غير قانوني مهاجرن جي نيڪال جو عمل تيز ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪراسنگ پوائنٽ قائم
اطلاعن موجب غير قانوني افغان مهاجرن کي افغانستان ۽ ايران واپس موڪلڻ وارو عمل تيز ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت وڌيڪ 3 ڪراسنگ پوائنٽ کولي رهي آهي. بلوچستان جي نگران وزير اطلاعات جان اچڪزئي گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اهي ڪراسنگ پوائنٽ قلعه سيف الله، قمرالدين ڪاريز ۽ ضلع چاغي ۾ براچه نور وهاب ۾ کوليا پيا وڃن ته جيئن افغان ۽ ايراني بلوچ جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي ويٺا آهن، انهن کي 31 آڪٽوبر واري ڊيڊ لائن تائين ملڪ مان ڪڍيو وڃي.