ايڊيٽوريل

وفاق جي سنڌ سان ترقياتي بجيٽ ۾ ٻه اکيائي

سنڌ اسيمبلي مان چونڊيل سينيٽر سينيٽ ۾ هڪ سوال رکيو ته مواصلات جي شعبي ۾ گذريل پنجن سالن ۾ پوري ملڪ اندر ۽ صوبي سنڌ اندر وفاقي حڪومت طرفان ڪيترو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي، جنهن جي جواب ۾ اها خبر پئي ته سنڌ وفاقي حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل نه آهي. سوال ان لاءِ ڪيو ويو ته خبر پوي ته وفاقي حڪومت ٻڌائي ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪيترو بجيٽ ڏنو ويو آهي ۽ ٻين صوبن ۾ ڪيترو بجيٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن انگ اکر سامهون آيا ته خبر پئي ته سنڌ کي وفاق طرفان گذريل پنجن سالن ۾ مواصلاتي شعبي ۾ صرف 60 ارب رپيا مليا آهن. جڏهن ته گلگت بلتستان جنهن کي صوبي جو درجو به حاصل نه آهي ۽ ان جي آدمشماري ۽ ايراضي تمام گهٽ آهي، ان کي به وفاق طرفان 70 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنو ويو آهي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کي 90 ارب ۽ هڪ سئو 14 ارب ڏنا ويا آهن.
پنجاب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پنجاب سان ريس ڪرڻ جو مطلب اهو نڪرندو ته اوهان جي شڪايت ۾ ڪاوڙ شامل آهي ۽ سنڌ جو عوام صرف سنڌ جو سوچي ٿو، ملڪ لاءِ نٿو سوچي، پر ايئن بلڪل نه آهي سنڌ جو ماڻهو پهرين ملڪ لاءِ ۽ پوءِ سنڌ لاءِ سوچي ٿو. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته سنڌ ملڪ جو هڪ اهم حصو آهي. ملڪ جي بجيٽ جو وڏو حصو سنڌ صوبي جي ذريعن ۽ ٽيڪسن مان حاصل ٿئي ٿو ان ڪري کيس ترقياتي ڪمن جي لاءِ بجيٽ به پنهنجي آئيني حصي مطابق ملڻ گهرجي، پر جڏهن سندس اهو مقرر حصو به نٿو ملي ته پوءِ سنڌ جو ماڻهو دانهن ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. سينيٽ ۾ پيش ڪيل انگ اکر سندس ان دانهن کي صحيح ثابت ڪن ٿا. ان ۾ ڏوهه پيپلز پارٽي جو به آهي جو اها پنج سال ان ڳالهه تي خاموش رهي آهي ته سنڌ کي مواصلاتي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ پورو نه ملي رهيو آهي. اسان جي خيال ۾ پيپلز پارٽي جي خاموشي سنڌ سان زيادتي آهي. (ن) ليگ جي حڪومت کي سواءِ پنجاب جي باقي صوبا نظر نه ايندا آهن ۽ خاص طور سنڌ صوبو ته بلڪل نظر ناهي ايندو. ڇو ته (ن) ليگ جي سرڪار سمجهي ٿي ته سندس پارٽي کي سنڌ ۾ پذيرائي نٿي ملي، پ پ کيس سنڌ اندر اچڻ کان منع ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ سنڌ صوبو ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ترجيح تي نه هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن وقت تائين سنڌ صوبي اندر هڪ به موٽروي ٺهيل نه آهي. سپر هاءِ وي کي موٽروي سمجهجي ته اها پڻ وفاقي حڪومت جي منهن جي پڪائي هوندي! هاڻي جيڪڏهن صرف وفاقي حڪومت کي ڏوهه ڏجي ته ڪنهن حد تائين جائز ٿيندو، پر پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ شامل هئي ۽ موجوده وفاقي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي پارٽي آهي. سنڌ سان واسطو رکندڙ ٻي وڏي پارٽي ايم ڪيو ايم آهي، انهن ٻنهي پارٽين جي ڪلهن تي وفاقي سرڪار بيٺل آهي ته پوءِ اهي پارٽيون خاموش ڇو آهن؟ ايم ڪيو ايم دانهن ڪندي آهي ته صرف شهري سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندي آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اهي ٻئي پارٽيون گڏجي وفاقي حڪومت تي اخلاقي ۽ سياسي دٻاءُ وجهن ته جيئن سنڌ کي پنهنجي حصي جو ترقياتي بجيٽ ملي. سينيٽر صاحب ته سينيٽ اندر واضح طور چيو آهي ته سنڌ سان مواصلاتي شعبي جي ترقياتي ڪمن اندر وفاق جو تعصب وارو رويو آهي، ايستائين جو سکر- حيدرآباد موٽروي جو افتتاح ٻه وزيراعظم ڪري چڪا آهن، پر ان تي ڪم شروع ٿي نه سگهيو آهي، ان کان وڌيڪ بدنيتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
عوام وفاقي حڪومت کان ته مطالبو ڪري ٿو، پر پيپلز پارٽي کان به اهو مطالبو ڪري ٿو ته پنهنجي حصي وٺڻ جي لاءِ اوهان قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز بلند ڪريو ۽ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ وفاق سان ڳالهايو ۽ وفاقي حڪومت مٿان ڀرپور دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪريو ته جيئن سنڌ جي مواصلاتي نظام ۾ ترقياتي ڪمن ۾ تيزي اچي سگهي. توهان جو صرف اهو چوڻ ته وفاق فنڊ نٿو ڏئي ڪافي نه آهي، ڇو ته سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته توهان جي ووٽن کانسواءِ وفاقي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندي. انهيءَ ڪري عوام اوهان جي مٿان به سوال ڪرڻ تي حق بجانب آهي.