هن وقت پاڪستان ۾ سرويڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم جاري آهي، اهو واحد ڪينسر آهي جيڪو عورتن ۾ هڪ خاص وائرس جي ذريعي پکڙجي ٿو. جنهن کي هيومن پيپيلوم وائرس (HPV) سڏجي ٿو. اڪثر ماڻهن ۾ اهو وائرس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي اندر قوت مدافعت گهٽ هجڻ جي ڪري اهو وائرس ڪينسر جو سبب بڻجي ويندو آهي. اهو ڪينسر مردن ۽ عورتن ٻنهي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، پر جيئن ته عورتن جي اندر فطرت پيدائش جو هڪ نظام رکيو آهي، جنهن ۾ ان جي ٻچيداني متاثر ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي اها عورت مختلف مسئلن کي منهن ڏئي سگهي ٿي. حڪومت هڪ بهتر قدم کڻي ان بيماريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص عمر جي نوجوان ڇوڪرين کي هن بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي بچاءُ ڪرڻ جو هڪ بهترين قدم کڻي رهي آهي. جيئن ته اسان جي معاشري ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ان ڪري ان بابت ڪيترائي افواهه پکڙجي رهيا آهن. نه صرف افواهه پکڙجي رهيا آهن پر گمراهه ڪن بيانيه به ٺاهيا ويا آهن. خبر ناهي اسان وٽ جڏهن به ڪنهن بيماريءَ بابت ڪا مهم هلي ٿي ته هڪ مخصوص گروهه پنهنجي منفي سوچ سان هڪ خاص قسم جي پروپيگنڊا عام ڪري عوام اندر ان ويڪسين خلاف يا ان دوا خلاف خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري؟ جنهن جي ڪري اهي نتيجا جيڪي اسان جي حڪومت ان ويڪسين جي وسيلي حاصل ڪرڻ چاهي ٿي حاصل نٿا ٿي سگهن. عام ماڻهو مجبور ٿي صحت کاتي جي ٽيمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳن ٿا، ڪڏهن پوليو خلاف هلندڙ مهم تي اعتراض والارين ٿا ته ڪڏهن ڪووڊ 19 ويڪسين خلاف هلندڙ مهم کي غير شرعي قدم قرار ڏيئي پروپيگنڊا ڪندا رهن ٿا. ايتري تائين چيو ويو ته جيڪو ڪووڊ ويڪسين لڳرائيندو اهو هفتي اندر مري ويندو ۽ ايترو موت ٿيندو جو ماڻهو دفنائڻ وارا کٽي پوندا، پر وقت ثابت ڪيو ته ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿي، بلڪه ماڻهن کي ان ويڪسين ڪرائڻ کانپوءِ صحت ملي وئي. هن وقت جڏهن سرويڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم شروع ٿي آهي ته اهي ساڳيا عناصر ڪوڙي ۽ منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪينسر هڪ متعدي بيماري آهي جيڪا صرف هڪ فرد کي نه، پر سڄي خاندان کي متاثر ڪري ٿي، تنهنڪري ان جو سڀ کان موثر حل بروقت روڪٿام آهي. هن وقت سرويڪل ڪينسر کي روڪڻ لاءِ هڪ ويڪسين موجود آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان ڪينسر جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. جيئن اسان ماتا، پوليو ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو گهڻي قدر خاتمو آڻي چڪا آهيون. بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ هر نئين ويڪسين خلاف شڪ وارو ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بي علميءَ جي بنياد تي هوندو آهي. جيستائين ويڪسين بابت اصل حقيقتون سامهون اچن تيستائين ماڻهو ان کان خوف کائڻ لڳندا آهن.
اصل ۾ هڪ خاص مخصوص ذهنيت رکندڙ ماڻهو جيڪي عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ جيڪو خال آهي ان کي وڌائڻ چاهين ٿا ۽ ٻيو ته غريب عوام جيڪا هونئن ئي تعليم ۽ شعور کان وانجهيل آهي ۽ ڪنهن خاص بيانيي جو جلد شڪار ٿي وڃي ٿي، ان کي ٽارگيٽ ڪري حڪومت مخالف قدم کڻڻ تي مجبور ڪن ٿا ته جيئن حڪومت جو هلايل اهو اصلاحي صحت لاءِ پروگرام ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ حڪومت کي ناڪامي ڏسڻي پوي يا وري هڪ ئي پروگرام کي ڪيترن ئي مرحلن ۾ هلائڻ تي مجبور ڪيو وڃي. ان بيانيي پکيڙڻ ۾ نه صرف سياسي سوچ رکڻ وارا ڪجهه گروهه شامل هوندا آهن، پر اهي ماڻهو به شامل هوندا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهندا آهن، پر انهن کي مذهب جي حقيقت ۾ ڪابه ڄاڻ يا سمجهه نه هوندي آهي ۽ مذهب کي هڪ هٿيار طور اٻوجهه ماڻهن جي اڳيان استعمال ڪري پنهنجو ڪم ڪڍندا آهن.
اهي سوچيندا آهن ته حڪمران جيڪي عوام جي ڀلائيءَ جي نالي تي ٻاهرين ملڪن کان صحت ۽ تعليم لاءِ مسلسل امداد وٺي رهيا آهن۔ ڇا اها مليل امداد مستحق ماڻهن کي ملي ٿي؟ ان جو جواب نه ۾ ملي ٿو ته پوءِ حڪمران اوچتو انهن لاءِ ويڪسين بابت ايترا سنجيده ڇو ٿي ويا آهن؟ اهڙا سوال عوام جي دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪن ٿا. جيڪڏهن حڪمران شفاف طريقو اختيار ڪن، عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون ڏين، تعليم جي حق کان محروم نه ڪن، کين غربت مان ڪڍن، روزگار ڏيئي سندن ڀرجهلا بڻجن ته پوءِ عوام جو رياست، جمهوريت ۽ ويڪسين پروگرامن تي اعتماد وڌندو، پر هن وقت ملڪ جا حڪمران بيوروڪريسي ۽ سياستدان عوام کي انسان نه، پر ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي سندن بنيادي حق کسيندا رهيا آهن، جنهن بي اعتمادي کي جنم ڏنو آهي. هر سياستدان پنهنجن علائقن ۾ هر اليڪشن ۾ نوان ڏٽا ڏيئي ۽ نوان نوان ڪوڙ گهڙي ووٽ وٺي وڃي ٿو، اهي پوءِ پنجن سالن تائين علائقن جي سورن کان واقفيت ئي نٿا رکن ته عوام مٿن اعتماد ڪيئن ڪندو. هن وقت ويڪسين تي اعتماد به تڏهن ئي بحال ٿيندو جڏهن حڪومت پنهنجو طريقو تبديل ڪندي، عوام جي مسئلن کي ترجيح ڏيندي ۽ شفاف گورننس وارو طريقو اختيار ڪندي. ٻي صورت ۾ ويڪسين بابت شڪ ۽ شبها ختم نه ٿيندا. ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏيو، انهن جي حالت تبديل ڪريو، باقي هر ويڪسين بچاءُ لاءِ هجي ٿي. هيءَ ويڪيسن 150 ملڪن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ياد رکو سروڪس جي ڪينسر جو علاج ممڪن ڪونھي. پاڪستان ۾ صرف ھڪ سال ۾ پنج ھزار عورتون ان ڪينسر ۾ متاثر ٿين ٿيون، جن مان ٽي هزار پنج سئو عورتون جوانيءَ ۾ فوت ٿي وڃن ٿيون. عالمي صحت جي اداري موجب پاڪستان ۾ ڪينسر جي اسڪريننگ جي ڄاڻ، عوامي آگاھي ۽ صحت جون سھولتون نه ھجڻ جي ڪري سروڪس جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن جو صحيح انگ معلوم ڪونھي، اھو انگ تمام گهڻو وڌيل ٿي سگهي ٿو. هن وقت اها ويڪسين حڪومت طرفان مفت مهيا ٿي رهي آهي، جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت ڏھ ھزار رپيا آھي. اھا ويڪسين بلوغت کي پھچندڙ نياڻين کي لڳندي ته کين سروڪس سميت يوٽرس، اووري ۽ بريسٽ ڪينسر جو خطرو ٽري وڃي ٿو. ان ڪري پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏيو ۽ حڪمرانن جي روين کي هڪ پاسي رکي پنھنجي معصوم نياڻين جي ويڪسين ڪرائي سندن صحت محفوظ بڻايو.