بلاگنئون

اين ايف سي ايوارڊ جي نئين جوڙجڪ جو امڪان

هڪ غير معمولي ترقيءَ ۾، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻي ۾ وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻي ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ آبادي جي عمر گهٽائڻ تي متفق ٿيندي نظر اچن ٿيون. اين ايف سي جو شروعاتي اجلاس هن هفتي جي آخر ۾ ٿيندو. شايع ٿيل رپورٽ موجب، خيبر پختونخواهه جي ناڻي واري وزير مزمل اسلم، ايف پي سي سي آءِ ريجنل آفيس ۽ ڪي پي بورڊ آف انويسٽمينٽ جي تعاون سان پشاور ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري ايسپر پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان مطالبو ڪنداسين ته صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ ۾ آبادي ۽ پسماندگي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. وفاقي وزير، خاص طور تي منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، وسيلن جي ورڇ لاءِ آبادي کي گهٽ اهميت ڏيڻ بابت به ڳالهائي رهيا آهن. بهرحال، مردم شماري ۾ بي ضابطگين جا الزام ماضي ۾ سامهون ايندا رهيا آهن، جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري 11 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جوڙي ڇڏيو ته جيئن ورڇ جوڳن وسيلن جي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ورهاست لاءِ نئين ايوارڊ جو اعلان ڪري سگهجي، ڪميشن جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب مقرر ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 160(1) تحت 11هون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جوڙيو. نوٽيفڪيشن موجب، ڪميشن 9 ميمبرن تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير چيئرمين هوندو چئني صوبن مان ناڻي وارا وزير ميمبر هوندا. اهڙي طرح پنجاب مان اڳوڻو بيوروڪريٽ ناصر محمود کوسا، سنڌ مان معاشي ماهر ڊاڪٽر اسد سيد، خيبر پختونخواهه مان ڊاڪٽر مشرف رسول ۽ بلوچستان مان فرمان الله کي ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت ڪميشن لاءِ سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪندي، ڪميشن وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ بابت سفارشون ڏيندي، خرچن جو جائزو وٺندي ۽ قومي سطح جي منصوبن بابت تجويزون پيش ڪندي. آئين تحت هر پنجن سالن کانپوءِ اين ايف سي جي جوڙجڪ ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبائي وزير قانوني حيثيت سان شامل ٿيندا، جڏهن ته هر صوبو هڪ غير سرڪاري رڪن پڻ نامزد ڪندو آهي.

اين ايف سي ايوراڊ جي ذريعي وفاق جي ڪل آمدني مان طئي ٿيل فارمولي موجب صوبن کي حصو ڏنو ويندو آهي. ياد رهي ته ڏهين اين ايف سي ايوارڊ جو مدو 21 جولاءِ تي پورو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ستون اين ايف سي ايوارڊ لڳ ڀڳ 15 ورهين کان لاڳو آهي، جيتوڻيڪ ان جو مدو پنج سال هو، پر نئين فارمولي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب صدر هر سال ان ۾ واڌ ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اين ايف سي جو پهريون اجلاس 29 آگسٽ تي ٿيندو، جنهن ۾ مستقبل جي ڳالهين لاءِ ڪارروائي جو طريقو طئي ڪيو ويندو. مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي هن گڏيل تصنيف سان پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن صوبن تي دٻاءُ وڌندو ته جيئن ورڇ جي فارمولي ۾ آبادي کي گهٽ اهميت ڏني وڃي. جڏهن ته بلوچستان کي ان مان فائدو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهو ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر آبادي گهٽ آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ مرڪز ۾ اتحادي پارٽين سان، سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي قيادت لاءِ آبادي جي اهميت کي گهٽائڻ جي مخالفت ڪرڻ مشڪل هوندو. مزمل اسلم چيو ته هن وقت 82 سيڪڙو وسيلن کي آبادي جي بنياد تي ۽ 10.6 سيڪڙو پسماندگي جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو، پر هاڻي خيبر پختونخواهه حڪومت مطالبو ڪندي ته آبادي، خوشحالي ۽ ٻيلن کي نئين فارمولي ۾ شامل ڪيو وڃي. موجوده فارمولي تحت، صوبن کي ڪل وسيلن جو 57.5 سيڪڙو ملندو آهي. جڏهن ته باقي وفاق کي ڏنو ويندو آهي. هن وفاق تي تنقيد ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا ٺاهيندي رهي، پر خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن ڪري ننڍن صوبن ۾ محرومي جو احساس وڌيو آهي. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ 12 هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تعمير هيٺ آهن جيڪي 1000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندا، پر ويلنگ چارجز 27 رپيا في يونٽ تائين وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪو سستي بجلي جي ترسيل تي اثر انداز ٿيندو. هن اهو به چيو ته 1991 ۾ پاڻي جي معاهدي جي موجودگي جي باوجود، 30 سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ليفٽ بينڪ ڪينال تعمير نه ٿي سگهيو. 2009 ۾ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ، صوبن جو حصو 47 سيڪڙو کان وڌائي 57.5 سيڪڙو ڪيو ويو، جيڪو خاص گرانٽس کانپوءِ 59 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جڏهن ته وفاق جو حصو 42.5 هو. پهريون ڀيرو صوبائي حصي جي ورڇ لاءِ انساني آبادي 82 سيڪڙو سان گڏ غربت 10.3 سيڪڙو، صوبن مان آمدني 5 سيڪڙو ۽ زميني پکيڙ 2.7 سيڪڙو کي به شامل ڪيو ويو. ستين اين ايف سي ايوارڊ کي برقرار رکڻ 18 هين آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 160 جي شق سان گڏ (3-الف) به شامل ڪئي وئي، جنهن تحت اهو لازمي قرار ڏنو ويو ته ايندڙ ڪنهن به ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گذريل ورڇ کان گهٽ نه ٿيندو. هائبرڊ نظام واري وفاقي حڪومت جي وزيرن، دانشورن، صحافين ۽ ٻين ڌرين طرفان اها مهم پئي هلائي وڃي ته صوبا پنهنجا پئسا غلط پيا استعمال ڪن، انهيءَ جي ڪري سندن حصو گهٽايو وڃي. جيتوڻيڪ اهڙو ڪوبه قدم غير آئيني هوندو، پر انهيءَ مهم کي هٿي وٺائي پئي وڃي. مثال طرح اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي پوسٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي ته صوبن وٽ ايترا گهڻا پئسا آهن جو هو پي آئي اي خريد ڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ قسم جي پوسٽن کي خبر نه آهي ته ڪيئن هزارين لائيڪس ملن ٿا ۽ سوَن جي تعداد ۾ شيئر ٿين ٿيون. اهڙي پروپيگنڊا ۾ آئي ايم ايف جو نالو به استعمال ڪيو وڃي ٿو ته عالمي مالياتي ادارو به صوبن جو حصو گهٽائڻ لاءِ مطالبو پيو ڪري. ساڳي وقت صوبن تي دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ اها مهم به سوشل ميڊيا تي هلائي پئي وڃي ته صوبن جو انتظام ٺيڪ نه آهي، تنهن جي ڪري بهتر ٿيندو ته کين چيري چار چار ٽڪر ڪيو وڃي ۽ نوان 12 يا 18 صوبا ٺاهيا وڃن. اڻ سڌي طرح شايد پيغام اهو آهي ته پنهنجي حصي گهٽائڻ يا وفاقي خرچن ۾ پنهنجي حصي کي وڌائڻ جي ڳالهه مڃيو، نه ته اوهان کي ٽوڙڻ جا مطالبا عوام اڳ ۾ ئي ڪري پيو.