بلاگنئون

حيدرآباد منهنجي خوابن جي تعبير ڪتاب ”داستان شهر حيدرآباد“ جو تعارف

هي ڪتاب ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان مئي 2025 ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب ڪل 128 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ شبير کوکر جو پيش لفظ پڻ لکيل آهي.  ڪتاب ۾ ليکڪ جون ڪل 63 رپورٽون ۽ سرڪاري ادارن جون ڪل 32 رپورٽون شامل آهن. ان سان گڏ ڪتاب ۾ مختلف تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. سياستدانن، آفيسر شاهي جي حوالي سان تنقيد، پڇاڻي جي سوالن تي مبني رپورٽن تي مشتمل پهريون ڪتاب آهي.

ليکڪ جي سروي رپورٽن مان اڪثر رپورٽون  شهر جي ڪچين آبادين، حددخلين، روڊ رستن، گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين اسڪيمن، رهائشي اسڪيمن، واهن مان خاص طور تي واڌو واھ ۽ فسادي واھ بابت شامل آهن. شهر جي سرڪاري ادارن خاص طور تي ڪمشنر حيدرآباد جي گدو اسپتال، اکين جي اسپتال، سيوهڻ روڊ بابت رپورٽ، رهائشي اسڪيمن بابت رپورٽ، ڊپٽي ڪمشنر جي نئين سبزي منڊي جي منتقلي واري رپورٽ، چوپائي مال بابت رپورٽ، ايڇ ايم سي حيدرآباد بابت رپورٽ، حيسڪو حيدرآباد جي مون سون جي برساتن بابت رپورٽ، سيڊا، چيف سيڪريٽري جي سکر ۽ حيدرآباد موٽروي بابت رپورٽ، سي ايم سنڌ جي حيدرآباد جي دوري جي رپورٽ پڻ شامل آهي. نجي ادارن جي رپورٽن ۾ گريسپ، چيمبر آف سمال ٽريڊرز ايند انڊسٽريز، سافڪو، حيدرآباد، شامل آهن.

هي ڪتاب حيدرآباد جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ادارن، آفيسرن، چونڊيل نمائندن ۽ سياستدانن جي ڪارڪردگيءَ تي ڀرپور تنقيدي رپورٽن تي ٻڌل ڪتاب آهي، جيڪو اهل شهر جي دلچسپي جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، هن ڪتاب جي سڀ کان اول خصوصيت ڪتاب ۾ شامل ڪجھه تجويزن تي سنڌ حڪومت ۽ ميئر حيدرآباد طرفان منصوبن تي عمل پڻ ڪري ڏيکارڻ آهي، انهن تجويزن ۾ ڄامشوري روڊ تي اربن فاريسٽ پارڪ، عوامي بس سروس، واڌو واھ تان حد دخليون هٽائڻ جو ڪم، ڄامشوري کان گنجي ٽڪر روڊ، فسادي واھ جي فرشبندي جا منصوبا شامل آهن، جن جي تجويز2021 ۾ مون پنهنجي اخبار ۾ رپورٽ طور ڏني هئي ۽ ڪجھه تجويزون هٿوهٿ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جناب فواد غفار سومرو کي پيش ڪيون هيون. حيدرآباد ۾ رهائش دوران 2021 ۽ 2022 ۾ مون شهر جي ڀلائي، سڌاري خاطر شهر جي مختلف علائقن کي گهمي ڦري ڏٺو ۽ مسئلن جو مشاهدو ڪيو. مختصر رپورٽون لکيون، جن ۾ شهر جي سڌاري جون تجويزون پڻ ڏنيون، جن کي پنهنجي اخبار ۾ ڇپرايو، اڄ اتفاق سان منهنجي انهن سمورين تجويزن تي سنڌ سرڪار مڪمل عمل ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن تي مون کي ڏاڍي حيرانگي ۽ خوشي پڻ ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ائين پهريون دفعو ٿيو آهي ته ڪنهن ليکڪ ڪي تجويزون ڏنيون هجن ۽ اتفاق سان انهن تي حڪومت عمل ڪري ڏيکاريو هجي. هي هڪ اڻ لڀ مثال سامھون آيو آهي، جن تجويزن تي عمل سان منهنجي خوابن جي تعبير ٿي آهي، انهن ۾ ڄامشوري کان گنجي ٽڪر تائين بند روڊ جي تعمير ۽ ان سان وڻڪاري مهم، اربن فاريسٽ پارڪ جيڪو منصوبو حيدرآباد جي خوبصورتي ۽ ماحولياتي ضرورت جو هڪ انمول تحفو آهي. واڌو واھ جي اصل حالت ۾ بحالي جو منصوبو، فسادي واھ جي صفائي، فرشبندي جو ڪم، عوامي بس سروس تي عمل، ڦليلي، پڃاري ۽ اڪرم چينل واھ جي ڪنارن تان قبضا ختم ڪري وڻڪاري مهم جو آغاز قابل ذڪر منصوبا آهن، جن تي سنڌ حڪومت عمل ڪري حيدرآباد جي قسمت بدلائي ڇڏي آهي.

***