بلاگنئون

خواجه سرا، ٽرانسجينڊر ۽ اڌرڪن کان ٿرڪن تائين

(دنيا جي مٿو ڦيريندڙ ائبنارملٽي)

گذريل ڏينهن ۾ هڪ دوست سان ڪچهري ٿي رهي هئي ته ملڪ جي سماج جي موجوده صورتحال تي ڪچهري ڪندي چيائين ته يار بهتر اهو ناهي ته واپس جهنگ ۾ هلجي ۽ جانور ٿي گذارجي، بس گهڻو ٿيو. مان ڇرڪي پيس سماج مان ايتري بيزاري پيدا ٿي چڪي آهي، پر ٿورو سوچيندي نتيجو سامهون آيو ته سماج ته آهي ڪونه، سماج ته ٽٽي چڪو آهي، هي ته شيطانن جو جهنگ آهي، سماج ته ڊسيپلين ۽ قانون سان هلندا آهن، سماج انهيءَ کي چئبو جتي انصاف هجي، امن سان جيئڻ ڏنو وڃي، انسانيت ۽ پيار جا رشتا هجن هتي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. ماڻهو اهڙي سماج مان بيزار ٿي چڪو آهي، واقعي انهيءَ کان جانور ڀلا آهن، ايستائين ته ٺيڪ آهي جو اسان جا ماڻهو پاڻ کي شينهن سڏائين ٿا، ڪي بگهڙ سڏائين ٿا، پر ڪي ٻلي سڏجن، پر ڪتو يا مِرون ڪير ڪونه ٿو سڏائي. ڳالهه صرف سڏائڻ تائين هجي ها ته ٺيڪ هئي، پر ان وقت مٿو ڦري ٿو وڃي، جڏهن واقعي ئي ماڻهو جانور بڻجي پاڻ کي ڪنهن جانور جهڙو حليو ٺاهي جيئن ٿا، اهو ممڪن ڪيئن آهي؟

ٽرانسجينڊر ڇا آهي، اسان سمجهندا هئاسين کدڙا فقير شايد هاڻ ٽرانسجينڊر سڏجن ٿا، پر بلڪل اهو خيال غلط ثابت ٿيو اصل ۾ ٽرانسجيڊرGay or Lesbian کي سڏجي ٿو. 1931ع ۾ جرمني جي ڊورا رچرڊ کي اچي خيال ٿيو ته مان هڪ عورت آهيان، بلڪه عورت جهڙيون وصفون منهنجي اندر موجود آهن. پوءِ ڇو نه عورت بڻجي گذارجي انهيءَ ڪري سرجري ڪرائي پاڻ کي هن عورت بڻايو رڪارڊ موجب پهرين مرد مان عورت بڻجڻ واري عورت هئي. ان کانپوءِ ڊينمارڪ جو هڪ مرد للي ايلب جنهن پنهنجي سرجري ڪرائي پاڻ کي عورت قرار ڏنو، ان کانپوءِ آمريڪا جو ڪرسٽين جارجينسين کي اچي وسوسو ٿيو ته پاڻ هڪ عورت آهي، سرجري ڪرائي عورت ٿي ويو. ان کانپوءِ مائيڪل ڊلون هڪ عورت هئي جنهن کي خفت پيدا ٿي ته هوءَ مرد آهي، سرجري ڪرائي مرد ٿي ويو. ايستائين ته وري به ٺيڪ آهي، پر آهستي آهستي قطار وڌندي وئي، تان جو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو ته هم جنس پرستي عام ٿي وئي. عورتون عورتن سان سيڪس ڪن ته مرد مردن سان. وري گهڻا ڇوڪرا توهان  کي وار وڏا پونيون ٻڌيون پيون هونديون، کلي عام ٻين ڇوڪرن جي هنج ۾ ليٽيا پيا هوندا آهن. ويپ پيئندا يا ڪو نشو ڪندا، پارڪن ۾ گاڏين ۾ عام توهان کي ملندا. ٻئي طرف ڇوڪرين جا سيڪسي ناتا وري ڇوڪرين سان وڌندا وڃن، ليزبن ۽ گي کان علاوه هنن ماڻهن سيلڪان جا سيڪسي عضوا وٺي استعمال ڪرڻ شروع ڪيا جنهن جي دنيا الڳ آهي.

اچو ته علم نفسيات جي روشني ۾ انهيءَ کي ڏسون. ڊاڪٽر جنگ چيو هو ته  مرد ۽ عورت دراصل هڪ ئي تخليق جا ٻه روپ آهن، هر عورت ۾ ٿورو مرد هوندو آهي، هر مرد ۾ ٿوري عورت هوندي آهي، عورت ۾ مرد جي نمائندگي انيمس ڪندو آهي، مرد ۾ عورت جي نمائندگي انيما ڪندو آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن به عورت ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هوندو ته اها عورت ٽرانسيجنيڊر ٿيندي، جيڪڏهن مرد ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ هوندو ته اهو مرد ٽرانسجينڊر ٿيندو.

اچو ته ڏسون ته بائلاجيءَ ۾ ڪهڙو نقص ٿئي ٿو. بائلاجيءَ ۾ هر مرد يا عورت ۾  ايڪس ۽ واءِ جا جوڙا ٿيندا آهن. ڪل 46 ڪروموسومز جا 23 جوڙا هوندا آهن. مرد لاءِ ايڪس ۽ واءِ ٻنهي جا جوڙا ٿيندا آهن، پر عورت لاءِ صرف ايڪس جا ڪروموسومز جا جوڙا ٿيندا آهن. انهيءَ جو مطلب ته جيڪڏهن ڪروموسومز جي تعداد ۾ صرف هڪ ڪروموسوم به وڌيڪ هوندو ته بائلاجي بگڙي پوندي يا ٽرانسجينڊر ٿيندو يا وري قد وڏو يا بندرو يا وري ڪو ٻيو ڏڦير ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪنهن مرد ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ هوندو ته ان مرد ۾ عورتاڻيون خاصيتون وڌيڪ نظر اينديون، پر جيڪڏهن عورت ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هوندو ته ان عورت ۾ مرد جون خاصيتون وڌيڪ ٿينديون. اهڙي طرح ڪامياب شادي شده زندگي لاءِ به هڪ عورت ۾ مرد جيڪڏهن وڌيڪ آهي ته  مرد ۾ عورت جو وڌيڪ هئڻ ضروري آهي. جيڪڏهن عورت ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ آهي ته مرد ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت ۾ مرد وڌيڪ آهي ۽ مرد ۾ به مرد وڌيڪ آهي ته شادي ناڪام ٿيندي.

هاڻي اسان اچون ٿا اڌرڪن(Other kin)  ڏانهن. اڌرڪن اهڙن ماڻهن کي چئجي ٿو جيڪي پاڻ کي ڪا خلائي، روحاني، جانور يا شيطاني مخلوق سمجهن ٿا. هنن جو خيال آهي ته سندن گذريل جنم ڪنهن جانور جو هو، ڪي وري جنم کي نٿا مڃين، پر سمجهن ٿا ته ڪا بائلاجي غلطي جي ڪري هو انسان جي روپ ۾ ظاهر ٿيا آهن، پر اصل ۾ ڪا ٻي مخلوق آهن. مثال: پريون، جن،  شيطان يا ڪو جانور، هڪ ٻيو گروپ جيڪو پاڻ کي صرف جانور سمجهي ٿو انهيءَ کي ٿيرڪن their kin سمجهن ٿا جيڪي صرف جانور جو روپ اختيار ڪن ٿا. ڪڏهن بگهڙ ته ڪڏهن ڪتو يا وري ٻلي جي روپ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا. 1990ع ۾ آمريڪا جيUniversity of Kentucky  ۾ هڪ شاگرد Elesar کي اچي وسوسو ٿيو ته هو انسان ناهي، بلڪه هڪ جانور آهي، هن جي خيال ۾ ته هن جو روح ڪنهن ٻلي جو آهي ڪنهن بائلاجيءَ جي غلطي سان هو ماڻهو جي روپ ۾ آيو آهي. هن باقائده پاڻ کي سرجري ڪرائي هزارين ڊالر خرچ ڪري پاڻ کي ٻلي جو روپ ڏنو. پوءِ 2012ع تائين هو ٻلي جي روپ ۾ رهيو. هن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ داخل آهي، جلدي هن اهڙن ماڻهن کي انٽرنيٽ تي ڳولهيو جيڪي جانور محسوس ڪن ٿا. رابطا ڪاري ڪري جلد ئي هڪ وڏو جٿو وجود ۾ اچي ويو، جيڪي پاڻ کي جانور سمجهڻ لڳا. 1995ع ۾ ايترا ماڻهو جانور جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا جو هنن پنهنجو منشور ٺاهيو، ويب سائيٽون کوليون، هنن جي تنظيم وجود ۾ اچي وئي.

هنن جي منشور جا ڪجهه نقطا هن ريت آهن:

  1. ڪنهن کي به بدني ساخت يا گوشت پوشت سان سڃاڻي نٿو سگهجي، بلڪه اصل ۾ سڃاڻپ سندن روح سان ٿيندي آهي.

  2. هي سڃاڻپ يا ذات جو اظهار جو طريقو آهي، اندر ۾ جيڪا مخلوق اصل ۾ آهي، انهيءَ کي ظاهر ٿيڻ گهرجي.

  3. اسان سڀني مخلوقن جي عزت ڪريون ٿا انهن کي تسليم ڪريون ٿا.

  4. اسان لاشعور سان ڳنڍجي، پنهنجي ياداشت ۽ مراقبي ذريعي پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. اسان دنيا ۾ انسان ۽ جانور جي وچ ۾ جيون ٿا، پر پنهنجي اندر جي سڃاڻپ جو اظهار ڪريون ٿا.

  5. اسان پنهنجي جٿي کي وڌائي وجود کي کلي آزادي جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا.

اهڙي طرح آمريڪا ۽ يورپ ۾ هنن اڌرڪن ۽ ٿيرڪن جون تنظيمون جڙڻ لڳيون. هن وقت هزارن جي تعداد ۾ اڌرڪن آهن، جيڪي جانور بڻجي زندگي گذارين ٿا. انهن کي قانوني تحفظ آهي. اسان جي ملڪ سميت دنيا ۾ باقائده انهن لاءِ قانون ٺهي چڪا آهن، توهان سوچيندا ته ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟

برطانيه جي هڪ ماڻهو پنهنجي وجود کي ڪتي جي روپ ۾ ظاهر ڪيو پنهنجو ميڪ اپ ڪتي جو ڪري هڪ اسٽور جي رکوالي ڪرڻ شروع ڪئي. ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي ڀوئڪڻ لڳو. حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته اهڙا ماڻهون صرف پاڻ کي جانور چون ها ته هلي ها، پر هنن پنهنجي خاصيتن ۽ روپ کي به مٽائي جانور ڪيو. جانورن جي طرز جي زندگي گذارڻ لڳا.

اصل ۾ جديديت پڄاڻان دور جو بنياد اهوئي آهي ته ماڻهو پنهنجي مرڪز کان وڇڙي ويو، ڪوبه بيانيو مرڪزي نه رهيو يا ائين کڻي چئجي ته هي دور چند سرمائيدارن جي ور چڙهي ويو آهي، جيڪي دنيا کي هڪ وڏي منڊي ۾ تبديل ڪري چڪا آهن. ميڊيا هنن جي خريد ڪيل آهي. هنن جي بيانيي تي نوجوان هلي ٿو. هنن نيرو لنئگيج جي ذريعي نوجوانن کي  پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي.

هنن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪابه معنيٰ ناهي، وجود  هوائي لهرن تي پيو اڏامي جيڏانهن وڃي دنگ ڪري، انسان جو وجود سندس داخليت ۾ لامحدود آهي، جنهن کي ڪوبه ليبل لڳائي نالو نٿو ڏئي سگهجي. موجود سماج انسان کي سندس وجود جي شناخت جو ليبل لڳائي انهيءَ کي لڪير جو فقير بڻائي جيئاري ٿو، لازمي ناهي ته وجود اهوئي هجي جيڪو سماج توهان کي ڏنو آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو ٻيو وجود  ڪا ٻي سڃاڻپ توهان جي اندر ۾ لڪيل هجي، جنهن کي توهان اڃان ڊسڪور نه ڪري سگهيا آهيو. تنهنڪري وجود جو هي روپ توهان جي مٿان ماسڪ وانگر آهي. اصل وجود ڪو ٻيو آهي. وجود جي ڳولها جو هي انوکو طريقو ۽ شناخت جو بحران ماڻهو کي ڪيڏانهن کڻي ويندو اها ته اڃان صرف شروعات آهي. چئي نٿو سگهجي ته انسان هن دنيا کي ڪهڙي ريت تباهه ڪندو؟ 21 صدي انسان جي آخري صدي آهي. هن کانپوءِ انسان نه رهندو جانور ئي رهندو.

ٻئي طرف نفسياتدان چون ٿا ته موجوده سماج ٽٽي چڪو آهي، جنهن ڪري ڀڃ ڊاهه خطرناڪ حد تائين ٿي رهي آهي. موجوده صورتحال اڌرڪن يا ٽرانسجينڊر وغيره سڀ انساني فراريت جا روپ آهن. اڳتي هلي انسان هن سفاڪ ۽ ظلم جي نظام مان ايترو بيزار ٿيندو جو پاڻ کي نشي ۾ گم ڪندو، وري جانور يا ڪو ٻيو ائبنارمل ڪردار ادا ڪندو. هن سماج جي ڀڃ ڊاهه ڪٿي به دنگ نه ڪندي آهستي آهستي ڪرمنل دنيا انسان کان جيئڻ جو حق کسي وٺندي.

ڪن دانشورن جو چوڻ آهي ته دنيا جي آبادي ڳاڙهي ليڪ تي پهچي چڪي آهي. هن وقت ساڍا اٺ ارب جي آبادي جو بار دنيا نٿي کڻي سگهي اها آبادي قدرتي طور گهٽجڻ لاءِ اهڙا حادثا ٿيندا. ڪڏهن جنگيون لڳنديون ته ڪڏهن وائرس ايندا يا وري انسان پاڻ کي تباهه ڪرڻ جا ڪي ٻيا جتن ڪندو، ان ۾ انسان پاڻ کي جانور بڻائيندو. هي مافياز جي دنيا آهي جنهن جو مرڪز طاقت آهي، دولت آهي سيڪس آهي، ڪوبه قدر ناهي رهيو، بدتميزي جو طوفان هلي رهيو آهي. طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪريو ڪهڙو به ڏوهه ڪريو، بس طاقت حاصل ڪريو، انهيءَ صورتحال ۾ انسان جو اندر خالي کوکلو ٿي پيو آهي، اندر ۾ انسان رڙيون ٿو ڪري، شايد نئين پيڙهي لاءِ هيءَ ڳالهه انوکي ناهي، پر 20 صدي جي پيڙهي گهڻو ڪجهه ڀوڳيندي.

منهنجي خيال ۾ دنيا جي ٽريجڊي ان وقت شروع ٿي جڏهن سوويت يونين ٽٽي ويو، سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ ڪري انسان مڪمل ڪمرشلائيز ڪمپنين جي هٿ اچي ويو. انهيءَ ڪري هڪ طرف کرب پتي سرمائيدار آهن، ٻئي طرف عام ماڻهو ماني لاءِ به سورن ۾ آهي. مقابلي بازي جي ڊوڙ ۾ جيڪو انسان ٽرانسجينڊر ناهي ٿيو اهو به ائبنارمل ٿي رهيو آهي،  اسان پنهنجي آسپاس نظر وجهنداسين ته هزارين نوجوان پنهنجو توازن وڃائي چڪا آهن. هنن وٽ اخلاقي بحران، فڪري بحران، سوچ جو فقدان موجود آهي، ڪٿي به سنجيدگي ناهي. صرف ڏيکاءُ پرستي ۽ پاڻ پڏائڻ جي مرض ۾ مبتلا آهن. گذريل ڏينهن ۾ ذهني صحت جي عالمي ڏينهن تي هڪ رپورٽ پڙهڻ لاءِ ملي انهيءَ مطابق دنيا ۾ ذهني مريض تيزي سان وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو روڊ تان موٽرسائيڪل جو سائلينسر ڪڍي چڙ ڏياريندڙ شور سان بائيڪ هلائي ٿو ته اهو به ائبنارمل آهي، جيڪو ٻار رات جو پيزا کائڻ جو ضد ڪري ٿو ته اها به ائبنارملٽي آهي، جيڪو ماڻهو ڪرپشن ڪري اربين رپيا ڪمائي ٿو ۽ عام خلق کي آزاري ٿو ته اهو به ائبنارمل آهي، جيڪو روڊ ڪراس ڪندي گاڏين جو خيال نٿو رکي يا وري موٽرسائيڪل لهرائيندي رف هلائي ٿو يا وري زال ٽي وي تي موجود ڊراما ڏسي مڙس سان يا گهر وارن سان سازشون ڪرڻ ۾ پوري آهي ته اها به ائبنارمل آهي، جيڪو استاد اسڪول ۾ ڪلاس نٿو وٺي وري ماڻهن کي رڳو تبليغ ڪري ٿو يا جيڪو فيس بُڪ يا ٽڪ ٽاڪ تي ڏيکاءُ پرستيءَ ۾ اڳتي نڪتل آهي يا فحش وڊيو ڏسڻ جو عادي آهي اهو به ائبنارمل آهي. روڊ تي هلندي يا ڊرائيو ڪندي موبائل ڪن تي رکي ٿو اهو به ائبنارمل منظر آهي، جيڪو ٿوري ڳالهه تي جذباتي ٿي شور ڪري ٿو ڳالهه مرڻ ۽ مارڻ تائين پهچي وڃي ٿي ته اهو به ائبنارمل آهي، جيڪو نشي جي لت ۾ پنهنجي ذميداري نٿو نڀائي اهو به ائبنارمل آهي.

اسان ڏسنداسين ته سماج سڄو ائبنارمل ٿي چڪو آهي، لکين سفاڪي جون ڪهاڻيون توهان جي ارد گرد پکڙيل آهن. انهيءَ ڪري ته سماج صرف قانون، انصاف، مساوات ۽ اخلاقي قدرن تي هلندو آهي. هتي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ شخصيت جو بحران ۽ وجود جي ڳولها ۾ ماڻهو جانور ٿي زندگي گذاري ٿو، اها برابر تجريدي زندگي آهي، ڪراهت ۽ ڪرڀ واري آهي، پر حقيقت  اها اهي ته اسان جي سماج جي صورتحال اڃان به ڪرڀ ۽ ڪراهت واري آهي، جتي ڪوڙ، ٺڳي، بي ايماني، ڀڙوت ڪندڙ جي واهه واهه آهي. ڪرپٽ ۽ ڪوڙي ۽ ٽپتائي ماڻهو جو آڌر آهي، جهان خان کي ساراهيو وڃي ٿو. سچ، انصاف يا انسانيت جو طلبگار ڪيترو اڪيلو ۽ ڪنڊائتو آهي، انهيءَ سماج کي ائبنارمل نه چئون ته ڇا چئون؟

***