ملڪ رياض جنهن هڪ غريب انسان هوندي پاڪستان جي طاقتور راهدارين مان ٿيندي طاقت ۽ پئسو ڪمائي عروج حاصل ڪيو. ملڪ جي مشهور بحريه ٽائون تعميري منصوبي جو سربراهه ۽ باني آهي. هن سدائين ملڪ جي قانون ۽ انتظام کي پنهنجي مفاد لاءِ پنهنجي طور ۽ طريقن سان استعمال ڪيو ۽ ملڪ جو قانون سندس اڳيان هڪ ڊگهي عرصي تائين مجبور رهيو. جڏهن هو اهو چوندو رهيو آهي ته زمين جو ڪاروبار سڀ ڪن ٿا، آئون زمين جو ڪاروبار ڪجهه مختلف نموني سان ڪندو آهيان. آئون فائلن کي ڦيٿا هڻندو آهيان، ان جو سڌو سنئون مطلب اسان جي انتظام ۽ قانون سان مذاق ڪرڻ آهي. اهو سڄو عمل ملڪ رياض کي ڦٻندو رهيو. ڇاڪاڻ جو هو ملڪ جي اشرافيه کي پنهنجي ويجهو رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. نه صرف ملڪ جي اشرافيه بلڪه ملڪ جي انتظاميه ۽ ملڪ جو ميڊيا به سندس گهر جي نوڪري ڪندا رهيا. ڪڏهن نوڪري ڏيڻ جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن گهر ٺهرائي ڏيڻ جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن پنهنجي ذاتي جهاز جي سروس مهيا ڪرڻ جي نالي تي هن ملڪ جي نظام جي ڪمزورين کي سمجهي ورتو هو، پر جيئن ته هر عروج کي زوال ايندو آهي ايئن لڳي ٿو ته ملڪ صاحب جو ڀاڳ به هن کان رسي ويو آهي. ڇاڪاڻ جو هن وقت ملڪي احتسابي اداري ۽ قانون مٿس پنهنجو هٿ وڌو آهي. ملڪ رياض جا ڪم ۽ واپار بهتر نموني ٿي رهيا هئا، جيستائين برطانيه ۾ نيشنل ڪرائيم ايجنسي هن جي مني لانڊرنگ کي پڪڙي نه ورتو هو ۽ اسان جي ملڪ کي 190 ملين پائونڊ واپس نه ڪيا هئا.
اها رقم بين الاقوامي اداري جي حساب ۾ پاڪستان جي عوام جي ملڪيت آهي، انهيءَ ڪري اين سي اي اها رقم اسان جي ملڪ کي واپس ڪئي، پر حڪمران اشرافيه برطانوي اداري پاران رقم کي ڄڻ واپس ملڪ رياض کي ڏيئي ڇڏيو. انهن اها رقم سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ رياض تي پيل ڏنڊ عيوض جمع ڪري ڇڏي آهي ڏينهن ڏٺي جو ايڏو وڏو ڌاڙو ملڪ رياض کي ۽ ان وقت جي حاڪمن کي ڦٻڻو نه هو، پر ملڪ رياض ۽ اشرافيه گڏجي ملڪ جي زمينن ۽ عام عوام جي پئسن سان راند ڪندي رهي آهي، پر تازو ملڪ جي عدالتن انهيءَ سلسلي ۾ ڪيس ۾ سابق وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ کي 14 سال سزا ڏيئي ڇڏي آهي. ملڪ رياض اڄڪلهه متحده عرب امارت ۾ بحريه جي نالي تي هڪ نئين هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي آهي. نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو آف پاڪستان (نيب) انهيءَ اسڪيم ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪي ماڻهو پاڪستان مان ان پروجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندا ۽ پئسو ٻاهر اماڻيندا ته اها مني لانڊرنگ تصور ڪئي ويندي ۽ پاڪستان جي حڪومت اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ رياض کي متحده عرب امارات مان ڏوهارين جي مٽاسٽا واري معاهدي تحت پاڪستان واپس آڻجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو اهم قدم هوندو جڏهن لاقانونيت ۽ بد انتظامي جي خلاف سرڪار جي اها ڪوشش ڪامياب ٿيندي. ملڪ رياض جو احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي. ملڪ رياض وڏيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي. رد عمل ۾ ملڪ رياض اهو چوي ٿو ته هن کي سياسي طرح دٻايو پيو وڃي ۽ هو سابق وزيراعظم جي ڪيس ۾ سلطاني گواهه ڪونه ٿيو، انهيءَ جي انڪار جي ڪري هن خلاف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن ۽ هن اها ڌمڪي به ڏني آهي ته هو زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ جيڪا اشرافيه آهي اهي عدالتن ۾ ويٺل هجن يا عسڪري ادارن ۾ يا پارليامان ۾ هجن يا وري ٻئي ڪنهن شعبي ۾ هجن انهن جا راز فاش ڪندو.
اسين ملڪ رياض کي اهو چونداسين ته ملڪ صاحب دير ڇاجي آهي جيڪي به راز آهن اهي کوليو، رڳو ڌمڪيون نه ڏيو. ملڪ جو عوام ڏسڻ ٿو گهري ته توهان ۽ اسان جي اشرافيه هتان جي عوام کي ڪيئن ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آهي. جيڪي به راز کولڻا آهن اهي کوليو. اسين سمجهون ٿا ته ملڪ رياض جيڪو پنهنجي زندگي ۽ ڪاروبار ۾ زوال طرف وڃي رهيو آهي، انهيءَ تي عمل ڪونه ڪندو، پر اسين پنهنجن حڪمرانن کان اهو مطالبو ضرور ڪنداسين ته اهي متحده عرب امارات سان ڏوهارين جي مٽاسٽا واري معاهدي تحت ملڪ رياض کي گرفتار ڪري پاڪستان آڻين ۽ هن جا جيڪي به مالياتي اسڪينڊل آهن انهن تي ڪيس ٺاهيا وڃن. موجود وقت ۾ جڏهن بحريه ٽائون جو مالڪ ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي تڏهن اسان جي سرڪار جو به اهو فرض آهي ته ملڪ رياض کي قانون جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ ملڪ رياض جهڙن ٻين ڪردارن جي ٺهڻ کي روڪين جيڪي هن وقت ملڪ رياض جي نقش و قدم تي هلي ڪيترن ئي غريبن ۽ سرڪار جي زمينن تي قبضا ڪري هائوسنگ اسڪيمن جي شروعات ڪري رهيا آهن ۽ انهن ۾ به اسان جي اشرافيه ڪٿي نه ڪٿي ملوث ضرور آهي.