نثار ميمڻ جي ڌيءَ ماروي ميمڻ ڪجهه ڏينهن کان سياست جي افق تي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ نظر اچي رهي آهي. سندس والد پرويز مشرف جي دور ۾ سينيٽر رهيو ۽ سينيٽ ۾ دفاعي ڪميٽيءَ جو چيئرمين پڻ هو. سندس سياسي وابستگي پرويز مشرف جي دور ۾ مسلم ليگ (ق) سان واڳيل رهي ۽ هو اسٽيبلشمينٽ جي تمام ويجهو رهندڙ ميمبر سمجهيو ويندو هو. ماروي ميمڻ به پنهنجو سياسي سفر پاڪستان مسلم ليگ (ق) سان شروع ڪيو. هڪ ڊگهي عرصي تائين هوءَ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن رهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن اڪثر وقتن ۾ عورتن جي بااختياري لاءِ آواز اٿاريو. هوءَ علامتي طور تي اڪثر اجرڪ پائي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ موجود هوندي آهي، پر عوام کي خبر آهي ته هوءَ هميشه اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهي آهي ۽ کيس اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل آهي. هوءَ پرويز مشرف جي دور ۾ حڪومت جي هڪ مضبوط ترجمان سڃاتي ويندي هئي. سندس سياسي وابستگي اهو ٿي ٻڌائي ته هن هميشه انهن قوتن جو ساٿ ڏنو آهي، جيڪي طاقتور حلقن جي ويجهو رهيون آهن يا اقتدار ۾ رهيون آهن.
هوءَ ڪڏهن به عملي طور تي سنڌ جي مسئلن سان گڏ ناهي بيٺي. هن وقت وري ماروي ميمڻ کي سنڌ جي سياست ۾ لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. طاقتور ڌريون هميشه اهو چاهينديون آهن ته کين ڪو اهڙو متبادل ملي وڃي جنهن کي موجوده سياسي نظام ۾ عوامي حمايت يافته سمجهي پيش ڪيو وڃي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جو مهرو بڻجي يا اقتدار ۾ رهڻ جي خواهش کڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هوءَ سنڌ ڌرتيءَ تي لٿي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي مفاد پرست ماڻهو به سندس چوڌاري گڏ ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ماروي ميمڻ نظرياتي طور تي سنڌ سان ڪڏهن به ناهي بيٺي. سندس نظرياتي وابستگي هميشه طاقتور حلقن سان رهي آهي. هن ڪڏهن به سنڌ جي بنيادي مسئلن جيئن سنڌو درياءَ جو پاڻي، ڪئنالن جو مسئلو، آدمشماري، اين ايف سي ايوارڊ يا ٻين قدرتي وسيلن تي سنڌ جي عوام جي اختيار جي باري ۾ ڪڏهن به پنهنجو موقف سنڌ جي عوام سان گڏ بيهندي ۽ آئين جي مطابق ناهي ڏنو. اهڙي ڪنهن به فرد کي لانچ ڪرڻ جو مقصد عوامي مقبوليت نه، پر مخصوص سياسي مقصد حاصل ڪرڻا هوندا آهن ۽ اهڙي وقت ۾ سنڌ جو موقعي پرست، دانشور ۽ ڏاهو هن موقعي مان ڀرپرو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان کي ڊرائنگ روم جي سياست ۾ پنهنجو حصو وجهي اهڙين ڌرين کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ حڪومت تي سڌي ۽ سخت تنقيد ڪرڻ گهرجي، احتجاج ڪرڻ گهرجن ۽ مختلف مسئلن تي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن سنڌ حڪومت جنهن جو متبادل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها پنهنجي اندر احتساب جو نظام قائم ڪري. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي خلاف سنڌ اندر ڪاوڙ موجود آهي. پيپلز پارٽي جي اندر ڪرپشن جو عنصر تمام گهڻو طاقتور ٿي چڪو آهي، ان لاءِ پيپلزپارٽي کي پنهنجي سياسي نظام کي احتساب جي نظام سان صاف ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي، جيڪا هن وقت نظر نٿي اچي، اهو ئي سبب آهي جو عوام اندر مايوسي پيدا ٿي آهي.
نوڪريون پئسي تي وڪجي ۽ خريد ٿي رهيون آهن، ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ادارن ۾ ميرٽ تي چونڊجي ايندڙ آفيسرن جي بجاءِ اهڙا ماڻهو ويٺل آهن جيڪي پئسا ڏئي نوڪريون خريد ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجو پئسو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نظام کي ناڪاره بڻائي ڇڏين ٿا. ان هوندي به سنڌ جو ٻهراڙيءَ جو عوام ۽ ووٽر پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ٿو. هن پارٽي جون سنڌ جي اندر پاڙون آهن. انهن ووٽرن لاءِ ماروي ميمڻ ۽ ان جا ساٿي پيراشوٽي سياستدان تصور ڪيا ويندا. ڇو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به اهڙي قيادت کي قبول نٿو ڪري سگهي، جنهن جون پاڙون سنڌ ۾ نه هجن جنهن جي اندر سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو نه هجي ۽ اهي صرف پنهنجو پاڻ کي اجرڪ اوڍي سنڌ جي عوام سان بيهڻ لاءِ “شوڪيس” ڪن. اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ پ پ جو متبالد آندو وڃي. ڇو ته هيءَ پارٽي نه صرف سنڌ جي هڪ طاقتور پارٽي آهي، بلڪه ان کي بين الاقوامي طاقتن جي پذيرائي ۽ سڃاڻپ حاصل آهي، هڪ اهڙي پارٽي جي ڀيٽ ۾ ماروي ميمڻ جو متبادل بڻجي اچڻ ممڪن نه آهي. سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ تي تنقيد ڪرڻ، احتساب جي گهر ڪرڻ، ڪرپٽ ماڻهن جو ڪچو چٺو پيش ڪرڻ عوام جو بنيادي حق آهي. ان لاءِ پارٽيءَ جي ليڊرشپ کي به متحرڪ ڪردار ادا ڪري پنهنجي اندر خرابين کي درست ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان کان علاوه سنڌ جون جيڪي به ٻيون پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ واريون پارٽيون آهن انهن ۾ متبادل ڳولهڻ گهرجي، جن سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺي پنهنجو قد ڪاٺ ٺاهيو آهي. مصنوعي طريقي سان لانچ ٿيل ڪوبه سياستدان سنڌ جي عوام جون دليون ۽ ڀروسو نٿو کٽي سگهي. پ پ کي سنڌ جي منظر نامي تان هٽائڻ اسٽيبلشمينٽ جي هن وقت وڏي خواهش ۽ ضرورت آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي اندر ويٺل پارٽي دشمن قوتن کي پاڻ کان ڌار ڪري ۽ هڪ خالص عوامي پارٽي بڻجي پنهنجي عوام جي خدمت ڪري. هڪ مضبوط پارٽيءَ کي ڪمزور ڪري ٻيو ڪجهه نه صرف صوبي اندر سياسي خلا پيدا ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان سنڌ اندر جمهوري تسلسل ڪمزور ٿيندو. اسان کي صرف چهرا تبديل ناهن ڪرڻا، پر نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ دانشمنديءَ سان قدم کڻڻ ضروري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ريحام خان کي لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هاڻي ماروي ميمڻ، اسان کي اکيون کولي رکڻيون پونديون.