بلاگنئون

قبيلائي دهشتگرديءَ تي رياست آخر ڪيستائين خاموش رهندي؟

سنڌ، جيڪا صدين کان امن، محبت، رواداري ۽ انسانيت جي ڌرتي سڏي ويندي هئي، اڄ قبيلائي دهشتگردي جي هٿ ور چڙهيل آهي. شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گھوٽڪي، سکر ۽ پنوعاقل جا علائقا روز نوان لاش کڻن ٿا، بيشمار گهر روزانو جي بنيادي تي اجڙي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي خاندان غم ۾ ٻڏل آهن. گذريل ٻن سالن ۾ رڳو شڪارپور ۽ پنوعاقل جي ڀرپاسي ۾ 40 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا. جڏهن ته 1988ع کان 2025ع تائين جتوئي ۽ مهر قبيلن جي جهيڙي ۾ 450 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا. هي انگ اکر رڳو انگ نه آهن، پر هر انگ پٺيان هڪ اجڙيل گهر، هڪ ماءُ جو روڄ راڙو، معصوم ٻارن جي يتيمي ۽ هڪ خاندان جي تباهي لڪل آهي. سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي هاڻي رڳو جهيڙو نه رهيو آهي، پر مڪمل منظم هٿياربند دهشتگردي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. هٿياربند ٽوليون جديد هٿيارن سان ڳوٺن تي راڄ ڪن ٿيون. ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر ۽ نوان خودڪار هٿيار کلي عام استعمال ٿين ٿا. پوليس جي ڪمزوري، سياسي مداخلت، سردارن جو دٻاءُ ۽ رياست جي خوفناڪ سرد مهري سنڌ جي امن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، جتي رياست جو حڪم ڪمزور ۽ سردار جو حڪم طاقتور هجي، اتي قانون هميشه زمين تي ريڙھيون پائيندي نظر ايندو آهي ۽ ڏوهاري سرعام گهمندا آھن. سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته ڪيترن علائقن ۾ اڃان تائين سرداري نظام رياست کان وڌيڪ مضبوط بيٺو آهي. پوليس ڪيترن هنڌن تي سردارن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، جنهن سبب ڏوهاري وڌيڪ بي خوف ٿي وڃن ٿا. عدالتن جو عمل به سست ۽ ڏکيو آهي. هڪ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ ۾ 10، کان 12، سال ڪڏهن ڪڏهن 15 سال به لڳي وڃن ٿا. جڏهن عدالت دير ڪري ٿي، ماڻهو چون ٿا ته بدلو پاڻ وٺجي، عدالت کان ڇا اميد رکجي ۽ نتيجي ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو وڌندو رهي ٿو. نسل در نسل دشمني، انا ۽ ضد جي باهه ۾ ٻار، بزرگ، جوان ۽ بيگناهه ماڻهو هر روز ساڙيا پيا وڃن. قبيلائي دهشتگردي تعليم ۽ روزگار کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترائي اسڪول بند آهن، استاد اسڪول وڃڻ کان ڊڄن ٿا، ٻار خوف سبب پڙهائي ڇڏي ڏين ٿا. ڪاروبار تباهه، چوپايو مال چوري، هارين جون زمينون ويران، ڪٽنب گهرن ۾ قيد ۽ شام ٿيڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وڃي ٿي. سنڌ جو سماج جيڪو مهمان نوازي ۽ امن جي ڪري مشهور هو، اڄ خوف، بندوق، رت ۽ لاشن جي تصوير بڻجي چڪو آهي.

جتوئي ۽ مهر قبيلن جي وڏين ڌرين واري تاريخي فيصلي بابت 30 نومبر وارو اجلاس، جيڪو هزارين ماڻهن لاءِ اميد جو سبب بڻيل هو، ملتوي ڪيو ويو. اهو ملتوي ٿيل فيصلو پاڻ ۾ هڪ وڏو سوال ڇڏي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هر ملتوي ٿيل فيصلو وڌيڪ رت، وڌيڪ لاش، وڌيڪ ڏک ۽ وڌيڪ يتيمي پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن فيصلو به طاقتور قبيلن جي سردارن جي مرضيءَ تي هلي ٿو ته پوءِ انصاف جو حقيقي ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ سنڌ جا ماڻهو اڃان ڪيترو وقت قبيلائي رتوڇاڻ جو نشانو بڻجندا رھندا،  آخر رياست ناڪام ڇو آهي؟ ڇو ته قانون ڪمزور آهي، پوليس سياسي دٻاءُ هيٺ آهي، عدالتون سست آهن، هٿيار کلي عام ملن ٿا، ڏوهاري طاقتور آهن، سرداري انا قانون کان مٿي آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ رياست پنهنجو اختيار وڃائي چڪي آهي. جتي رياست خاموش هجي، اتي بندوق ڳالهائيندي آهي، جتي قانون ڪمزور هجي، اتي ڏوهاري طاقتور ٿيندا آهن، جتي سردار حڪم هلائين اتي قانون مري ويندو آهي.

هاڻي سوال اهو نه آهي ته قبيلائي دهشتگردي ڇو ڇا جي ڪري آهي، پر سوال اهو آهي ته رياست ان کي روڪڻ ۾ ناڪام ڇو آهي؟ جيڪڏهن رياست واقعي امن چاهي ٿي ته پوءِ وٽس ھنن قدمن کڻڻ کانسواءِ چاڙھو ممڪن ناهي. قبيلائي دشمني تي پابندي، جديد هٿيارن جي واپسي، ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن، سياسي اثر کان آزاد پوليس، متاثر علائقن کي ڏوهارين جي قبضي کان خالي ڪرائڻ، سردارن جي ناجائز طاقت ختم ڪرڻ، فاسٽ ٽريڪ عدالتن جو قيام، تعليم ۽ شعور جي وڏي مهم ۽ متاثر علائقن لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج لازمي ڏيڻ کپن. سنڌ کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو يا ته قبيلائي دهشتگردي جي باهه ۾ سڙندي رهي يا جرئت سان امن، انصاف ۽ قانون جي رستي تي هلندي. هاڻي اهو ڏينهن اچڻ گهرجي، جنهن ڏينهن بندوق نه، پر قانون طاقتور هجي، سرداري انا نه، پر انصاف هجي، خوف نه، پر سک هجي ۽ سنڌ جا ٻار موت بدران زندگي ڏسي سگهن ۽ آخر ۾ سوال اڃان به بي‌ رحميءَ سان اڀري سامهون بيٺو آهي، سنڌ ۾ بيگناهه رت جو هي وهندڙ وهڪرو آخر ڪڏهن بند ٿيندو؟ جيستائين رياست نه جاڳندي، ۽ قانون قبيلائي دهشتگردي کي دفن نه ڪندو، تيستائين هي سلسلو نه رڪجندو، نه گهٽجندو، نه ختم ٿيندو. وقت جو مطالبو آهي ته سنڌ هڪ آواز ۾ چوي، هاڻي بس! هاڻي قبيلائي دهشتگردي جو خاتمو اچڻ گهرجي جيئن وڌيڪ رت نه وھي!