خاص

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ لاڪ ڊائون واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو

هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته بلاول ڀٽو جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪريون ٿا ته سماجي طور فاصلا رکيا وڃن، پر لاڪ ڊائون جي حق ۾ نه آهيون. هن بلاول طرفان ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ جي ڳالهه جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته جڏهن اسان تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته اسان هڪ ٿي ويندا آهيون. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جي صلاحيت وڌائي رهيا آهيون. اسان وٽ لکن جي تعداد ۾ ٽيسٽ جون ڪِٽون موجود هونديون. اسان مقامي طور تي اهي ڪٽون تيار ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مئي ۽ جون ۾ گرمي شروع ٿيڻ سان وائرس ختم ٿي سگهي ٿو، پر اها ڳالهه مڪمل پڪ سان نٿا چئي سگهون. ان کان اڳ وزيراعظم جي مددگار ۽ ڊي آءِ جي ايس پي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته دنيا جي 176 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جا مريض رپورٽ ٿيا آهن. هن ڏکي صورتحال ۾ قوم متحد آهي. هن پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي 326 مريضن ۾ ٻن فوتين جي تصديق ڪندي چيو ته هاڻ نيشنل ڊيش بورڊ ٺهي ويو آهي، جنهن سان صورتحال جو جائزو وٺي سگهبو