خاص

پاڪستان شديد برساتن جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي: شيري رحمان

وفاقي وزير ماحولياتي تبديلي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان شديد برساتن جي خطري کي منهن ڏيندڙ 20 ملڪن ۾ شامل آهي. شيري رحمان چيو آهي ته گلوبل انفارميشن اينڊ ارلي وارننگ سسٽم جي رپورٽ ۾ پاڪستان شامل آهي، پاڪستان انهن 20 ملڪن مان آهي جتي معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان گذريل سال برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ بحالي جي مرحلي ۾ آهيون، اسان کي شديد ماحولياتي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.