ايڊيٽوريل آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۽ ملڪي ترقيءَ جا انڊيڪيٽر May 13, 2024 Zahida Abro انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن سال پاڪستان جي معاشي ترقي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي وڌي 3.5 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ اسان جي معاشي ترقي جي اها واڌ اسان لاءِ ۽ اسان جي ملڪ جي عام عوام لاءِ خوشخبريءَ کان گهٽ نه آهي. گذريل ڪجهه سالن کان اسان جي واڌ جي شرح يعني جي ڊي پي نه هجڻ جي برابر هئي تڏهن موجوده مالي سال ۾ اسان جي مجموعي قومي پيداوار جي 2 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ترقي کي ظاهر ڪري ٿو. لڳي ايئن ٿو ته وفاقي سرڪار ۽ اسان جون صوبائي سرڪارون توڙي اهي نگران حڪومتون هيون يا موجوده چونڊيل حڪومتون خاموشيءَ سان ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. جيئن ته آءِ ايم ايف جي پنج رڪني ٽيم اسلام آباد پهچي چڪي آهي ۽ توقع اها آهي ته مشن چيف، جوناٿن پورٽر به هن هفتي ٽيم ۾ شامل ٿي ويندو. هن هفتي ۽ ايندڙ هفتي خزاني واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيم جي وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون. جيئن آءِ ايم ايف کان اهم پئڪيج حاصل ڪري سگهجي، انهيءَ پئڪيج جي ملڪ کي گهڻي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو مستقبل ۾ قرضن جي ادائگي، ملڪ ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي لاءِ اندروني سڌارا انتهائي ضروري آهن. اندروني سڌارن جي جيتري قدر ڳالهه ڪجي ته آءِ ايم ايف هن سال 11 لک وڌيڪ ماڻهن کي فائلر بڻايو آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته هن سال 11 لک وڌيڪ ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ آيا آهن. جيڪڏهن اسان جي ٽيڪس جي وصوليءَ جو نظام انهيءَ رفتار سان بهتر رهيو ته اهو ملڪ لاءِ سٺو آهي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ به ضروري آهي. معاشي وصوليون جيڪڏهن ايندڙ مالي سال اڃان وڌيڪ بهتر رهيون ته اسان جي جي ڊي پي(GDP) وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته ترقي جي شعبي ۾ گذريل 9 مهينن ۾ وڌيڪ طاقتور پاليسيون نافذ ڪيون ويون، جنهن جو اهو نتيجو آهي جو اسان جي پرڏيهي ناڻي جو گهاٽو گهٽ ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي سرڪار خاص طور تي اسان جي خزاني جي وزارت جي انهيءَ تي نظر آهي ته گردشي قرض گهٽ ڪيئن ٿئي، انهيءَ لاءِ سرڪار اهو چاهي ٿي اها رعايتون ڏيڻ ختم ڪري رهي آهي، جيئن مختلف شعبن ۾ بجليءَ جا اگهه گهٽ وٺڻ، جيئن زراعت کي پاڻي پهچائڻ لاءِ لڳل ٽيوب ويلن لاءِ استعمال ٿيندڙ بجلي سستي اگهه تي ڏني پئي وئي، اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جتي رعايتون ڏنيون پيون وڃن. سرڪار لڳي ٿو ته آهستي آهستي رعايتون گهٽائيندي ويندي. جيئن ته ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿيا آهن ۽ گهاٽي جي صورتحال قابو ۾ آندي وئي آهي، مالياتي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي. انهيءَ تي اسين سمجهون ٿا ته سرڪار ترقيءَ جي رستي تي پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهي آهي. جيئن ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ وڌيڪ اهو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي گهٽ ٿي آهي، هن سال مهانگائي 24.8 سيڪڙو آهي. ايندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح ان جي اڌ جيتري يعني 12.7 سيڪڙو ٿي ويندي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ملڪ ترقيءَ جي راهه تي هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ بهتري ڪجهه سالن جي وقفي کانپوءِ نظر اچي رهي آهي. اها معاشي مضبوطي اسان جي ملڪ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان جي معاشي مضبوطيءَ جون نشانيون مثبت نظر اچي رهيون آهن. پاڪستان هن مالي سال ۾ پنهنجا مالياتي هدف آساني سان حاصل ڪري وٺندو ۽ ايندڙ مالي سال 25-2024 ۾ به ايئن نظر اچي رهيو آهي. Post Views: 113