خاصنئون

رنگ ڳورو ڪرڻ وارين ڪريمن سان تنتي نظام شديد متاثر ٿي سگهي ٿو

آمريڪا ۾ هڪ عورت جنهن ميڪسيڪو ۾ ٺهيل رنگ ڳورو ڪرڻ واري ڪريم استعمال ڪئي جنهن سان سندس مرڪزي تنتي نظام (سينٽرل نروس سسٽم) شديد متاثر ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽرن هن جي ابتدائي مرحلي ۾ ان جو سبب پاري (مرڪري) کي ڄاڻايو آهي، جيڪو اهڙين ڪريمن ۾ گهڻي مقدار ۾ شامل هوندو آهي ۽ رنگ صاف ڪندو آهي. هن وقت ان عورت جي حالت تمام گهڻي خراب آهي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان به محروم ٿي چڪي آهي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا سان فرانسيسڪو جي ڊاڪٽرن هن ڪيس تي غور ڪرڻ کانپوءِ چيو آهي ته رنگ ڳورو ڪرڻ وارين ڪريمن ۾ اڪثر غير نامياتي (ان آرگينڪ) پارو هوندو آهي جيڪو زهريلا اثر ڇڏي ٿو جيڪو اسان جي مُشڪن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ نروس سسٽم کي شديد متاثر ڪري معذوري طرف وٺي وڃي ٿو.