بلاگ

اچو ته البانيه گهمون (قسط-9 حصو ٽيون)

البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو

وري اُھي ئي رستا، وشال فطرت جا سونھن ڀريا نظارا جيڪي بادلن کان وڌيڪ تيز رفتاري سان  اڳيان اچي اکين کان ڏور ٿي ائين اوجھل ٿي وڃن ٿا جيئن سسئي جي نظرن کان پنھون پري ٿي ويو ھو ۽ پوءِ بس ھڪ سسئي ھئي ۽ ٻيا ھئا پھاڙ جيڪي ھن جاڳيا بہ ٿي ۽ ساڻن سور بہ سليا ٿي. ھتي بہ پھاڙ ضرور ھئا پر سسئي وارا نہ تہ اڻانگا پنڌ ھئا ۽ نہ ئي سسئي وارا سور. ھتي تہ فطرت پنھنجي چاھيندڙن کي وشال ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ ٻانھون ڦھلائي ڇڏيون ھيون. تقريبن هڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ليڊي گاڏي بيهاري ڇڏي ۽ ٻڌايو ته هن علائقي کي لئنڊ آف ايگلس (Land of Eagles) چيو وڃي ٿو.

 هي اُهو علائقو آهي جتي الباني هيرو سڪندر بيگ خلافت عثمانيه جي فوج سان جنگ ڪئي هئي. هتي هڪ ننڍڙو ميوزيم به ٺاهيو ويو آهي جنهن جي ٽڪيٽ 200 ليڪ (Lek) آهي. هن ميوزيم ۾ جنگ جي حوالي کان اُن وقت ۾ جنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ سڪندر بيگ جي زندگي ۽ ڪارنامن جي حوالي کان شيون رکيل آهن ۽ معلومات پڻ مهيا ڪئي وئي آهي. البانيا پوري دنيا ۾ لئنڊ آف ايگلس (بازن/ عقابن جي سرزمين) جي طور تي سڃاتو ويندو آھي، بلڪل ائين جيئن ڪارونجھر مورن جي حوالي کان ۽ حيدرآباد منگن جي شھر طور سڃاتو ويندو آھي. البانيا کي لئنڊ آف ايگلس ڇو سڏيو ويندو آھي، اچو تہ ان جي پسمنظر ۾ مشھور لئنڊ آف ايگلس جي قصي کي بہ ڄاڻي وٺون. هي هڪ لوڪ داستان آهي ۽ البانيا جي ميٿالاجي سان تعلق رکي ٿو، بلڪل ائين جيئن پاڻ وٽ يوناني يا هندو ميٿالاجي جا قصا مشهور آهن. جيتوڻيڪ قديم دور جي ميٿالاجين ۾ آيل قصا ۽ واقعا جن جي سچي هئڻ تي گهٽ ويساهه اچي ٿو ۽ انهن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ بيان ڪيل واقعا ۽ اُنهن جي ڪردارن جا ڪرتب ۽ عمل ذري گهٽ معجزا لڳن ٿا، جن کي قبول ڪرڻ ۾ ذهن ابهام جو شڪار رهي ٿو پر پوءِ به اُهي ميٿالاجيڪل قصا، ڪهاڻيون، عقيدا وهم ۽ وسوسا هن دور ۾ به انسان سان نه صرف جڙيل آهن پر ڪٿي ڪٿي ته اُهي قومن ۽ ملڪن لاءِ سڃاڻپ ۽ فخر جو باعث بہ بڻيل آهن. اچو ته الباني قوم سان جڙيل اهڙي ئي هڪ ميٿالاجيڪل قصي جو ذڪر ڪريون جنهن کي اڄ به الباني پاڻ سان جوڙي رکن ٿا ۽ ان حوالي کان باقي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي فخر محسوس ڪن ٿا.

چون ٿا ته هڪڙو نوجوان جبلن ۾ شڪار لاءِ نڪتل هو. اوچتو هن کي پنھنجي مٿان آسمان ۾ هڪ وڏي بازڻي (عقاب Eagle) نظر آئي. اُن جي شڪاري چهنب ۾ نانگ ڦاٿل هو. ڪجهه گهڙيون مٿي اُڏامڻ کانپوءِ اُها بازڻي جبل ۾ ٺهيل پنهنجي آکيري (چُر) ۾ هلي وئي. نوجوان شڪاري جبل چڙهي چُر جي منهن وٽ پهچي ويو، جتي هُن ڏٺو ته بازڻي جو ٻچو نانگ کي مئل سمجهي اُن سان کيڏي رهيو هو. پر نانگ اصل ۾ جيئرو هو ۽ اُهو اوچتو ئي ڦڻ ڪڍي اُٿي کڙو ٿيو. اُن کان اڳ جو اُهو بازڻي جي ٻچي کي ڏنگي نوجوان شڪاري ڪمان مان تير ڪشي نانگ کي ماري وڌو ۽ پوءِ هُو بازڻي جي ٻچي کي کڻي خوشي مان نه ماپندو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. رستي هلندي نوجوان کي پنهنجي مٿان بازڻي جي پرن (کنڀن) جي ڦڙ ڦڙائڻ جو آواز محسوس ٿيو.

”تون منهنجي ٻارڙي (بازڻي جو ٻچو Eaglet) کي ڇو کڻيو پيو وڃين؟

”هن تي منهنجو حق آهي، ڇاڪاڻ جو مون اُن کي بچايو آهي. نوجوان وراڻيو، ”تون ته اُن کي نانگ کان بچائي نه سگهيئين؟“

”مونکي پنهنجو ٻچڙو واپس ڪر.“ بازڻي چيو،”ان جي بدلي ۾ آئون توکي پنهنجيون عقابي اکيون ۽ پنهنجا سگهارا پر (کنڀ) ڏينديس، انهن سان تون ناقابل شڪست ٿي ويندين ۽ پوري دنيا ۾ منهنجي اولاد جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندين.“

بازڻي جي ڏنل آڇ نوجوان کي وڻي ۽ ھُن بازڻي کي سندس ٻچڙو واپس ڪيو. جڏهن بازڻي جو ٻچو وڏو ٿي سگھارو باز ٿيو ته اُهو سدائين نوجوان جي سِر (Head) مٿان اُڏامندو هو ۽ ھُن جي حفاظت ۽ حڪمن جي تعميل ڪندو ھو. ان کانپوءِ نوجوان اُن جي مدد سان جهنگل ۾ سوئرن ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي تلوار سان ڌرتي جي دشمنن جو خاتمو ڪرڻ لڳو. انهي سڄي عمل جي دوران باز نه صرف هُن جي رهنمائي ڪندو هو، پر حفاظت به ڪندو هو. نوجوان جي شڪاري قابليتن کي ڏسي وطن واسين هن کي پنهنجو بادشاهه چونڊيو ۽ هُن کي Shqipetar سڏڻ لڳا جنهن جي الباني ٻولي ۾ معنيٰ آهي باز جو پُٽ. الباني ٻولي ۾ باز کي (Shqiponje يا Shqipe) چوندا آهن. انهي قصي جي پسمنظر ۾ البانيه کي Shqiperia يعني عقابن (بازن) جي سرزمين (Land of Eagles) سڏيو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت باز جي تصوير (لوگو) کي البانيا جي قومي جهنڊي ۾ هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. البانيا جو جهنڊو ڳاڙهي رنگ جو آهي ۽ ان جي وچ ۾ ڪاري رنگ رنگ ۾ ٻن مُنهن واري باز جي شڪل ٺهيل آهي. ڳاڙهو رنگ بهادري، طاقت، شجاعت ۽ انقلاب کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته باز جو ڪارو رنگ خودمختيار البانيا جي علامت کي ظاهر ڪري ٿو. هي جهنڊو 1912 ۾ البانيا تي ترڪي جي عثمانيه سلطنت جي خاتمي کانپوءِ البانيا جي قومي جھنڊي جي طور تي اختيار (منظور) ڪيو ويو.

سو سائين منهنجا! ڪيئن ٿا ڀانيو هن ديو مالائي قصي کي؟ پريشان نه ٿيو، جي اهڙا قصا ۽ ڪرامتون پاڻ جهڙن ملڪن ۾ ٿين ها، جتي گڏھن ۽ ڪتن جي قبرن تي بہ ميلا لڳن ٿا ۽ ويساھ وسوڙيل اچي باسون باسين ٿا، ته پڪ سان اُن نوجوان جي بہ ”باز وارو بابا“ جي نالي سان درگاهه ٺهي وڃي ها ۽ پوءِ ماڻهو اُتي اچي باسون باسين ها ۽ گادي نشينن جي چاندي ٿي وڃي ھا. پر هِتي اهڙي ڪائي ڳالهه ڪونهي. اهو البانين جي لاءِ فقط ماضي جو روايتي ۽ ثقافتي اهڃاڻ بنيل آھي، جنھن جو البانين جي عقيدي سان پري پري جو بہ واسطو ناھي.

(بقايا سفر نامو ايندڙ قسط ۾)