جڏهن به ڪنهن ملڪ مٿان دهشتگرد حملو ٿيندو آهي ته ان جي ٽائمنگ کي ضرور جاچيو ويندو آهي ته ڪٿي ان جا سبب ان ملڪ جي ڪنهن معاشي، سياسي يا سماجي حالت سان ته جڙيل ناهن. 6 فيبروري 2026 وارو خودڪش بمبار حملو به اسان کي ڪيترن ئي پاسن کان سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. هي اهو وقت آهي جيڏي مهل ڪجهه ڪلاڪ اڳ پنجاب ۾ ارڙهن سالن کانپوءِ بسنت جو جشن ملهائڻ جي شروعات ٿي هئي، سڄو ملڪ ان لاءِ پرجوش ۽ پراميد هو. ان کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 200 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا. ان کانپوءِ هڪ اهڙي جاءِ تي حملو ڪرڻ جيڪو شيعه مسلمانن جي امام بارگاهه آهي. پاڪستان اندر سني شيعه جهيڙي کي هوا ڏيڻ لاءِ دشمن جو هڪ نفرت انگيز قدم نظر اچي ٿو. جڏهن پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل توانائي استعمال ڪندي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ازبڪستان جو صدر پاڪستان سان ٻه ارب ڊالرن تائين واپار جو معاهدو ڪري رهيو هو ته اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي گاديءَ جي هنڌ هي خودڪش حملو دشمن جي دشمنيءَ جي مظموم پلاننگ جو کليل ثبوت آهي. ان ۾ “را” يا “موساد” جي ملوث هجڻ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. تازين خبرن مطابق هن حملي ۾ 33 نمازي شهيد ۽ 169 شديد زخمي ٿيا آهن. سيڪيورٽي ادارن جي شروعاتي رپورٽن مطابق ان حملي ۾ افغانستان کان اسلام آباد تائين حملي آور جا پهچڻ جا انڪشاف ڪيا ويا آهن.
چيو وڃي ٿو ته حملا آور غير قانوني رستن ذريعي پاڪ افغان سرحد پار ڪئي، مقامي ماڻهو جيڪي سليپر سيلز بڻيل آهن انهن کان مدد ورتي ۽ پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ عام مسافر بڻجي اسلام آباد ۾ داخل ٿيو. سندس مددگارن اڳ ۾ ئي کيس ان امام بارگاهه جي ريڪي ڪري کيس حملي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته اسان اڃان تائين پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ پنهنجي ملڪ مان مڪمل طور تي افغان پناهگيرن کي خارج نه ڪري سگهيا آهيون. سنڌ اندر به هن وقت ڪيترائي افغان پناهگير مختلف جاين تي موجود آهن، جنهن ۾ اتان جو مقامي ماڻهو به انهن کي ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. گاديءَ واري هنڌ به ڪچين آبادين ۾ ڪيترائي غير مقامي ماڻهو رهيل آهن، جيڪي اهڙن دهشتگردن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا. اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪيل ناهي ته افغان پناهگيرن هتي رهندي نادرا جهڙي حساس اداري مان جتي الائي ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون موجود آهن، جن غير ملڪين کي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا، جيڪي هن وقت ملڪ لاءِ سخت خطرو بڻيل آهن. ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انهن سڀني شين کي فلٽر ڪري انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، پر لڳي ٿو ته ادارا سنجيده ناهن. اسلام آباد جهڙي انتهائي حساس علائقي ۾ هڪ سرحد پار دهشتگرد جو خودڪش حملو اسان جي حساس ادارن جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي نظام تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. جتي اتان جا مقامي ماڻهو ته بي ڏوها کڄي وڃن ٿا، انهن کي تشدد ڪري انهن جا لاش رستن تي اڇلايا وڃن ٿا، پر دهشتگرد خودڪش جيڪيٽون پائي افغانستان کان اسلام آباد تائين صحيح سلامت مختلف چيڪ پوسٽون پار ڪري پهچي وڃن ٿا.
جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي نظام جو “ارلي وارننگ سسٽم” ڪم نه پيو ڪري يا انهن جاين تي اهڙيون ڪاريون رڍون ويٺل آهن، جيڪي معلومات لڪائين ٿيون. ان کان علاوه سليپر سيلز جي نگراني ڪري اتان جي ماڻهن جي ڊيٽا کي اپڊيٽ نه پيو ڪيو وڃي. اسلام آباد جي سيفٽي ڪئمرا نظام تي به ڪيترائي سوال اٿن ٿا ته آخر انهن ڪئمرائن ذريعي اهڙن دهشتگردن جي مشڪوڪ حرڪتن کي ڏسي انهن مٿان هٿ وجهڻ لاءِ قانون حرڪت ۾ ڇو نه آيو؟ ڪنهن به ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ سڀ کان وڌيڪ محفوظ تصور ڪيو ويندو آهي، جتي ڪيترن ملڪن جا سفارتخانه موجود هوندا آهن، قومي اسيمبلي، سپريم ڪورٽ، صدر ۽ وزيراعظم جون رهائشگاهون هونديون آهن ۽ اهو شهر رياست جي گدي هوندو آهي. جڏهن رياست جي گديءَ تي دهشتگردي جا اهڙا واقعا ٿين ته پورو ملڪ غير محفوظ تصور ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان کي هن وقت پنهنجي سيڪيورٽي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ سڀ کان پهرين نادرا جو مڪمل آڊٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. شڪي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻيهر بايوميٽرڪ ڪرائي تصديق ڪرائڻ گهرجي، اتي ويٺل ڪارين رڍن کي اداري مان ڪڍي سزائون ڏيڻ گهرجن، ڪچين آبادين جي رجسٽريشن ڪري ڊجيٽل ميپنگ ڪرڻ ۽ انهن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وڃي ته جيئن هر ماڻهو جو رڪارڊ موجود هجي. ڪرائيدارن جي لاءِ نظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هر ڪرائيدار جي ڊيٽا پوليس اسٽيشن وٽ موجود هجي، انٽيلجنس شيئرنگ ۾ پوليس ۽ آءِ ايس آءِ جي وچ ۾ معلومات جي مٽا سٽا ۾ اڪثر دير ٿي ويندي آهي، ان ڪري انهن کي هڪ مرڪزي نظام تحت ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. شهر کي سيف سٽي بنائڻ لاءِ صرف ڪئمرائون ڪافي ناهن، پر انهن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ٿيڻ گهرجي ته جيئن مشڪوڪ يا اشتهاري دهشتگردن کي هجوم ۾ به سڃاڻي سگهجي. شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي هر گاڏيءَ جو نمبر (ANPR) خودڪار طريقي سان رڪارڊ ٿيڻ گهرجي، بارڊر تي فينسنگ جي بجاءِ ٿرمل ڪئمرائون لڳائڻ ۽ ڊرون ڪئمرا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه پوليس کي دهشتگردن جي مقابلي لاءِ خاص تربيت ڏيئي مشڪوڪ ماڻهن جي حرڪت کي سڃاڻڻ جي لاءِ تيار ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي نظام ۾ جيڪي لوپ هولز موجود آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي جنهن جو فائدو دهشتگرد ۽ دشمن وٺي رهيا آهن ته جيئن اسان جو ملڪ ۽ قوم محفوظ رهي سگهي.