سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 41 ڪيس ظاهر، هڪ مريض فوت

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 41 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 1452 ٿي ويو آهي. وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 31 ٿي ويو. جڏهن ته هيستائين 525 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 937 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ جن 31 ماڻهن جو موت واقع ٿيو آهي، انهن مان 28 ماڻهن جو تعلق ڪراچي سان آهي. سکر ضلعي ۾ 272، خيرپور ۾ 15 ۽ گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس جا ٻه ڪيس سامهون آيا آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 15 ۽ جيڪب آباد ۾ 3 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن
