بلاگنئون

قوت مدافعت ۽ نفسياتي دٻاءَ

قوت مدافعت قدرت طرفان انساني جسم ۾ موجود پکڙجندڙ بيمارين جي بچاءَ لاءِ ھڪ مضبوط دفاعي نظام آھي. Immune system(( اميون سسٽم يا قوت مدافعت جي بھتر ڪارڪردگي جو دارومدار فقط جسماني تندرستي ته نه بلڪه گھڻي قدر اسانجي نفسياتي يا ذھني تندرستي تي منحصر ڪري ٿو. ھن ھدايت تي عمل ڪرڻ لاءِ)Immune system( قوت مدافعت ڇا آھي؟ اھو سمجھڻ ضروري آھي قوت مدافعت انساني جسم ۾ موجود قدرت طرفان ھڪ مضبوط دفاعي نظام آھي. ھن نظام تحت انساني جسم نقصانڪار مادن جيئن بيڪٽيريا، وائرس ۽ ڪينسر پيدا ڪرڻ وارن جيوڙن ۽ ٻاھرين نقصانڪار مادن جن کي اينٽي جين)Antigen( چئبو آھي، تن کي سڃاڻي تباھ ڪري سگھندو آھي. انھي عمل ۾ جيئن ئي ٻاھريان نقصانڪار مادا انساني جسم ۾ داخل ٿين ٿا ته جسم ۾موجود اڇا جزا White blood corpuscles(( جن کي )lymphocytes( به چئبو آھي، ٻن حصن ۾ ورھائجي ويندا آھن. ھڪ حصو ٻاھرين نقصانڪار مادن تي حملو ڪري کين تباھ ڪري ڇڏيندو آھي ۽ اڇن جزن جو ٻيو حصو ڪيميائي مادا پيدا ڪري ٿو، جيڪي انھن نقصانڪار مادن جن کي )Antigen( چئبو آھي، سان گڏجي کين بي اثر ڪري ڇڏيندو آھي. عام حالتن ۾ اميون سسٽم جي ڪارڪردگي بھترين ھوندي آھي. ھيءُ نظام روزانو اسانجي صحت کي خطرو پھچائيندڙ ڪيترن ئي جيوڙن کي تباهه ڪري ٿو، پر شديد ۽ طويل نفسياتي دٻاءَ )Psychological stress( ھن نظام جي ڪارڪردگي ۾ بگاڙ پيدا ڪري ٿو. ناڪارا اميون سسٽم ۾ جسم کي نقصان پھچائندڙ جزن کي شناخت ڪرڻ ۽ مارڻ جي صلاحيت نٿي رھي ۽ بچاءَ جي صلاحيت جي محرومي سبب جسم ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. )Immune system( اميون سسٽم، نفسياتي دٻاءَ ۽ انساني صحت جو پاڻ ۾ ويجھو لاڳاپو آھي. Stress دٻاءَ ڪنھن به زندگي ۾ واقح ٿيندڙ غيرمعمولي تبديلي جي ڪري ٿي سگھي ٿو، اھو ضروري نه آھي ته اھا تبديلي ناخوشگوار واقعن جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ھجي. خوشگوار تبديليون جھڙوڪر شادي ٿيڻ، اوچتو ڪو بھتر روزگار ملڻ، يا پرائز بانڊ وغيرہ نڪرڻ جي ذريعي وڏي رقم ملڻ به دٻاءَ جو سبب ٿي سگھن ٿا. Stress عام دٻاءَ وقتي ھوندو آھي، وقت گذرڻ سان انسان بلڪل نارمل ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن سبب ڪري ڪو انسان دٻاءَ مان نٿو نڪري سگھي ته اھو سندس زندگي تي تمام گھڻو نقصانڪار ۽ منفي اثر قائم ڪندو. جسماني علامتن ۾ مٿي ۾ سور، ھاضمي جي خرابي ۽ ننڊ نه اچڻ، نفسياتي علامتن ۾ مونجھ، اداسي ڊپريشن، گھٻراھٽ ۽ بيقراري شامل آھن. Psychological stress نفسياتي دٻاءَ انسان جي زندگي لاءِ نقصانڪار آھي. ڪجھ ڪلاڪن جو نفسياتي دٻاءَ انساني زندگيءَ جا ڪيترائي سال گھٽائي ٿو ڇڏي. ھي زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ ناخوشگوار تبديلين، طلاق ملڻ، پنھنجي ڪنھن قريبي مائٽ جي وفات جھڙن ۽ غير معمولي واقعن جي ڪري ٿيندو آھي. تحقيق اھو ثابت ڪيو آھي ته طويل وقت ھلندڙ نفسياتي دٻاءَ جي ڪري انسان ڪيترين ئي جسماني بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو. آمريڪن سائڪولوجيڪل ايسوسئيشن مطابق مسلسل Psychological stress نفسياتي دٻاءَ ۾ مبتلا رھڻ وارن کي ھاءِ بلڊ پريشر، السر، اسٿما، ميگرين، ڪينسر، ذيابيطس ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو گھڻو ھوندو آھي. ھي اھي جسماني بيماريون آھن، جن جو سبب نفسياتي آھي. ڊگھو ھلندڙ Psychological stress نفسياتي دٻاءَ اميون سسٽم کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آھي. نفسياتي ماھرن مطابق انسان ڪيترو نفسياتي دٻاءَ محسوس ڪري ٿو، انھي جو فيصلو ھن جي شخصيت جي قسم تي منحصر آهي. انساني شخصيتن جي ماھر نفسيات مطابق دنيا ۾ ٻن قسمن جون شخصيتون ھونديون آھن. انھن ٻن قسمن کي ھنن ٽائپ اي ۽ ٽائپ بي ۾ ورھايو آھي. ٽائپ اي سان تعلق رکڻ واريون شخصيتون گھڻي قدر نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿين ٿيون. اھڙيون شخصيتون پري کان پڌريون ھونديون آھن، تڪڙو ھلندا، تيز تيز ڳالھائندا، ٻين جا جملا ڪٽيندا، يا مڪمل ڪندا، ھڪ وقت ۾ گھڻا ڪم ڪندا، مثال طور ماني به کائيندا اخبار به پڙھندا ۽ ٽيليفون تي به ڳالھائندا آھن. سندن نظر ھر وقت وال ڪلاڪ يا ٻانھن ۾ ٻڌل واچ تي ھوندي آھي جو کين اھو لڳندو آھي ته وقت گھٽ آھي ۽ کين ڪيترائي ڪم ڪرڻا آھن. تنھڪري ھو پنھنجين مليل Assignments کي مقرر وقت کان اڳ ۾ ئي مڪمل ڪري ڇڏيندا آھن. ھن قسم جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ گھڻي ھوندي آھي، ھر وقت مصروف رھندا آھن آرام گھٽ ڪندا، ھر وقت نفسياتي دٻاءَ Psychological stress اندر رھڻ ڪري سندن قوت مدافعت (Immune system) گھٽ ٿي ويندي آھي ۽ ھو ڪيترين ئي جسماني بيمارين خاص طور دل جي عارضي جو شڪار ٿي ويندا آھن. ٻئي طرف ٽائپ بي شخصيتون آھن جيڪي پرسڪون ۽ )Balanced( بيلينسڊ ھوندا آھن، مليل اسائنمينٽس کي به بغير ھٻڙ ڌٻڙ ۽ پريشاني جي وقت سر مڪمل ڪري وٺندا آھن. ٽائپ بي شخصيت جا مالڪ پنھنجي مزاج جي ميانه روي سان ڪيتري حد تائين بچي سگھن ٿا. اسان جي ٻين جي باري ۾ منفي سوچ دراصل اسانجي پنھنجي دماغي ۽ جسماني صحت لاءِ نقصانڪار ھوندي آھي. دماغ جسم جو اھم حصو آھي جيڪڏھن صحيح ڪم ڪري ته انسان کي تخت تي ويھاري ڇڏي ۽ جيڪڏھن ھن ۾ ڪو بگاڙ پيدا ٿئي ٿو ته انسانن جي زندگي عبرتناڪ ٿي وڃي ٿي. تندرست جسماني صحت لاءِ تندرست نفسياتي صحت لازمي آھي. جسم ۽ ذھن جي لاڳاپي جو بحث صديون پراڻو آهي. اھو ئي بحث ھو جنھن )Aristotle( ارسطو جھڙي فلاسافرکي پنھنجي استاد افلاطون Plato(( سان ويھن سالن تائين ايٿنز اڪيڊمي ۾ گڏ ڪم ڪرڻ باوجود به اڪيڊمي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. افلاطون مطابق دماغ ۽ جسم جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق نه آھي ٻنھي جو ڪم الڳ آھي. سقراط Socrates(( جو بلڪل الڳ نظريو ھو، ھن مطابق جسم ۽ ذھن ھڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آھن، جھڙي طرح جسماني ڪارڪردگي لاءِ صحتمند دماغي ڪارڪردگي ضروري آھي اھڙي طرح تندرست ذھن لاءِ تندرست جسم جو ھجڻ به ضروري آھي. منفي جذبات ڪاوڙ، نفرت ۽ حسد کي پنھنجي زندگي مان ڪڍي، پيار، محبت ايثار ۽ ھمدردي جھڙن مثبت جذبن کي زندگي ۾ شامل ڪري اسين تندرست جسماني ۽ نفسياتي زندگي گذاري سگھون ٿا. جارج برناڊ شا کان ھڪ صحافي سندس طويل ۽ تندرست حياتي جو سبب معلوم ڪيو ته ھن چيو ته مان پنھنجي مٿي کي ٿڌو ۽ پيرن کي گرم رکندو آھيان. انھن ٻنھي عملن ۾ اسانجي بھترين قوت مدافعت جو راز پوشيدہ آھي.
***