بلاگ

اچو ته البانيا گهمون (قسط-14)

لوگارا جي لاهوت لا مڪان ۾

ڪنهن زماني ۾ ڇا پر اڃان به پاڻ وٽ لاهوت لا مڪان لاءِ پانڌيئڙا پنڌ ويندا آهن، جيڪي پاڻ کي لاهوتي چوائيندا آهن. جبلن جي اڻانگن پنڌن ۾ اُهي پاڻ سان راشن پاڻي ۽ ٻي سامگري به ساڻ کڻندا آهن. اهڙو ئي هڪ جهان البانيا ۾ لوگارا (Logara) جي نالي سان آهي. هي ڪو پنهنجي لاهوت لامڪان يا هنگلاج جي تيرٿن جيان ناهي جتي ماڻھو باسون باسڻ ايندا آھن، پر هن خوبصورت پهاڙي سلسلي کي ڏسڻ ۽ من اندر جو آنند وٺڻ لاءِ البانيا توڙي پرڏيهه جا سياح الاهي ڪٿان ڪٿان اچي نڪرندا آهن. ڪنهن زماني ۾ جڏھن سفري سھوليتون نہ ھيون ۽ پھاڙ ٽڪي رستا نہ ٺاھيا ويا ھئا، تڏھن اها سائٽ به لازمي طور تي لاهوت لامڪان يا هنگلاج جهڙي مشڪل هوندي ۽ ماڻهو پاڻ سان اُتي پهچڻ لاءِ سفر جي سامگري به ضرور کڻندا هوندا. پر هاڻي روڊ رستن ٺهڻ کانپوءِ انهن سسئي وارن اڻانگن پيچرن واري پنڌ جا قصا باقي وڃي ڪتابن ۾ رهيا آهن. پاڻ وٽ جديد ٽيڪنالاجي جي مهرباني جي ڪري هاڻي سفر جو ٻيو ڪو وکر ڪونهي، پر فقط انگريز مائي ٻاپ جي ايجاد ٿيل ڪار آهي، جيڪا پاڻ کي اُن تيرٿ نما سندر آستاني جو ديدار ڪرائيندي.

لوگارا جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ Llogarase) چون ولورا کان 36 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي ۽ اُن جي اوچائي سطح سمنڊ کان 1027 ميٽر آهي. (Ceraunian) پهاڙي سلسلي ۾ واقع هن باءِ پاس جي ڏکڻ ۾ (Himora) ۽ اُتر ۾ (Dukat) وادي آهي ۽ هن جي ويجهو شهر جو نالو (Orikun) آهي. لوگارا باءِ پاس لوگارا نيشنل پارڪ جو حصو آهي، جيڪو 10 ڪلوميٽر اسڪوائر ايراضي تي پکڙيل آهي. هن پارڪ ۾ سرسبز چراگاهه، گهاٽا ٻيلا، اُڀا پهاڙ ۽ ميداني علائقا آهن. هي نيشنل پارڪ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ 1966 ۾ قائم ڪيو ويو آهي. شڪر آهي جو هتي پاڻ وارا وڏيرا ۽ ڌاڙيل پهتل ناهن نه ته يا ته هن پارڪ جا ٻيلا، جبل ۽ جهنگلي جيوت ڪڏهوڪا کپائي ڇڏين ها يا وري اُن کي ڪيٽي بنائي اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار ڪن ها… اهڙن رهزن وڏيرن ۽ سردارن کي وري اسانجو عوام ووٽ ڏئي سرخرو ڪري ٿو! ڪيئن ٿا ڀانيو اسانجي عوام جو شعور؟ وري جي ٻه اکر انهي شعور تي ڳالهائجي ٿو ته عقل جا اڪابر تنقيد جا پهاڙ ڪيرايو ڇڏين ۽ چوڻ لڳن ٿا، ”ميان اوهين جمهوريت جا دشمن آهيو.“ آئون ته ان کي اهڙي جمهوريت سان تعبير ڪريان ٿو جنهن ۾ عوام پاڻ پنهنجي ڳچي ۾ غلامي جو ڳٽ پائي ٿو.

ولورا کان لوگارا جو مفاصلو آھي تہ 36 ڪلوميٽر ۽ رستو بہ عاليشان ، پر جبلن جي اوچائي سبب وقت زياده لڳي ٿو ۽ اهو ننڍو رستو (36 ڪلوميٽر) پورو هڪ ڪلاڪ وٺي وڃي ٿو. ولورا کان پاڻ واري گاڏي سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلي رهي آهي. ھاڻي اسان جي گاڏي ھڪ گول چوراھي وٽان گذري رھي آھي. چوراھي جي گولائي ۾ ٺاھيل ماڊل (ڊزائن) ائين لڳي ٿو ڄڻ پراڙ جو کوڙو ڪيل ھجي. سمنڊ جي ٻئي (سامھون واري) پاسي کان هن خوبصورت شهر جي عمارتن، وڻن ٽڻن، روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ چهل پهل جا منظر پاڻ سان گڏ هلي رهيا آهن. ڪيڏي مهل گاڏي جبلن تي چڙهي ٿي ته اُن جي رفتار گهٽجيو وڃي ۽ وري جبلن تان لهندي اُن جي رفتار وڌيو وڃي. ھاڻي اسانجي گاڏي جبلن جي وچان ٺاھيل سرنگھ (tunnel) مان گذري رھي آھي ۽ اندر داخل ٿيڻ سان ئي اوندھ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. سرنگھ مان نڪرڻ کان پوءِ وري ھڪ پاسي جبل تہ ٻئي پاسي ساڳيو سمنڊ جو ڪنارو گڏ ھلي رھيو آھي.سمنڊ جي هن ڊگهي ڪناري تي گهڻن ماڻهن جا رهائشي گهر مختلف شين جا دڪان، هوٽلون توڙي کاڌي پيتي جون جام ريسٽورنٽس موجود آهن، جن ۾ الباني مشهور کاڌا بائريڪ (الباني سموسو)، تاوي ڪوسي (چانورن ۽ ڏهي ۾ ٺهيل رڍ يا مرغي جو گوشت)، فرجيز (قورمي نما ٻوڙ) اشوري (فريش، ڊرائي فروٽ ۽ ٻجن جو ٺهيل مٺو)، ٽراليس (ملڪ ڪيڪ) وغيره کان علاوه انگريزي کاڌا به ملن ٿا. اُن کانسواءِ انهن ريسٽورنٽس ۾ الباني طرز تي ٺاهيل پيزا به ملن ٿا، جيڪي کائڻ ۾ مشهور برانڊيڊ (ناليوارن) پيزائن پاووز، پيزا ھٽ وغيرہ جي مقابلي جا آهن. آئون پيزا کي پاڻ واري ٻولي ۾ چھري (مصالحي واري) ماني چوندو آھيان. ننڍي ھوندي امان جي ھٿن جي پچيل ڳاڙھن چانورن جي ماني جنھن ۾ لوڻ، داڻا بصر، ٿوم، ڳاڙھا مرچ ۽ ٻيو مصالحو پوندو ھو، اُنجو ذائقو اڄ بہ منھنجي چپن تي ايندي وات پاڻي پاڻي ٿي وڃي ٿو. پيزا کي ان مصالحي واري ماني جي جديد شڪل (form or pattern) ڪوٺي سگھجي ٿو. ڪيڏي مهل وري اسانجي گاڏي سامونڊي ڪناري کي ڇڏي ٻنهي پاسي پهاڙن جي وچ ۾ هلڻ شروع ڪري ٿي. ولورا شهر جيئن آئون اڳ ئي ٻڌائي آيو آهيان ته الاهي خوبصورت آهي. جبلن تي پٿرن جا ٺهيل گهر پاڻ وارن گهرن کان منفرد لڳن ٿا. ولورا جي تمام ڊگهي سامونڊي ڪناري تي جتي سٺي گلڪاري ٿيل آهي ۽ ويهڻ لاءِ بينچون ۽ شيڊ ٺهيل آهن ته اُتي وري اسپورٽس جا ميدان به ٺهيل آهن ۽ خاص طور تي هتي ايندڙ سياح مڇي جي شڪار مان ڏاڍو مزو وٺن ٿا. هينئر سرد موسم سبب سامونڊي ڪنارو ائين ويران لڳي ٿو جيئن وڻجارن جي ڏور سفر تي اُسهڻ کانپوءِ اُنهن جون ناريون اوسيئري ۾ اُداس اکين سان راهون تڪيندي نظر اينديون آهن. جيتوڻيڪ فطرت جي به پنهنجي سونهن آهي، پر اُنهن ۾ انسان به پنهنجا رنگ ضرور ڀري (نگاري) ٿو. جيڪڏهن وڻ ٽڻ جبل ۽ سمنڊ ڳالهائيندا هجن ها ته اُهي به انسان جي هن موسم ۾ غير حاضري جي دانهن ضرور ڏين ها. اُهو فقط انسان ئي آهي جيڪو فطرت جي سونهن ۽ سندرتا کي ساراهي سگهي ٿو. فطرت به ضرور پنهنجي جُز (انسان) کي دل ئي دل ۾ ساراهي گدگد ٿيندي هوندي.

خير هاڻ پنهنجي گاڏي ولورا شهر کي ڇڏي لوگارا باءِ پاس جي حدن ۾ هلڻ شروع ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ رستو سٺو ٺهيل ۽ ڊبل آهي پر جبلن جي ڪافي اوچائي سبب گاڏي جي رفتار گهٽ آهي. هاڻي پنهنجي رستي ۾ نه سمنڊ آهي ۽ نه ئي شهر ولورا. ٻنهي پاسي ساوڪ سان سٿيل جبل ئي جبل آهن. جڏهن ولورا پهتا هئاسين ته موسم جهڙالي ضرور هئي، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل سج ڪڪرن مان ليئا پائي پنهنجي وجود جي ھئڻ (طاقت) جو مظاهرو ضرور ڪيو ٿي. پر هتي بادل رکي رکي سج کي گهيرو ڪندا ٿي ويا. جيئن ئي بادل پوري آسمان تي ڇانئجڻ لڳا ته روشني جهڪي ۽ موسم ۾ سياري جي خنڪي اڃان بہ وڌڻ لڳي. هاڻي جيئن ته ٻنپهرن جو وقت ٿي چڪو هو ۽ بک به لڳي هئي، سو ليڊي کي چيم ته جتي به ڪا چڱيرڙي هوٽل ڏسين ته گاڏي بيهارجانءِ جيئن پيٽ پوڄا ڪري وٺون. ماني جي ڳالهه نڪتي آهي ته مون کي منهنجو دوست غلام نبي زنئور ياد پيو جنهن کي ماني ڀلي ملي نه ملي، پر چانهه ڀلي ملي سا به کير پتي (ڪٽنگ). هڪڙي دفعي سفر دوران کيس چيم ته ”يار ٻپهر بہ گذري ويا آهن، ھاڻي تہ بک لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، اڃا تو کي رستي ۾ ڪا اھڙي چڱيرڙي هوٽل ڪونه ٿي سُجهي، جتي ماني جا ٻه گراهه کائي پيٽ کي ڇاٻ ڏجي.“ گاڏي هُن پي ڊرائيو ڪئي سوچيائين، ”بس سائين ٿورو ترسو ڀلي هوٽل تي ٿا هلي ماني کائون.“ مون کي اڳ ئي هُن جا سور سجهيا پي. مون کي پڪ هئي ته هُو اهڙي هوٽل تي گاڏي بيهاريندو جتي ماني ڀلي ڪهڙي به ملي پر چانهه ڀليِ ضرور ملي ۽ ٿيو به ائين. پر هي ليڊي آهي شراب جو موالو، سو ته ھتي هر هوٽل تي هر برانڊ جو ملي ٿو، تنهنڪري هتي پاڻ سان اهو کير پتي چانهه وارو چڪر نه ٿيو. ليڊي ٿورڙو اڳيان ھلندي جلد ئي هڪڙي اوچي پهاڙي جي هوٽل وٽ اچي گاڏي بيهاري. پهاڙي علائقن ۾ هتي وسندي گهٽ آهي، پر اُتي هي تمام صاف سٿري ۽ ڀلي ريسٽورنٽ ٺهيل هئي. خوبصورتي سان سجايل ھن ريسٽورنٽ ۾ هڪڙو وڏو شراب جو ڪائونٽر به ٺهيل هو. البانيا ۾ جنهن به هوٽل/ريسٽورنٽ يا ڪافي/چانهه ڪارنر تي وڃو ته اُتي توهان کي شراب جو هڪ الڳ ڪائونٽر ضرور ملندو. ايتري قدر جو سپر اسٽور توڙي ننڍن دڪانن تي به شراب ملندو ئي ملندو. هن ريسٽورنٽ کي عورتن هلايو ٿي ۽ ان جو پورو اسٽاف به عورتن تي مشتمل هو. روڊ جي ٻئي (سامهون) پاسي جبل مٿي هنن جو ڳوٺ به چٽو نظر اچي رهيو هو. جيئن ئي ريسٽورينٽ ۾ ويٺاسين ته ويٽر عورت مينيو کڻي آئي. نڪو پاڻ کي عورت جي ٻولي سمجهه ۾ آئي ۽ نڪو مينيو. آئون هن سفرنامي جي ڪنهن قسط ۾ اڳي ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هتي پوري البانيا ۾ ٻولي جو وڏو مسئلو آهي. الباني انگريزي ٺپ نٿا سمجهن. پاڻ وٽ ٻهراڙين ۾ اڃان به ڪو نہ ڪو انڌي منڊي انگريزي ضرور ڄاڻي ٿو. انگريزي نہ ڄاڻڻ جو ھڪڙو سبب اھو بہ آھي تہ ھي ملڪ رومن، اٽلي ۽ اوٽومين ايمپائر وغيرہ جي تسلط ھيٺ تہ ضرور رھيو آھي پر پاڻ وارن انگريز آقائن جي غلامي کان بچيل رھيو آھي. انهي ڪري ھتي مون سميت جيڪو فارينر اچي ٿو ان سان ٻولي سمجھڻ جي معاملي ۾ اھڙو حشر ٿئي ٿو، جھڙو ملاکڙي ۾ دسيل پھلوان سان ٿيندو آھي. وري بہ شڪر آهي جو پاڻ سان گڏ ڊرائيور ليڊي اٽلي مان ٿي آيو آهي ۽ انگريزي بہ سٺي ڄاڻي ٿو. انھي ڪري پاڻ دسيل پھلوان واري حشر نشر کان بچيل آھيون. سو ليڊي منھنجي ھنن ماين (ويٽرن) مان جان ڇڏائي ۽  مون کي مينيو سمجهايو. مون کيس تاوي ڪوسي جو آرڊر ڏيڻ لاءِ چيو. ليڊي وسڪي جو موالو آهي ۽ نه پيئڻ جو قسم ڪو پاڻ به نه کنيو آهي، انهي ڪري ليڊي جي خواهش کي مان ڏيندي آرڊر ۾ شراب به شامل (Add) ڪرايو. ۽ ھا – جڏهن موسم به ڪافر بڻي بيٺي هجي ته ڪو بدذوق داناءُ ئي هوندو جيڪو اخلاقيات جا غير ضروري ليڪچر (درس) ڏئي وسڪي واپرائڻ کان منع ڪندو! هونئن به پاڻ اخلاقيات جي معاملي ۾ انهن داناءُ دانشورن جي دائري مان نڪتل آهيون ۽ ڏاڍا خوش آهيون. اُستاد غالب جي چواڻي: ”غالب اپني دهن ۾ مگهن، غيرڪي سنتا نهين.“ جيسين ماني تيار ٿئي پاڻ سوچيو ته ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪري کُلي ماحول ۾ سوم رس پيئجي ۽ سگريٽ جا ڪش هڻي فطرت جي بي پناهه حسناڪين جو مزو بہ ماڻجي.

فطرت آهستي آهستي پنهنجا پر پکيڙيندي نوان رنگ نروار ڪري رهي هئي. بادل هاڻ سج کي مڪمل گهيري چڪا هئا ۽ وقتي طور ائين لڳو ته سج پنهنجي هار مڃيندي گم ٿيڻ لڳو هو. پري وارا جبل جيڪي پهرين چٽا نظر آيا ٿي هاڻ ڌنڌلا نظر اچي رهيا هئا. ٿوري دير بيهه انهي ماحول مان لطف اندوز ٿي واپس ريسٽورنٽ ۾ ٽيبل تي اچي ويٺس. سوم رس جا سپ من اندر جي پاتال ۾ نوان راز نکاري رھيا ھئا، ڀرسان ريسٽورنٽ جي ڪچن مان ٺهندڙ کاڌن جي خوشبوءِ سواسن کي معطر ڪري رهي هئي ۽ گڏوگڏ ليڊي سان اوسي پاسي جون خبرون به هلي رهيون هيون. جلد ئي عورت ويٽر ٽيبل تي اچي ماني لڳائي. عجيب رواج ڏٺم جيڪو ڪنهن وقت ۾ پاڻ وارن ڳوٺن ۾ به رائج هو. مون کي ياد آهي، ڳوٺن ۾ شادين جي ڀت ۽ ٻوڙ جو ٿالهه وچ ۾ رکبو هو ۽ ماڻهو اُن جي چوگرد ويهي هڪڙي ئي ٿالهي مان گڏجي ماني کائيندا هئا. آبتن ۾ به اڪثر ماني کائڻ جو اهو طريقو رائج هو. هتي به ويٽر عورت ٻوڙ جو ڊش، چانورن جو ٽري ۽ پاٽ ۾ تندوري ماني رکي وئي، باقي کائڻ لاءِ پليٽون نه آيون. مون ليڊي (ڊرائيور) کي چيو ته شايد ويٽر کي پليٽون ڏيڻ وسري ويون آهن. ليڊي ٻڌايو ته هتي جو رواج اِهو ئي آهي، باقي ڪو مسئلو ناهي پليٽون آڻڻ جو چئونس ٿا. مون چيو رهڻ ڏي اڄ انهن ڍونگن ۾ ئي ٿا کائڻ شروع ڪريون ۽ پنهنجن پراڻن طور طريقن (رسم و رواج) جو حصو ٿي ٿا ماني جو مزو وٺون.

هر ملڪ جي کاڌي جو جتي ٺاهڻ جو پنهنجو انداز آهي ته اتي اُن جي ذائقي جو به پنهنجو مزو آهي. جبل جي چوٽي تي ريسٽورنٽ هجي، ۽ اُن جي درين جي شيشن مان ٻاهر جهڙالي موسم جو منظر نظر ايندو هجي ۽ اندر ريسٽورنٽ ۾ وري موکي جي مڌ جي چپن تي چسڪي ته ماڻهو ٻه گراهه ماني جا ضرورت کان زياده ئي کايو وڃي. ههڙي عاشقانه موسم ۽ ماحول ۾ وري مٿان مٺو (Sweet Dish) به کائڻ لازمي ٿيو پوي. ليڊي ويٽر کي البانيا جي ماڻهن ۾ اڪثر پسند ايندڙ مٺي ٽرائلس (Milk Cake) آڻڻ جو چيو. ليڊي جي راءِ هئي ته هاڻي پاڻ کي اڃا به مٿي پهاڙن جي اوچائي تي هلڻو آهي ۽ نيشنل پارڪ ۽ٻين جڳھين کي به ڏسڻو آهي ۽ سردي جو به بلو ڪرڻ آهي، انهي ڪري ڪافي ٿي وڃي. جيتوڻيڪ ماني ڪافي ڇڪي کاڌي هئي ۽ پيٽ ۾ گنجائش به نه هئي، پر ههڙي ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن مولوي يا پنڊت وارو پيٽ جنهن ۾ لڪڙ هضم پٿر هضم ٿيو وڃي، رکڻ ۾ ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهيو ٿي؟ سو پاڻ کي به ليڊي جي صلاح وڻي ۽ ڪافي جو آرڊر ڏنو. جيئن دال تڙڪي سان کائڻ ۾ مست ٿئي ٿي، تيئن پاڻ به ليڊي جي ڪافي جي نئين فارمولي (انداز) جي پوئواري ڪندي حسبِ معمول ڪافي ۾ ٻه ٽي ڦڙا سوم رس جا وجهي ڪافي پيتي. هن نئين انداز جي ڪاڪ ٽيل جو مزو ئي پنهنجو آهي، جنهن جو آئون اڳي به سفر نامي جي ڪنهن قسط ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان. مون کي هن ماحول جي پس منظر ۾ لطيف سائين جو بيت ذهن تي تري آيو:

جي ماسو ملنئي مال ته پوڄارا پُر ٿيئين

هاڻي ڊاڪٽرن جي ڏسيل صحت جي اصولن کي تاڪ تي رکندڙ ههڙي ڪنڌار ماني جي مٿان سگريٽ جا ٻه ٽي ڪش نه هڻجن ته پوءِ ڄڻ ”جنميا ئي نهين.“ پاڻ وٽ ته ماڻهو ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽلن/هالن ۾ به سگريٽ جي دٻ لاهيو ويٺا هوندا آهن، پر هتي ايئن ڪونهي. سياري هئڻ سبب ريسٽورنٽ ۾ اي سي ته ڪونه ٿي هليو ۽ نه ئي اُن جي ضرورت ٿي محسوس ٿي، پر پوءِ به مروجه قاعدن جي پوئواري ڪندي ٻاهر ئي سگريٽ پيئڻ مناسب سمجهيو. پاڻ اُهي ساڳيا ئي ماڻهو آهيون جيڪي ٻين ملڪن ۾ ته قاعدن قانونن جي پوئواري ڪريون ٿا، پر پنهنجي ملڪ ۾ اُنهن تي عمل ڪندي نه صرف ٻرو ٿو چڙهي، پر اُن ۾ پنهنجي بي عزتي (توهين) سمجهون ٿا. شايد انهي ڪري جو پاڻ وٽ موچڙو گهٽ ۽ ماني وڌيڪ آهي يا ائين کڻي چئجي ته پاڻ وٽ وڏ ماڻهپي جا معيار ئي اِهي آهن ته قانون تي عمل نه ڪريو. بهرحال پيٽ پوڄا کانپوءِ هونئن به ريسٽورنٽ ۾ ويهڻ جو ڪو تُڪ (فائدو) نه هو. ويٽر کي بل ڏيئي ٻاهر آياسين. ريسٽورينٽ جي ٻاهران دالان ۾ وڏو حفاظتي لوهي جهنگلو لڳل هو، ڇاڪاڻ جو ريسٽورنٽ جبل جي چوٽي تي ٺهيل هئي ۽ اُن کان هيٺ گهرائي ۾ واديون هيون، جن ۾ ڪرڻ جو خطرو ٿي سگهيو پي. جهنگلي وٽان بيهه فطرت جي سونهن جو منظر پسڻ لڳس. هيٺ توڙي سامهون نهارڻ سان رڳو جبل ئي جبل نظر آيا ٿي، جن تان بادل ڀنورن جيان ڀيرا ڪري رهيا هئا ۽ اُنهن کي ڇهندي واس وٺي رهيا هئا. کُلي فطرتي ماحول ۾ سگريٽ جو دونهون به ڄڻ بادلن سان دوستي وڌائڻ ۽ اُنهن تائين جلدي پهچڻ لاءِ اُبتيون سبتيون گُهتون هڻندو ٿي رهيو. مون کي ان فطرتي ماحول جي پسمنظر ۾ شايد شمشير الحيدري؟ جو لکيل لوڪ گيت جيڪو سڀ کان پهرين جيجي زرينا بلوچ ڳايو هو ۽ اُن کانپوءِ ٻين به ڪيترين ئي گلوڪارائن اُن کي ڳاتو، ذهن تي تري آيو.

جبل مٿي جهڙ او جاني جبل مٿي جهڙ،

جهڙ ته مون کي جهوري ڙي سڄڻ،

وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي سڄڻ،

او منڌ ڏسي تون مڙ…..

هتي به، جبلن ۾ ڪيترين ئي جوانين جوڀن ماڻيو هوندو ۽ اُنهن جي گود ۾ پيار محبت ونڊيو هوندو! جيئن جبلن جي اوٽ ۾ ڪڪر لڪي وڃن ٿا ۽ وري ظاهر ٿين ٿا، تيئن هتي به ڪيترن عاشقن ۽ معشوقن پاڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏي هوندي. پيار، محبت، وڇوڙي، وصال ۽ آشائن نراشائن جا ڪئين ديپ دکيا ۽ اُجھيا ھوندا؟ … هنن وشال وادين ۾ ڪئين سسئي پنهون جهڙا داستان ڦليا ڦوليا هوندا … ڪيترائي لوڪ ڏاهپ جا قول ۽ قصا جنميا هوندا … فطرت جا اهي روح پرور نظارا پسندي نيشنل پارڪ هلڻ لاءِ اڃان مس سوچيوسين ئي پي ته آسمان پنهنجو رنگ بدلائڻ لڳو. آهستي آهستي پوري آسمان تي ڌنڌ (ڪوهيڙو) ڇانئجڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي سڄي وادي ڪوهيڙي سان ڍڪجي ويئي. هاڻي نه ديو جيڏا وڏا پهاڙ نظر آيا ٿي ۽ نه ئي وڏي دائري ۾ ڦهليل واديون. بس چوطرف رڳو اڇاڻ ئي اڇاڻ ڦهليل هئي. مونکي ان ماحول ۾ مئڊم نورجھان ۽ اُستاد مھدي حسن جو فلم دنيا پئسي دي ۾ ڳايل گانو ”چل چليي دنيا دي اُس نُڪڙي جتي بندا نہ بندي دي ذات ھوئي.“ دل تي تري آيو. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ڌرتي ۽ آسمان ملي هڪ ٿي ويا آهن ۽ آسپاس ۾ موجود هر شئي اُن ڪوهيڙي ۾ سمائجي وئي آهي. لطيف سائين جي هن بيت جي چواڻي:

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون،

بس چوطرف رڳو اڇ ئي اڇ (ڌنڌ، ڪوهيڙو)  هئي ۽ سواءِ اُن جي ٻيو ڪجهه به نظر نٿي آيو. اهو منظر پسي مون کي جُز جو ڪُل ۾ سمائجڻ جو فلسفو سمجهه ۾ اچي ويو.

هاڻي جڏهن ٻن فٽن جي مفاصلي تي به ڪجهه نظر نٿي آيو ته ڪيئن ممڪن هو جو سفر کي جاري رکي سگھجي؟ انهي ڪري فطرت جا رنگ ڏسڻ لاءِ جهنگلي وٽ ئي بيٺا رهياسين. بس پوءِ اميتاڀ بچن ۽ ريکا جي رومانٽڪ جوڙي جي فلم سلسله جي مشهور گاني ”مين اور ميري تنهائي اڪثر يه باتين ڪرتي هين“ جي مصداق، بس پوءِ اسان ۽ سگريٽ جا ڪش ۽ گپ شپ (ڪچهري) هاڻي سگريٽ مان اُٿندڙ دونهون به ڌنڌ ۾ سمائجي ٿي ويو ۽ بل (وروراڪا) کائيندي ۽ کينچليون ڪندي نظر ڪونه ٿي آيو. تقريبن ٻه ٽي ڪلاڪ اِهو منظر موجود رهيو، جنهن اسان کي هڪ جڳهه تي بيهڻ (ٽڪڻ) لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. اُن وقت مونکي احساس ٿيو ته انسان ڀلي ڪيڏو به سگهارو ڇو نه ٿي وڃي، پر فطرت جي اڳيان اُن جي بي وسي سدائن رهندي ئي رهندي. انهي ڪري ان ۾ ئي انسان جي ڀلائي آهي ته هُو فطرت جي قانونن جي پوئواري ڪندي اُن جو حصو ٿي رهي ۽ اُن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪري. اُن ۾ ئي سندس جياپو، خوشحالي، امن، سلامتي ۽ بقا آهي. تقريبن ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ فطرت پنهنجا رنگ روپ تبديل ڪرڻ لڳي ۽ آهستي آهستي پوري وادي تي ڇانيل ڪوهيڙو هٽڻ لڳو ۽ جبل، واديون ۽ وڻ ٽڻ ھڪواري ٻيھر ائين ظاهر ٿيڻ لڳا جيئن صبح جو سويل سج ڪني ڪڍندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي پوري آب و تاب سان جلوه افروز ٿيندو آهي يا جيئن ڪوئي مست صوفي الست پهرين آهستي آهستي قدمن جي ٽاپ کڻندو آهي ۽ پوءِ وجد ۾ اچي رقص ڪندو آهي.

هاڻي شام جا ساڍا چار ٿيا آهن. آئون اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي البانيا ۾ سج تقريبن ساڍي چئين يا پنجين بجي کان لهڻ جي تياري وٺي ٿو ۽ ڏسندي ڏسندي ٿوري دير ۾ ئي اونداهه ٿيو وڃي. اونداهه ۾ نيشنل پارڪ ڏسڻ جو ڪوبه تُڪ نه هو، انهي ڪري واپس ماڳ موٽڻ ۾ ئي بهتري سمجهيسين. بهرحال اِها حسرت ضرور رهجي ويئي ته فقط 15 ڪلوميٽرن جي دوري تي هوندي به نيشنل پارڪ ۽ لوگارا جي آس پاس ٻين جڳهين کي ڏسڻ کان رهجي وياسين. پنهنجي حالت به سگھاري فطرت جي اڳيان اهڙي هئي جهڙي مومل جي راڻي جي اڳيان. مومل ته گهڻئي ٿي چاهيو ته راڻي سان رهاڻ جو موقعو ملي، پر رٺل راڻي کي ڪير پرچائي؟ بهرحال هي دنيا آهي ئي ايئن. جيئن سوچجي ٿو يا خواهش ڪجي ٿي اُها ضروري ناهي ته پوري ٿئي!؟ ۽ پوءِ جي ڪو مت جو موڙهو اُن کي پنهنجي تقدير سمجهي ويھي رهي ته اُها اُن جي مرضي، باقي پاڻ اُن جو ڪارڻ (ذميوار) فطري يا سماجي حالتن کي سمجهون ٿا ۽ حالتون ڪڏهن به بدلجي سگهن ٿيون ۽ جڏهن حالتون بدلجڻ لڳن ٿيون ته خواهشون ۽ حسرتون لازمي معراج ماڻين ٿيون. انهي ڪري پاڻ وٽ ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي“ جي ڪهاوت جي ڪابه اهميت ڪونهي.

جيئن ئي ڪوهيڙي جي چادر لٿي ته پوري وادي پنهنجي جوڀن سان ايئن جلوه گر ٿي وئي جيئن ڪنهن ڪنوار جو مکڙو گهونگهٽ لاهڻ کانپوءِ ظاهر ٿيندو آهي. جيئن ته هاڻ پوري وادي تي شام جا پاڇا ظاهر ٿي رهيا هئا، اُن کان اڳ جو مڪمل اونداهه ڇانئجي وڃي، اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ البانيا ۾ پنهنجي آستاني ترانا ڏي رخ رکيوسين. ٿوري دير کانپوءِ رات وشال وادين مٿان ڇانئجي چڪي هئي ۽ ائين ٿي لڳو ته هوءِ وادين کي هميشه لاءِ ڳڙڪائي ويندي؟ پر گاڏي جي ٻرندڙ لائيٽن ۽ ڪٿي ڪٿي جبل تي اڏيل گهرن ۾ نظر ايندڙ روشني مان ايئن لڳو ٿي ته ڀلي اونداهه ڪيڏي به سگهاري ڇو نه هجي، پر روشني جو هڪ ترورو به اُن جي خوف ۽ وجود کي ختم ڪري سگهي ٿو. ڏور جبلن ۾ اڏيل گهرن ۾ نظر ايندڙ مدهم روشني ۽ گاڏي جي هيڊ لائٽس جي تيز روشني ۾ ٻهڪي اُٿندڙ جبل اهو سچ نروار ڪري رهيا هئا ۽ اِهو اوندهه تي روشني جو غالب ٿيڻ وارو سچ ئي آهي جيڪو انسان کي ڪٺن حالتن ۾ به ٽٽڻ ۽ وکرڻ نٿو ڏي ۽ جيون جي تند کي جوڙيو رکيو اچي. تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ گاڏي ڊوڙائڻ کانپوءِ نيٺ ترانا پهچي ئي وياسين.