ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو ۽ ڀارت جي ڳڻتي

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي شراڪتداريءَ سان لاڳاپيل هڪ “اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدو” ڪيو ويو آهي. هي معاهدو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن اسرائيل قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا مٿان حملو ڪري قطر جي خود مختياريءَ کي نشانو بڻائي سڄي مسلم دنيا کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي دوستي ۽ هڪٻئي سان وفاداري تمام پراڻي ۽ تاريخي آهي.

هي معاهدو 17 سيپٽمبر 2025 تي رياض ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات دوران طئي ٿيو، هن معاهدي جي خاص ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي جارحيت سمجهي ويندي. هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪندو. خطي ۾ تحفظ ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي حيثيت ۾ اضافو ٿيندو، خاص ڪري جڏهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃي.

سعودي عرب لاءِ هي اتحاد انتهائي اهم آهي، ڇو ته ان ۾ پاڪستان هڪ نيو ڪليئر ملڪ هجڻ جي ناتي هن معاهدي ۾ سعودي عرب جي سلامتيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو آهي. ان جو فائدو يقينن ٻنهي ملڪن کي مختلف طريقن سان ٿيندو. جڏهن ته هن معاهدي ايران ۽ ڀارت کي ڳڻتيءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته سعودي عرب ۽ ايران جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ هڪ تاريخي حقيقت آهي. جيڪڏهن سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي اتحاد يا جارحيت جي صورت ۾ گڏيل جواب جي ڳالهه ٿيندي ته ايران اهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان سعودي بلاڪ جو حصو بڻجي ويو آهي.

نتيجي ۾ ايران پاڪستان تي پنهنجو اعتماد وڃائي ويهندو ۽ هن وقت جيڪي پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا بهتري جي طرف وڃي رهيا آهن، انهن ۾ هڪ دفعو وري سرحدي تعاون ۾ لاپرواهي يا دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. نه صرف ايترو، پر پاڪستان ۽ ايران جون ڳنڍيل سرحدون جن ۾ اسمگلنگ ۽ دهشتگردي اهم مسئلا آهن، وري ڪر کڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن ايران سمجهي ٿو ته پاڪستان سعودي عرب جي چوڻ تي هلي پيو ته ايران پنهنجو رويو پاڪستان سان سخت ڪري سگهي ٿو يا وري خاموشيءَ سان پاڪستان جي مخالف عنصرن کي طاقتور ڪري پاڪستان لاءِ چئلينجز پيدا ڪري سگهي ٿو.

ماضيءَ ۾ به پاڪستان ۽ ايران جا واپاري لاڳاپا جيئن گئس پائيپ لائين متاثر ٿيا آهن، پر هن معاهدي کانپوءِ ايران واپاري لاڳاپن کي به محدود ڪري سگهي ٿو يا دٻاءُ طور استعمال ڪري سگهي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسان کي ان ڳالهه تي يقين رکڻ کپي ته رياست پاڪستان هڪ بهترين حڪمت عملي سان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جوڙي ان ۾ توازن قائم رکي پنهنجي دوست ملڪن ۽ دنيا جي وڏين طاقتن آمريڪا ۽ چين سان ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ کان بغير توازن سان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هميشه اهو ثابت ڪيو آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجن دوست ملڪن کي دشمن ۾ تبديل ٿيڻ ناهي ڏيندو، پر ان معاهدي کان نه صرف ايران، پر ڀارت به متاثر نظر اچي ٿو. ڇو ته گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ سعودي عرب ۽ ڀارت جا لاڳاپا تمام گهڻا ويجها رهيا آهن. ڀارتي وزيراعطم نريندر مودي کي سعودي حڪومت اعليٰ اعزازن سان نوازيو آهي. سعودي عرب ڀارت جو سڀ کان وڏو تيل جو سپلائر آهي ۽ ڀارت ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي.

اهڙي وقت ۾ جڏهن سعودي ڀارت لاڳاپا تمام گهڻا ويجها اچي رهيا هجن اتي پاڪستان جو سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ دفاعي اتحاد ڀارت جي خدشن ۾ واڌاري جو سبب بڻيو آهي. ڀارت اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته سعودي عرب سفارتڪاري ۾ توازن وڃائي رهيو آهي، ان معاهدي کانپوءِ ڪشمير جي حوالي سان به سعودي عرب پاڪستاني موقف جي حمايت ڪري سگهي ٿو. ائين به ناهي ته سعودي عرب پنهنجن لاڳاپن ۾توازن وڃائڻ جي ڪوشش ڪندو. سعودي عرب هڪ تجربيڪار رياست طور پنهنجي اقتصادي دفاعي ۽ پرڏيهي پاليسين جي ضرورتن ۽ اهميتن کان چڱيءَ طرح واقف آهي، ان ڪري هو يقينن ڀارت سان واپار ۽ سيڙپ جاري رکندو، پر پاڪستان سان فوجي ڀائيواري وڌائي خاص ڪري اسلامي ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

ممڪن آهي ته ان معاهدي کانپوءِ ڀارت ۽ سعودي عرب جي رابطن جي وچ ۾ ٿوري ٿڌ محسوس ٿئي، پر اهو به ممڪن آهي ته ڀارت پاڪستان تي جارحيت ڪرڻ کان پهرين اڃان وڌيڪ محتاط رهي. ڇو جو اهو صرف رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن جو معاملو ناهي، بلڪه ان ۾ رياستن جا مفادات به جڙيل آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هي معاهدو هڪ انتهائي اهم ۽ اسلامي شناخت، مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل معاهدو آهي.

ڏٺو وڃي ته سعودي عرب ڀارت سان به تمام گهڻا ويجها لاڳاپا رکي ٿو ۽ ڀارت هڪ ائٽمي طاقت به آهي، پر ان جي باوجود سعودي عرب کي پاڪستان سان اهو دفاعي معاهدو ڇو ڪرڻو پيو. سعودي عرب شايد دفاعي ڀائيواري لاءِ ڀارت تي اعتماد نٿو ڪري سگهي. ڀارت جا لاڳاپا اسرائيل سان تمام گهرا آهن ۽ خطي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادات ڏانهن ڀارت جو لاڙو اسلامي ملڪن جي لاءِ هميشه خبردار ڪندڙ رهندو. ايران ۾ جڏهن حماس جي ليڊرن تي حملو ڪري انهن کي قتل ڪيو ويو ته اتي ڀارتي جاسوسن جي هجڻ جو پتو پيو. هينئر دوحا ۾ به ڀارتي باشندن جي ملوث هجڻ ۽ جاسوسي ڪرڻ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ سعودي عرب پنهنجي دفاع جي لاءِ مڪمل طور تي ڀارت تي ڪڏهن به ڀروسو نٿو ڪري سگهي. ڀارت جي سابق پرڏيهي سيڪريٽري ڪنول سبال چيو آهي ته هي معاهدو سنگين غلطي آهي، جنهن جا اثر ڀارت جي سلامتيءَ لاءِ خدشن کي وڌائي سگهن ٿا. ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ڀارت پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي نئين سر ترتيب ڏئي ۽ ان کان علاوه جيڪي ماضيءَ ۾ ٿيل معاهدا آهن انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري. بهرحال هي معاهدو پاڪستان جي لاءِ هڪ نئون معاشي ۽ سياسي موقعو آهي.