گذريل رات 12 وڳي چونڊن جي مهم ختم ٿي چڪي آهي. اڄ جو ڏينهن عوام کي فيصلي ڪرڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي ته هو ڪهڙي اميدوار ۽ ڪهڙي پارٽي کي بهتر سمجهي ٿو ۽ ان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو.
جمهوريت ۾ ووٽ هڪ پُرامن هٿيار آهي، جنهن جي استعمال سان ئي عوام پاڻ کي طاقتور بڻائي ٿو ۽ عوام پنهنجي ووٽ جو اختيار استعمال ڪري ملڪ ۽ پنهنجي ڀلائي جي لاءِ بهتر حڪومت چونڊي ٿو. گذريل 6 مهينن کان اليڪشن ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ واري غير يقيني واري صورتحال رهندي آئي آهي، ڪنهن وقت ائين محسوس پئي ٿيو ته اليڪشن جي ٻيڙي درياهه ۾ لُڏندي لمندي ڪٿي ڪُن ۾ نه ڦاسي پوي ۽ ڪنڌيءَ تي نه پهچي سگهي، پر وس وارن عقل جي دامن کي نه ڇڏيو ۽ سندن فيصلن نيٺ انهيءَ ٻيڙي کي اچي ڪناري تي پهچايو.
اليڪشن مهم دوران ڪجهه بدامني جا ننڍا وڏا واقعا ضرور ٿيا آهن، پر هن وقت تائين خوشقسمتي سان اهڙو ڪوبه وڏو واقعو نه ٿيو آهي جنهن جي ڪري امن امان جي صورتحال بنهه خراب ٿي هجي. اهو بهتر عمل آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته سڀاڻي جو ڏينهن به خيريت سان گذري ويندو. يقينن ملڪ جي صورتحال جيتري ويجهي ماضيءَ ۾ ڪمزور رهي آهي، شايد پهرين نه رهي هجي. معاشي طور ڪمزور ملڪ، سياسي طور عدم استحڪام ۾ ورتل، اندروني خلفشار ۽ سرحدي دٻاءَ جي حالت جي ڪري ملڪ جي پوزيشن مضبوط نظر نه اچي رهي هئي. مٿان وري اليڪشن ٿيڻ ۾ شڪ ۽ ابهام ملڪي حالتن کي سنگين بڻائي ڇڏيو هو، پر اليڪشن وقت تي ٿيڻ هڪ بهتر مستقبل طرف سٺو قدم آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسانجا سيڪيورٽي ادارا پنهنجي جان جا نذرانه ڏئي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن. هڪ ڏينهن پهرين چيف آف آرمي اسٽاف لائين آف ڪنٽرول تي جوانن سان ملاقات ڪري انهن جي همٿ وڌائي ۽ واضح لفظن ۾ پاڙيسري ملڪن کي چتاءُ ڏنو ته ڪير به پاڪستان طرف ميري اک کڻي ڏسندو ته ان جي اک ڪڍي ڇڏينداسين، پر ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته سيڪيورٽي ادارا عوام جي طاقت سان ئي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن. پوءِ اهو سياسي استحڪام هجي يا معاشي تڏهن ئي ملڪ مضبوط ٿيندو آهي ۽ مضبوط ملڪ ڏانهن ڪوبه دشمن ڪنهن به غلط قدم کڻڻ کان پهرين سئو دفعا ضرور سوچيندو آهي.
اميد اها ٿا ڪريون ته 8 فيبروري 2024 تي عوام جو فيصلو ملڪ کي استحڪام ڏيندو. عوام جي فيصلي سبب هڪ سٺي حڪومت جو وجود ايندو، جيڪا نه صرف ملڪ جي معاشي مسئلن کي منهن ڏيندي، پر اندروني ۽ بيروني مسئلن کي به بهتر نموني حل ڪندي. تعليم طرف پورو پورو ڌيان ڏيندي، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڻج واپار جا نوان رستا ڪڍندي، پر اهي ملڪ جي سلامتي جي قيمت تي نه هوندا. جنهن به ملڪ سان واپار ٿيندو اهو عزت ۽ وقار جي بنياد تي ٿيندو. ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ موجود نفرتن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پهرين اسان عوام جو فرض آهي ته اليڪشن واري ڏينهن سڀ کان پهرين پنهنجو قومي فرض ووٽ ڏيڻ جي صورت ۾ ادا ڪريون، جيڪو اسانجي مٿان پنهنجو ۽ قوم جو حق آهي. سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جيڪڏهن اسان کي ڪمزور حالت ۾ آندو آهي ته اسان وٽ موقعو آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻيون، ان سان معاشي استحڪام ايندو ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو. سڀاڻي اسان سڀني کي گڏجي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته پُرامن نموني سان پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪجي، بجاءِ گهر ۾ ويهڻ جي ۽ تنقيد ڪرڻ جي ته ڌانڌلي ٿي هئي، جيڪڏهن اسان پولنگ اسٽيشن تي وڃي ووٽ نه ڏنو ته پوءِ ڌانڌلي جا امڪان پڻ وڌي ويندا، انهيءَ لاءِ بهتر آهي ته اسين پنهنجي ووٽ جو استعمال ضرور ڪريون اهو اسانجي مٿان فرض آهي.