ماهر ڊاڪٽر وانگر مرض شناخت ڪندڙ ذهين سافٽ ويئر
لنڊن جي هڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ڪم ڪندڙ ڪمپني پاران هڪ اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اکين جي ڏهن بيمارين جي ائين تفتيش ڪري سگهي ٿو جيئن هڪ ماهر ڊاڪٽر پنهنجي راءِ قائم ڪندو آهي. هن سافٽ ويئر جي تياري ۾ 18 هزار مريضن جي ڊيٽا شامل ڪري ان کي تربيت ڏياري وئي آهي. انهن مان ڪيترن ئي مريضن جي ريٽينا جي اسڪينن کي جمع ڪيو ويندو آهي، جنهن کي او سي ٽي اسڪين به چيو ويندو آهي. هن ڪمپيوٽر پروگرام جو مقصد اهو آهي ته هن ذريعي ترت علاج ڪندي ڪيترن ئي مريضن جو علاج ڪري انهن جي نظر بچائي سگهجي ٿي. هي سافٽ ويئر هن وقت اکين جي 50 بيمارين جي شناخت ڪري انهن جي علاج لاءِ راءِ ڏيئي سگهي ٿو. هن سافٽ ويئر کي ٺاهيندڙ ٽيم جي اڳواڻ مصطفيٰ سليمان جو چوڻ آهي ته جلد ئي هن سافٽ ويئر جو پوري دنيا ۾ استعمال شروع ٿي ويندو. جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ايندڙ ٽن سالن جي عرصي ۾ برطانيه جون 30 سيڪڙو اسپتالون هن سافٽ ويئر کي استعمال ڪري رهيون هونديون.

