بلاگ ورتم واٽ وندر جي March 8, 2024 Zahida Abro ڪرمپور ڪنڌڪوٽ ۾ 50 ڏينهن نوڪري ڪرڻ کان بعد ڪراچي واپسي ٿيڻ ۽ 12 ڏينهن موڪل ملڻ کانپوءِ فقيرياڻيءَ ۽ ڌيئڙيءَ سان سير و تفريح جو منصوبو جوڙڻ لڳس، پر جيئن ته سومر 04.12.2023 تي ڳوٺ کاهي ڳڙهي ياسين ۾ سالن کان هلندڙ قبيلائي تڪرارن ۽ خوني جهيڙن عيوض ذات ۽ برادري سطح تي منهنجي گهر واريءَ جو 15 سالن جي عمر ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڀائٽيو علي شاد ولد شاهد علي مهر ۽ هڪ ٻيو قريبي عزيز محمد عاصم ولد مهتاب علي مهر عمر 15 سال جن کي شفقت پئٽرول پمپ وٽ معرفاڻين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو هو سا انهيءَ غم منجھ مبتلا هئي، تنهنڪري هن ڀيري ڪيڏانهن به گهمڻ کان انڪار ڪري رهي هئي پوءِ به جيئن تيئن ڪري کيس راضي ڪيم ته جيئن دل جو ماحول مٽجيس سو آخرڪار ها ڪيائين. اڄ آچر جو ڏينهن ۽ 2023 ڊسمبر جي 31 تاريخ مطلب سال جو پويون ڏينهن آهي، موسم هلڪي ٿڌڙي آهي، صبح جا 07:30 ٿيا آهن ۽ اسان ٻئي زال مڙس نمره کان اجازت وٺي الله پاڪ جي آسري تي روانا ٿيا آهيون، ڪورنگي ڪراسنگ وٽان اٽڪ پئٽرول پمپ جتي رحمت شيرين نمڪو اينڊ سوئيٽ بيڪرز آهي تان بائيڪ ۾ 2000 جو تيل وجهرايو آهي جيڪو 07 ليٽر 45 پوائنٽ مليو ۽ ٽانڪي فل ٿي وئي، گوگل واري نقشي تان معلوم ڪيم ته چڪرا کان وندر جو مفاصلو 95 ڪلوميٽر آهي. ڪورنگي ڪراسنگ کان اڳتي ڊفينس موڙ، مائي ڪلاچي روڊ، گل بائي چورنگي )هتي شاهه لطيف جي انقلابي ڪردار مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون اڄ به سنڌ سرڪار ۽ شاهه لطيف جي عاشقن جي اکين کان اوجهل ۽ بي ڌياني سبب تباهه شده حالت ۾ آهن جتي دروازو نه هجڻ سبب ڪتا ۽ موالي پنهنجو لڏو لاهي ويٺا هوندا آهن، مورڙي جو ڪردار اسان لاءِ هاڻ هڪ قصو ۽ ڪهاڻي آهي، اسان مورڙي جي بغاوت ۽ انقلاب کي هيل تائين نه سمجهي سگهيا آهيون افسوس(، شير شاهه، حب ريور روڊ، ماڇ ڳوٺ، نيول ڪالوني، ناردرن باءِ پاس روڊ کان اڳتي وڃي ڪري ساڪران ندي )سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ پل( جنهن جي نئين سر تعمير ٿي رهي هئي، کان لنگهي وڃي بلوچستان جي تاريخي، فيڪٽرين ۽ ڪاروباري لحاظ کان مشهور شهر حب )حب کان ٿورو ٻاهر جيڪو قبرستان آهي اتي ڪلمتي قبيلي جا ماڻهو دفن ٿيل آهن هن قبرستان کي ڀاواني سرائي قديم قبرستان به چوندا آهن جنهن جون قديم قبرون اڄ به مضبوط بيٺل نظر آيون جڏهن ته قبرستان ايترو وسيع به نه هو ۽ هتي جديد دور جون قبرون پڻ موجود هيون ۽ قبرستان جي چوڌاري آباد ٿيندڙ تڪڙي آباديءَ منجهان اهو به خوف خطرو جنم وٺي رهيو هو ته اڳتي هلي هي قبرستان به قبضن تحت ميسارجي ختم ٿي ويندو ڇو ته هن قبرستان کي ديوار ناهي، هن قبرستان ۾ 17 صديءَ جون قبرون آهن جن تي ڪيل چٽسالي جو ڪم هنيدان، چوڪنڊي، مڪلي ۽ مراد بند واري حسن پير جي قبرستانن ۾ موجود قبرن سان ملي ٿو جيڪي اڄ به سلامت آهن، سلام آهي ان وقت جي ڪاريگرن کي جن جديد مشينري نه هوندي به ايتري صفائي ۽ سچائي سان اهو ڪم ڪيو آهي( کي ڪراس ڪندي وڃي گڏاڻي موڙ تي بيٺاسون جتي هڪ هوٽل تي ڦڪي چانهن پيتم، پر مون واري بيگم صاحبه چانهن پيئڻ کان انڪار ڪيو، اسان جڏهن به هن طرف ايندا آهيون ته انهيءَ هوٽل تي ئي ساهي خاطر بريڪ ضرور ڏيندا آهيون ڇو ته هوٽل وارو سنڌي ڀاءُ آهي. گڏاڻي موڙ کان اڳتي جو سفر نهايت ئي بهترين سنگل روڊ، ڪوئيٽا ويندڙ ۽ ايندڙ نئين ماڊل جون لگزري مسافر ڪوچز ڄڻ ته ون وي تي جهاز پيو هلي، هلڪي هلڪي سرد هوا جسم کي سڪون بخشي رهي هئي، نظر نهار تائين ساوڪ ئي ساوڪ، ڌرتي مختلف وڻن ۽ ٻوٽن سان ايئن سينگاريل هئي ڄڻ ڪا ڪنوار هجي، واهه مالڪ تنهنجو ڪن فيڪون سان جوڙيل جهان سچ ته انسان وري به ناشڪرو هئڻ سان گڏ فطرت جو قاتل بڻجي ويو آهي جيڪو اهڙن قدرتي نظارن جو قتل ڪري رڳو پيسا ڪمائي رهيو آهي، اسان اهي نرمل نظارا ڏسندي وڃي هڪ وڏي چاڙهي ناڪا چاڙهي تي پهتا آهيون جيڪا نانگ جي وڪڙن وانگر نهايت ئي خطرناڪ آهي، پر پوءِ به دلڪش ۽ من موهيندڙ آهي ۽ جتان سمونڊ به نظر اچي رهيو آهي ته وري سامهون سرڪاري فورسز جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي، اسان جو سفر روان آهي، رستي جي اوڀر ۾ انگريزي ٻٻرن ۽ ٻين مختلف ٻوٽن سان ڍڪيل جبل جڏهن ته اولھ طرف رڳو ٻٻرن جا وڻ آهن جتان اتان جا غريب رهواسي ماکي تلاش ڪري روڊ تي ويهي وڪرو ڪن ٿا جن کان به پيجارو وارا نهايت ئي سستي اگھ تي ماکي خريد ڪن ٿا، پر جڏهن اهي ئي امير ماڻهو شهر جي مهانگن هوٽلن تي ماني کائيندا ۽ مالن تان خريداري ڪندا آهن ته کين اتي سڀ ڪجھ سستو لڳندو آهي باقي جي ڪوئي غريب رستي تي ڪا شيءِ پيٽ گذر لاءِ کپائيندو آهي ته اها کين مهانگي محسوس ٿيندي آهي، افسوس آهي اهڙي طبقاتي سماج تي. هي موندره ڳوٺ آهي، هتي هڪ نهايت ئي عاليشان مسجد جڙيل آهي ۽ هتي کارڙي ناڪو چيڪ پوسٽ آهي جتي هر گاڏي جي تلاشي فارملٽي طور ورتي وڃي ٿي، پر جيئن ته اسان جي منزل وندر هئي ان ڪري اسان هلندا رهون ٿا، وري قادر جي قدرت جي ساراهه ڪندي کيس ياد ڪندا رهون ٿا، گڏاڻي موڙ کان وندر تائين روڊ جي اڀرئين پاسي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ آباد آهن بلڪل ايئن جيئن ڄامشوري کان سيوهڻ شريف يا وري دُريجي واري روڊ ۽ لاهوت واري رستي تي موجود آهن، اسان هاڻي وندر شهر ۾ داخل ٿيا آهيون، وندر جي آس پاس ۾ ڪيترائي فش مل فارمز موجود آهن، جتي وڏن پلاٽن تي مڇيءَ کي سُڪائي ٻورين ۾ ڀري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪا ڪُڪڙين جي فيڊ ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان کان سواءِ هتي چڪون، ٻيريون، کجيون، ڪڻڪ، سرنهن، ڦٽين جو فصل عام آهي، هتي سنڌ وانگر نهري نظام نه آهي. سو نهري نظام نه هئڻ سبب هتان جي زراعت جو مدار برساتين ۽ ٽيوب ويلن تي مشتمل آهي هاڻي ته هر طرف رڳو سولر سسٽم نظر اچي رهيو هو، شهر کان اڳتي اٿل، گوادر، ڪوئيٽا ۽ چمن جا شهر آهن. هن ڀيري هڪ خاص ڳالھ نظر آئي ته وندر ۾ ايراني تيل عام جام سپلاءِ ٿئي ٿو، جيڪو خاص ڪري ڊاٽسنن ۽ بائيڪن وسيلي وڪرو ٿئي ٿو ڇو ته جڏهن کان ايران ۽ پاڪستان جون جهڙپون شروع ٿيون آهن تڏهن کان وٺي تيل مختلف ۽ جابلو رستن وسيلي مختلف شهرن تائين پهچي ٿو ۽ اهڙو سپلاءِ سسٽم مون تازو ئي خميس 25.01.2024 تي اياز حسين ڪولاچيءَ سان سسئي پنهون جي مزار ۽ منهنبار واري نديءَ تائين ويو هئس جتي به ايراني تيل جو ڪاروبار سرعام ٿي رهيو هو. اسان شهر جو ديدار ڪندي شهر کان اڳتي نڪري هڪ هنڌ بريڪ ڏنو آهي جتي سرنهن جو فصل هيڊن گلن سان ڦولاريل آهي، اتي بيٺل هڪ همراهه کي سڏ ڪندي چيم ته: ادا هيڏانهن ته اچجو. جيءُ ادا. ڪير جوان آهين ۽ ڪٿان جو آهين؟ ادا مان ڪولهي آهيان ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻيءَ جو. ادا اسان کي ڀاڄيءَ خاطر سرنهن جو ساڳ ٿو گهرجي؟ ها ادا ڀل پٽيو. سو اتان مون واري گهر واريءَ ڀاڄيءَ لاءِ سرنهن پٽي ۽ مون يادگيريءَ خاطر ڦولاريل سرنهن ۾ تصويرون ڪڍيون. اتي ئي شهر ۾ سونمياڻي جو بيچ ياد آيو سو اتان هڪ ٻن ماڻهن کان پڇا ڪري سونمياڻي طرف روانا ٿياسين جيڪو گڏاڻيءَ وانگر ٿوري ئي فاصلي تي هو جتي رڳو ٻيڙيون ئي ٻيڙيون هيون، سونمياڻي کان اڳڀرو ئي ڊام جو ڳوٺ آهي جتي وڏا وڏا ٻيڙا اچي وڃي رهيا هئا ۽ مڇي ئي مڇي نظر اچي رهي هئي ۽ مهاڻا ٻيڙن منجھ کاڌو تيار ڪري رهيا هئا ڇو ته انهن جو سڄو سسٽم انهن ٻيڙن ۾ ئي هوندو آهي ان ڪري جو هو ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ مڇي پڪڙڻ خاطر سمنڊ ۾ پري پري تائين هليا ويندا آهن، هتان جي آبادي مڪس هئي، پر ٻولي سنڌي هئي، هتان جي ننڍڙي بازار ڏسي ڪري مونکي ان وقت ڪيٽي بندر، زيرو پوائنٽ بدين، گڏاڻي بيچ ويو ۽ مبارڪ وليج جا منظر سامهون اچڻ لڳا جيڪي به بلڪل ڊام سان مشابهت رکندڙ هئا جتي اتان جي منظر کي ويڊيو جي صورت ۾ محفوظ ڪري ورتم، ڪلاڪ کن ترسڻ بعد واپسي ڪئيسين ۽ اتان سُڪل توت 300 پاءُ ۽ ڳڙ 70 پاءُ جي حساب سان ورتوسين ڇو ته سڪل توت منهنجي فقيرياڻيءَ کي ڏاڍا وڻندا آهن. ڊام منجهان واپسي ڪري وري وندر منجهان اجرڪ جي پڇا ڪئيسين، پر ان تي دل نه بيٺي ٻيو ته وري بُک به پاسا ورتا هئا سو شهر کان ٻاهر ڀرو المُصطفيٰ صابرين هوٽل اينڊ سدابهار ريسٽورينٽ اينڊ بار بي ڪيو تي ماني کاڌيسين جنهن ۾ 05 مانيون، ٻاڪري جي اوجهري پليٽ، 02 چانهيون ۽ 02 ڪيڪ جنهن جو بل 580 روپيا آيو، )ڇنڇر 30.12.2023 تي به اسان گهر ٻاڪري جي اوجهري کاڌي هئي، هوٽل تي اُٺ جو گوشت به هو پر بيگم صاحبه منع ڪئي( اسان جو هي وندر جو ٽيون چڪر هو، پهريون ڀيرو خميس 23.06.2020 تي آيا هئاسين جيڪو وندر کان منهنبار تائين جي عنوان سان سفرنامون لکي چڪو آهيان، جڏهن اسان گرمي ۽ اُڃ سبب بيهوش ٿي ويا هئاسين ۽ ان بعد ٻيو ڀيرو 05.02.2021 تي وندر ۾ صرف ۽ صرف ايترو سفر ڪري چانهن پيئڻ آيا هئاسين. سياري جو سج، ننڍڙا ڏينهن سو سج ايئن پئي ڊڪندو ويو، جيئن اسان جا اڪثر سنڌي ڪُڪڙن جي ميل، رڇ ڪتي جي ويڙهه، سوئرن جي بڇ يا وري قبيلائيت تحت هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ خاطر هٿيار کڻي ڀڄندا ويندا آهن ان ڪري اسان به واپسيءَ جو رستو اختيار ڪيو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ واري چوڻي مطابق هلندي اچي حب منجهان مرنڊا بوتل ۽ پاڻي پيتو جتان نئون ٺهيل حب باءِ پاس جيڪو هاڻي ئي ناقص مٽيريل سبب اکڙي رهيو آهي تان هلندي جابلو چاڙهي تان حب شهر جو نظارو پسندي ڪراچي شهر ۾ داخل ٿياسين. اڳتي هلي نيٽي جيٽي واري پل تان بائيڪ جو رخ صدر طرف ڪيم سو ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهين ڪمپليڪس، پريس ڪلب، زينب مارڪيٽ کان بوهري بازار پهتاسين جتان مون پنهنجي لاءِ 1500 ۾ اجرڪ ۽ گهرواريءَ پنهنجي ۽ نمره لاءِ چادرون خريد ڪيون جتي پورا 4000 کپي ويا، اتان سڌو اچي گهر ڀيڙا ٿياسين جتي شام جا 06.30 ٿيا هئا ۽ نمره کي ڀاڪر پائي چميون ڏئي ڪري سڄي ڏينهن جو ٿڪ ڀڃڻ خاطر کٽ تي آهلي پيس. *** Post Views: 237