيو خاص طور تي سنڌي شعبي ۽ سنڌ الاجي جي سربراھ طور ڪارڪردگي جي رپورٽ سامهون اچڻ لازمي آهي، مرتضيٰ سيال کي پنهنجي مقرري کان اڳ جي رپورٽ سامهون آڻڻ گهرجي.
افسوس چيئرمين صاحب پهرين پروگرام ۾ شروعات ئي پنهنجي دوست مقررن کي نوازڻ سان ڪئي جيڪا ڳالھ سندس پاليسي کي ظاهر ڪري ٿي اسان جي سندس هر وک تي نظر آهي. سمجهداري هڪ واضح ٿيل اصولن جي پابند رهي ٿي. جڏهن ته اختيار جبر جو رستو وٺڻ جو عادي رهي ٿو، جنهن جي ڪري اهي گهٽ گڏجي هلندا آهن، ان ڪري اهل دانش ۽ حاڪم يا آفيسر پري پري رهندا آهن!
انعام شيخ کي جواب:
شاھ تي تحقيق ۾ رڳو ايڇ ٽي سورلي کي معتبر قرار ڏيڻ ۽ سنڌي محققن کي نه مڃڻ ناانصافي آهي. جناب ڪجھ هن قوم تي رحم کائو غلام ذهنيت جي به حد ٿيندي آهي توهان کي سنڌي محقق گربخشاڻي به نظر نه آيو. پنهنجي سنڌي محققن کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ ڪيستائين انگريز آقا کي سلام ڪندئو؟ هرو ڀرو پنهنجي معزز پروفيسرن، محققن جو مذاق پيا اڏايو.
ايڇ ٽي سورلي ته شاھ کي هڪ مذهبي شاعر لکيو آهي ۽ انگريزي جي وڏن شاعرن شيلي ۽ برائوننگ، ورڊز ورٿ کان بلڪل الڳ قسم جو لکيو آهي سندس هڪ جهڙائي رڳو ڪرئشيا ۽ اسحاق واٽس سان ڏيکاري آهي جيڪي مذهبي شاعر طور سڃاتا وڃن ٿا. ٻيو سورلي تاريخي پسمنظر ۽ چونڊ شاعري جو انگريزي ترجمو ڪيو آهي جڏهن ته اصل تحقيق جو ڪم بيتن جي لغت ۽ شرح آهي جيڪو ڪم گربخشاڻي، ڪيو آهي.
پروفيسر اديبن جي لابي:
پروفيسر صاحب جي خدمت ۾ عرض ته تعليم، تربيت، اعليٰ ذهانت جي امتحان، ادب، تهذيب، مذهب ۽ اسلاف جي ميراث جو ڪو اثر سماج جي ڪنهن طبقي جي فرد جي عمل مان ظاهر نه ٿيندو هجي ته پوءِ انهن جي سيمينارن ۽ مذاڪرن ۾ ايترو وقت وڃائڻ جو ڪو جواز؟
جيڪي پروفيسر صاحب پس پرده ليکڪن کي پڙهڻ جي زحمت نه پيا ڪري سگهن جيڪي اسٽيج تي ويهي پاڻ کي ڪل سمجهي ويهي رهن ٿا سامعين کي راءِ ڏيڻ جي به لائق نه پيا سمجهن انهن کي کپي ته اسٽيج کان پري ويٺل ليکڪن کي به پڙهي ڏسن پوءِ ڪا راءِ قائم ڪن.
حيدرآباد ادب ۽ ثقافت جو مرڪز هجڻ جي باوجود به اڄڪلھ اتي اديبن جو وڏو ڪال ٿو ڏسجي ھر سيمينار، ڪانفرنس ۽ مذاڪري ۾ يونيورسٽي جا ڪجھ پروفيسر اديب اسٽيج جو سينگار بڻيل آهن، جن مان ٻن جو آواز ايترو ته اڻ وڻندڙ آهي جو ڪجھ سماعت جا ڪمزور اديب انهن جي تقرير مهل هال مان نڪري وڃڻ تي مجبور ٿي پون ٿا، پر کين کي پنهنجي بي سري هجڻ جو ذرو به احساس ناهي جو سامعين تي رحم کائي سگهن، گذريل سالن کان ڪو نئون چهرو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ نه پيو ملي! جيڪي روز قوم کي چئنلز تي عجيب غريب تجزيا پيا ٻڌائين ۽ پاڻ معمولي تنقيد کي به برداشت نه پيا ڪري سگهن ۽ سوشل ميڊيا تان ماڻهن کي ان فريند ڪرڻ ۾ به دير نه پيا ڪن انهن حضرات کي ڇا چئجي!
اديبن جا پروگرام:
ڪنهن به تقريب يا گڏجاڻي يا ڪانفرنس جي نوعيت يا معيار جي پرک ان جي منتظمين ۽ مھمانن جي تعارف يا پروگرام جي سٽاءُ مان ڪافي حد تائين خبر پئجي ويندي آهي، باقي رھيل تجسس وري رونمائي کانپوءِ ختم ٿيندو ٓآهي.
اسان جي ملاقات رڳو ادبي تقريبون رھيون جن ۾ ھو رڳو ڳالھائڻ لاءِ ايندو ھو ۽ مان رڳو ٻڌڻ لاءِ ٻنهي جي جڳھ الڳ ھئي جيئن پور وڇوٽ، پر ڪجھ ڳالهيون مشترڪ ھيون جيئن ھمعصر ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت.
اظهار سومري تي تنقيد:
حيدرآباد ادبي ميلي ۾ حيدرآباد جي تباهي تي سيشن ٿيڻ کپي نه ته ميلي ۾ مزو نه ايندو. اھو ميلو ڪھڙو جنهن ۾ ذڪر بربادي شھر نه ھجي.
ذڪر جابر، ظالم نه ھجي، جنهن ۾ ذڪر گريبان چاڪ نه ھجي، ذڪر فرياد ذڪر آھ غريبان نه ھجي، جتي اھل منصب کان سوال نه ھجي!! جتي اھل تخت تي رڳو گلن جي ورکا ھجي، جتي وقت جي حاڪم کان ڪو سوال نه ھجي! مجاز ۽ مزاحمت ۽ حقيقت پسندي ھمعصر شاعري جا سرچشما آهن جن مان شاعر فيضياب ٿي رھيا آهن ۽ شاعري کي جلا بخشين پيا جيڪا ڳالھ جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي نفي آهي.
ھمعصرن جي پاڻ ۾ نه لڳي:
ھمعصر جي تغافل نظر، جو ڪيترا اھل قلم شڪار رھيا جن ۾ نمايان نالن ۾ استاد بخاري، شيخ اياز جو ھمعصر رھڻ جي باوجود شيخ صاحب جي نظر ڪرم کان بلڪل محروم رھيا سبب ته ڪير به کلي نه پيو لکي سگهي.
اياز لطيف پليجي ۽ جامي چانڊيي جي پاڻ ۾ نه لڳي:
جامي چانڊيي جي ساجد سومرو، انعام شيخ سان نه بڻي، اعجاز منگي جي نورالھديٰ شاھ سان نه لڳي.
ھڪڙي ادبي لابي، سنڌ ادب فيسٽيول:
انعام شيخ، غفور ميمڻ، اعجاز منگي، آڪاش انصاري، بيدل مسرور، منظور سولنگي، سھيل ميمڻ سڄي ادبي لابي.
خانه بدوش ڪيفي سان لاڳاپيل اديب:
نورالھديٰ شاھ، مدد علي سنڌي، تاج جويو، شير مھراڻوي، ادل سومرو، ممتاز بخاري، جامي چانڊيو، اسحاق سميجو، اظهار سومرو، نصير گوپانگ.
اھل مقام :space maker
جيڪي سماج ۽ ادارن ۾ پنهنجي لاءِ جڳھ وٺي سگهيا، جنهن ۾ ذاتي اھليت ۽ تعلقات شامل ٿي سگهن ٿا. ھن سماج ۾ تنقيد کان رڳو اھو ماڻهو بچي ٿو جيڪو ٻين تي تنقيد کان پرھيز ڪري ٿو، اھل تنقيد نشاني تي رھي ٿو يا پسمنظر ۾.
اڻ وڻندڙ آواز:
آواز جي لحاظ کان ٻڌندڙن کي تڪليف ڏيندڙ اڻ وڻندڙ مقرر، جن جي ھڪ ھڪ لفظ ڳالھائڻ سان دلي تڪليف ٿئي ٿي. ھڪ بد آواز، گوڙ کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جن کي ھڪ سٺي مقرر بجاءِ رڳو عھدي جي بنياد تي تقرير لاءِ گھرايو وڃي ٿو، جن ۾ نياز پنھور، ادريس جتوئي، تاج جويو قابل ذڪر آهن.
هڪ پوڙهي اديب تي طنز:
هن فطري تبديلي سبب اڇن وارن کي ته رنگ ڪري ڪارو ڪيو، پر سندس پوڙهي ٿي ويل چمڙي کي لڪائي نه سگهيو، جنهن سندس وارن جي رنگ کي پڌرو پئي ڪيو ۽ سندس چهري جي عمر رسيده بيهڪ به ان جي شاهدي پئي ڏني ان جي باوجود هو پنهنجي پوڙهائپ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
***

