ادبشاعري

July 2022 شاعري

نظم

ناراضگي

احمد شاڪر

هوءَ

هر ڀيري

هڪ حقيقت جي برعڪس

هيءُ ئي سوال پڇندي آهي

تون مون کان ڇو ناراض آهين؟

هوءَ

اهو جملو ان ڪري به

سوال جي صورت ۾ ڇڏيندي آهي جو

هڪ ڀيري هن ائين

منهنجي رويي مان محسوس ڪيو هو.

هوءَ

هڪ ڀيري آئي

۽ اچڻ سان ئي چيائين ته

تون مون کان ڇو ناراض آهين؟

هاڻي مان کيس چا ٻڌايان

ته مان توسان ناراض ڪٿي آهيان!

***

غزل

ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

رونقون، رنگينيون ۽ روشني چئوڏس هئي 

تون نه هئين مون ساڻ جانان، بيوسي چئوڏس هئي

رات جو پويون پهر هو، کيپ نيڻن تي چڙهيا

ڪيئن ٿجي مدهوش تو بن، مئڪشي چئوڏس هئي.

ڇا ٻڌايان مان سکي، ڪيئن وقت گذريو تو بنا

ساٿ ٽوڙي جيئن وئين، خودڪشي چئوڏس هئي.

بيد مشڪن جي پٺيان، هڪ اماوس رات ۾

تو جي ڀاڪر ۾ ڀريو ٿي چاندني چئوڏس هئي.

هي شهر جنهن جي هر ڳلي اڄ لڙڪ لڙڪ وئي بڻي.

ٽهڪ ها هر پل هتي ۽ زندگي چئوڏس هئي

***

غزل

جبار ”تاثير“ سومرو

خواب ۾ توسان ملندو آهيان.

خوش ٿي توسان کلندو آهيان.

تون جي مون سان هوندو آهين،

مـــــورن وانــــگــــي ٽلــــنـدو آهيان.

تو بــن منــهنـــجو ڪهڙو جـــيون،

پاڳل بـــڻـــــجـــــي رلـــنــــدو آهــيـــان.

تنهنجي در تي سَئينَ هڻي مان،

پيـــنـــون بـــــڻـــجي پــنــنـــدو آهــيـان.

مـــجنــونءَ جــان مان صحرائــن ۾،

ڀـــٽڪي ڀـــٽڪي ڪـــرندو آهـــيان.

ماڻهن جي پرواهه ئي ڪانــهـي،

پنهنجي رب کان ڊڄندو آهيان.

جنــهن پل تـــنهنجـــي ياد ستائي،

تنـــهــــن پل خطڙو لـــــکندو آهـــيان.

ياد ڪندي ”تاثير“ جون ڳالهيون،

جيءَ ۾ جِهڄندو جُهرندو آهيان.

***

وائي

اصغر باغي

ٿُوهَرَ کان بِه ڇَانءُ ٿي گُهرجي،

خُوابَ ڏِسون ٿا کوڙ

                ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

آهي اُڃارو سائين سَڀَ ڪو

آ پيارَ جي سَڀَ کي لوڙ

      ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

پَئِسي عيوض اِيمان وِڪامي

حَوَسَ هَلي پئي ڊوڙ

     ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

اَمُنُ اَهَنسا جَڳُ گُهري پيو

مُون بِه ڏِني آ وئوڙ

    ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

ڪيئن رَهُون اَنياءَ ۾ هِتِڙي

مَاڻهو ڪَن پِيا گوڙ

       ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

ڪَاريهرُ آ سامهون بيٺو

نانگُ نَه سَمجهو نوڙُ

     ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

اَڄُ هي ”اصغرَ“ اعلانُ آ ٿي ويو

سَچَ ٻَڌو آ موڙُ

       ساڀيان ٿيندي سَچَ جي

***

نظم

ووٽ

وسيم سومرو

ڏينهن جي هر ڏيک کي رڻ ۾ لٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

برش ڪنهن جو، ڪار ڪنهن جو هو نشان

ڇو نه ٻيڙي، ٻار ڪنهن جو هو نشان

ٿا کلن هاتار هڪٻئي کي ڦٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

ڪنهن جو طوطو ڪنهن جو بوتل هو نشان

ڇا نهارن ساڻ ڌوتل هو نشان

ڪير جهٽجي ويو هوا ڪنهن کي جهٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

ڪنهن جو راجا ڪنهن جو راڻي هو نشان

لوڪ جي بک جو ڪهاڻي هو نشان

ڪا خبر ڪنهن کي ته ڪيئن پل پل ڪٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

ڪنهن جو پينسل ڪنهن جو ڏيئو هو نشان

لڙڪ وهندڙ اک جو ليئو هو نشان

ليڪ ٺاهي نانگ سوچن تان مٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

ڪنهن جو پڃرو ڪنهن جو طوطو هو نشان

ساھ جو بيمار بوتو هو نشان

آهي اڏندڙ باز جھرڪيءَ کي سٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو

بيٽ ڪنهن جو بال ڪنهن جو هو نشان

گم ويو ٿي لال ڪنهن جو هو نشان

پيو وسيم آ تاڪ دل در جو پٽيو

ٿو پڇي سورج ته مون کان ڪنهن کٽيو.

***

غزل

خليل عارف سومرو

آئيني جي ڳالهه آئيني هئي

شهر جو دستور نابيني هئي،

ماڻهپي جو پاڻ وٽ مذهب هيو

ڪفر ڇا جو ڇا جي لاديني هئي

وقت هن جي لاءِ سزا ئي موت هيو

ڏوهه هن جو صرف مسڪيني هئي

هو بسنتي ويس ۾ نڪتي هئي

شهر ۾ چوطرف رنگيني هئي

رات مون جڳجيت ”عارف“ پئي ٻڌو

رات دل تي ڇانئي غمگيني هئي.

***

غزل

سميع ساجد جوڻيجو

تنهنجو ڏٺو جنهن جلوه هوندو،

ساهه به ان جو سرڪيو هوندو.

جهڙو تنهنجو چهرو آهي،

اهڙو نه ڪنهن جو چهرو هوندو.

باهه بره جي ڀڙڪي هوندي،

عشق اٿاريو شعلو هوندو.

تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تي من،

زلفن جو ئي پهرو هوندو.

چوڏس ٿي چانڊوڪي هوندي،

تو جو مٺڙي مرڪيو هوندو.

ڪوٺي تي تون بيٺي هوندينءَ،

چوڏهين جو چنڊ اڀريو هوندو.

ياد مان توکي آيو هوندس،

در تي ٿيو جو کڙڪو هوندو.

ڪونهي ان سان ياري ”ساجد“،

جيڪو دل جو کوٽو هوندو.

***

غزل

مظهر علي ميربحر

ھي دنيا دوکيباز اٿئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجھان،

ھر روز حياتي ٿي کُٽئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

تون ڌن ۽ دولت ميڙڻ ۾ ٿو وقت وڃائين ڇا جي لئه؟

ھي وقت وڏو انمول اٿئي اٿ جاڳ نڀاڳي منجهان.

ھن ساري سنسار مٿان ھو جنھن جنھن حاڪم حڪم ھلايو،

اڄ تِنھنجو نه ٿو ڪو نشان ملئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

مال مڏيون بنگلا گاڏيون کڻي قبر ڏي وڃي نه سگھندين،

ھر چيز ھتي ڇڏڻي پوندئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

ھي دنيا عبرت جو آ گھر اک کول ڪبوتر جيئن نه سمھ،

ڪنھن وقت به موت اچي ٿو سگھئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

ھي وقت خدا جي نعمت ٿئي بي کٽڪو ٿي آرام نه ڪر،

ٿو وقت ھٿن مان وھندو وڃئي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

ھي ڏيھُ ڇڏي ھُن ڏيھَ طرف اي مظھر توکي وڃڻو آ،

ڪجھ ھوش ته ڪر نادان نه ٿي اٿ جاڳ نڀاڳي ننڊ منجهان.

***

غزل

ڪيلاش ميگهه

مون سان گڏجي ڀيڙا آيا.

دل جي گهر تي وڇوڙا آيا.

راتيون ڪيئي روساما رت جا،

جاني جڳ جڳ جهيڙا آيا.

راز پرين جو رم جهم رم جهم،

هن وسڪاري جوڳيئڙا آيا.

پاڻ پنڌ پئي پيرن ڪاٽيا،

مينهن سرگم به ته ڪهڙا آيا؟

ميگھ سلامت صحيح نه ساجن،

ميت آپڻي ڪٿ ميڙا آيا؟

***

غزل

غلام نبي ڪولاچي

رات تو تي جڏھن مون، لکيو پئي غزل،

ڏٺم پنھنجي سامھون، ڀٽائي سچل.

ڪوڙ ڪلفت کان ھا، ٻئي ڀڳا پئي پري،

قرب تي پيار تي، ٻئي لڳا پئي ڪٺل.

نانُ تنھنجي تي ھا، ڏاڍو خوش ٿي رھيا،

چيائون پئي گڏجي، ”جيئي سنڌ شل“.

جڏھن ڳالھه سنڌڙي، جي سورن جي نڪتي،

لڳا پوءِ ڏکارا، پئي ڏاڍا ادل.

سچل جي زبان ھئي، ڀٽائي جا ھٿ ھا،

ھيڪانديون دعائون ويا، ڏيندا ادل.

چيائون پئي پرچي، وڃو پاڻ ۾ سڀ،

حياتيءَ کي معنيٰ، ڏيو ڪا مٺل.

ڏٺم پئي ويا ۽، ھي چوندا ويا ٻئي،

دنيا جي حقيقت، آ محنت جو ڦل.

ڏکيايون ”ڪولاچي“، ڪري ڪجھه نه سگھنديون،

اُٿي آڻ ڪا تون، عوامي اُٿل.

***

غزل

علي عادل

ھلڪي ھلڪي بارش برسي ٿي

ھوءَ ھن موسم ۾ ڀي تڙپي ٿي

ڏيئي آڏو رات سڄي ويھي

 ڏيئي وانگر ھوءَ به ڀٽڪي ٿي

 پاڻ کڻي ٿي سورن جو پاسو

خوشيون پر ٻي ڪنھن کي ارپي ٿي

 اونداهيءَ ۾ تارن جان ڀٽڪي

ھيءَ دل منهنجي توکي ڳولهي ٿي

 توکي ڏسندي ڏور ڏڪارن ۾

 پاڻيءَ وانگي دلڙي اٿلي ٿي

تيز ھوا سان مينهن به جاري آ

در تي وينگس ور کان ترسي ٿي‎.

***

غزل

اياز عمراڻي

ڪڏھن گهمياسين ھٿ ھٿن ۾ ڏئي

ھٿن مان اڃان مهڪ ناھي وئي

ڏني چين چاندي نشاني ڪري

ڪري وار، وارن منجهان ٿي پئي

بدن سان بدن؛ ٽڪريو ھو جڏھن

لڳي جيئن ڪرنٽ، مڙي مرڪيئي

رکي خط ڪتاب، مڪا تو ھئا

اٿم ياد جيڪي عبارت ڪئي

سڃي سون ڪيئي، حبيبن ھٿان

ڪٿان ڪيمياگر، ھنر ھٿ ڪئي

مصر جي منڊي ۾ خريدار ھئا

نه يوسف نه ئي ڪا زليخا ھئي

اکين سان اکين کي اشارا ڏئي

وئي ڳالهه سڀ ڪا چتائي چئي.

***