ايڊيٽوريل

وزيراعليٰ سنڌ سنڌو درياهه تي ڪنهن به نئين ڪينال جي مخالفت ڪري ڇڏي

جڏهن سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي خبر پئي ته 8 جولاءِ 2024 تي ايوانِ صدر ۾ هڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن ته سنڌو ندي مان 6 نوان ڪينال ڪڍيا ويندا ۽ انهن ڪينالن کي اسٽريٽجڪ ڪينالن جو درجو ڏنو ويو ته ساڃاهه وندن ۽ سنڌ دوست سياسي ڌرين دانهون ڪرڻ شروع ڪيون ته جيڪڏهن انهيءَ منصوبي تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ ڪوٽڙي بيراج تائين سنڌو جو پاڻي نه پهچي سگهندو، پر وفاقي سرڪار انهيءَ هوڏ تي هئي ته ڇا به ٿي پوي، اسان کي اهي نوان 6 ڪينال ڪڍي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻي آهي ۽ انهيءَ زمين تي ٻاهرين ملڪن جي سرمائيڪاري وٺي اچڻي آهي. جنهن سان ملڪ ۾ هڪ زرعي انقلاب اچي ويندو، انهيءَ ڪري اهڙي ٺهيل ڪمپني جو نالو ئي “گرين انيشيئٽو پاڪستان لميٽيڊ” جي نالي سان رکيو ويو آهي.

سنڌي ميڊيا، سوشل ميڊيا، سنڌي اخبارون، سنڌ جي دانشورن جا لکيل مضمون روز جي بنياد تي ڇاپينديون رهيون. سنڌي اخبارون ايڊيٽوريل لکي انهيءَ سنڌ دشمن منصوبي جي انگن اکرن جي مخالفت ڪنديون رهيون. سنڌ دوست سياسي پارٽين ڪانفرنسون ۽ احتجاج ڪري واضح طور اهو ٻڌايو ته سنڌو درياهه ۾ موجود پاڻي پهرين کان ئي گهٽ آهي ته پوءِ ان تي نوان ڪينال ڪيئن ٿا ٺهي سگهن ؟ انهن نون ڪينالن جي ٺهڻ جو مقصد سنڌ جي زمين کي تباهه ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو نه آهي. اهو آواز قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز طرفان اٿاريو ويو، ان جي جواب ۾ وزير پيٽروليم مصدق ملڪ اسيمبلي جي فلور تي چيو ته اوهان هڪ طرف زمينون گرين انيشئيٽو ڪمپني کي ڏيو ٿا، پاڻي جا ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏيو ٿا ته پوءِ دانهون ڇو ٿا ڪريو؟ سنڌ حڪومت وٽ آئيني حق آهي ته هو اهڙي منصوبي جي مخالفت ڪري ۽ ان کي رد ڪري سگهي ٿي. سنڌ دوست ڌرين جي عوامي بيداري مهم کانپوءِ پيپلز پارٽي تي تمام گهڻو دٻاءُ پيو. پيپلز پارٽي جي سنڌ اندر حڪومت آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز واضح طور تي چيو ته جيڪڏهن نوان ڪينال ٺهندا ته ظاهر آ سنڌ جو پاڻي کنيو ويندو ۽ باقي زمين بنجر ٿي ويندي. سنڌ دوست ڌرين جو واضح موقف هو ته اهو منصوبو ايوان صدر ۾ ٺهيو آهي ۽ ايوان صدر ۾ پيپلز پارٽي جو ليڊر صدر بڻيو ويٺو آهي، انهيءَ ڪري جيڪي ايم پي اي يا ايم اين اي اسيمبلين کان ٻاهر اعتراض ڪن ٿا، اهي منافقانه رويو رکن ٿا.

سياسي پارٽين، جي ساڃاهه وندن جي، دانشورن جي ۽ خود پيپلز پارٽي جي ميمبرن جي دٻاءُ تي ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاح دوران وزيراعليٰ سنڌ صحافين سان ڳالهائيندي واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت نون ٺهندڙ ڪينالن جي مخالفت ڪري ٿي، انهيءَ جي لاءِ جيڪي آئيني فورم آهن، يعني سي سي آئي ۾ اعتراض ڪيو ويو آهي ۽ جهڙي ريت سنڌ صوبي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري انهي کي ٺهڻ نه ڏنو. ساڳي طرح سان سنڌ حڪومت، سنڌ جو عوام، حڪومت مخالف سياسي پارٽيون هڪ آواز آهن ۽ اسان پنهنجي آئيني حق کي استعمال ڪندي اهڙو ڪوبه سنڌ دشمن منصوبو ٺهڻ نه ڏينداسين جنهن سان سنڌ کي نقصان پوي. پيپلز پارٽي جي وزيراعليٰ جي انهيءَ موقف جي آجيان ڪجي ٿي ۽ انهن سياسي ڌرين کي جس ڏجي ٿو، جن پنهنجي آئيني حق وٺڻ جي لاءِ سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرائڻ جي لاءِ قانوني ۽ پرامن احتجاج جو رستو ورتو، قانون کي هٿ ۾ نه کنيو، سيمينار ڪيا، آرٽيڪل لکيا، احتجاج ڪيا، پريس ڪلبن جي اڳيان ماڻهو گڏ ٿيا، پوري سنڌ ۾ ننڍا وڏا مظاهرا ڪيا ويا، بدين وارو مظاهرو ان جو هڪ بهترين مثال آهي. انهن سڀني گڏجي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو آئيني حق ڦُرڻ نه ڏنو ويندو. پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي جنهن ۾ چار صوبا آئيني طور جڙيل آهن، هر هڪ صوبي کي پنهنجو آئيني حق مليل آهي، وسيلن جي ورڇ ٿيل آهي ته پوءِ ڪنهن به صوبي جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، سنڌ جو جياپو پاڻي سان آهي. جيڪڏهن پاڻي بند ٿي ويو ته پوءِ سنڌ جو ماڻهو بُک ۽ اُڃ مرندو ان سان پاڪستان مضبوط نه ٿيندو، پر ڪمزور ٿيندو.

هاڻي جڏهن سنڌ صوبو هڪ آواز ٿي چڪو آهي، سنڌ جو وزيراعليٰ واضح طور چئي چڪو آهي ته سنڌوءَ تي ڪوبه نئون ڪينال نامنظور آهي. اها سنڌ جي ساڃاهه جي، آئيني طور احتجاج جي ۽ سياسي سوچ جي ڪاميابي آهي. وفاق کي عقل کان ڪم وٺڻو پوندو، جڏهن سنڌو درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي موجود ئي نه آهي ته پوءِ انهي مان نوان ڪينال ڪيئن نڪري سگهندا ؟ اسين سنڌ جي ماڻهن کي سندن پر امن احتجاج ڪرڻ تي ۽ پنهنجي ڀرپور آواز اُٿارڻ تي جس ڏيون ٿا، پيپلز پارٽي يقينن عقل کان ڪم وٺندي بهتر فيصلو ڪيو آهي ان جو اظهار وزيراعليٰ ڪيو آهي، پر ڳالهه تيستائين ختم نه ٿيندي، جيستائين وفاق طرفان انهيءَ منصوبي ختم ڪرڻ جو واضح اعلان نه ڪيو ويندو.