گئس بحران: سنڌ حڪومت جي بلوچستان سان گڏجي احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي

سنڌ حڪومت وفاق کي صوبي ۾ گئس بحران ختم نه ٿيڻ تي بلوچستان سان گڏجي احتجاج جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي. زراعت واري وزير اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جو بحران ختم نه ٿيو ته بلوچستان سان گڏجي احتجاج ڪنداسين. وفاق سنڌ ۾ گئس جي بحران جو مسئلو حل ڪرڻ بدران ٻين ڪمن ڪارين ۾ رڌل آهي. گئس جي فراهمي بند هجڻ سان صنعتڪار، ٽرانسپورٽر ۽ گهريلو صارفين تمام گهڻيون تڪليفون ڀوڳي رهيا آهن. گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ان جي فراهمي جاري آهي. آئين ۾ اهو ڪٿي به درج ناهي ته پهريون حق ٻين جو آهي، سنڌ پنهنجو آئيني حق گهري رهي آهي. جڏهن ته عمر ايوب کي آئين جي اي بي سي جي خبر به ناهي، کيس تربيت جي ضرورت آهي. وفاق خود تسليم ڪيو آهي ته سنڌ 72 سيڪڙو گئس پيدا ڪري رهي آهي، پر سنڌ جا ماڻهو هينئر ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهن. سنڌ کي آئين تحت ان جو حصو ڏنو وڃي، گئس جي بحران تي اڃان تائين وزيراعظم ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته خان صاحب ناتجربيڪار وفاقي وزيرن کي بني گالا ۾ ٽريننگ ڏياري ته جيئن انهن کي آئين جي خبر پوي. هن وقت سنڌ کي 1600 ملين ڪيوبڪ گئس جي ضرورت آهي.