بلاگنئون

واڱڻائي دنيا

زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جي ڪتاب واڱڻائپ جو تنقيدي اڀياس

گهڻو وقت اڳ ڪهاڻيءَ تي راءِ ڏيندي عبدالقادر جوڻيجو چيو هو ته ”سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي  ويئي.“ هن راءِ تي سنڌ ۾ بحث ٿيندو رهيو ته آخر  سنڌي ڪهاڻي ان مرتبي تي ڇو ناهي رهي يا سنڌي ڪهاڻي ڇرڪائي نٿي ڇو؟ گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته سنڌي ڪهاڻي ترقي پسند دور جي پيداوار هئي. انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ سان ڪهاڻي جو خاتمو ٿي ويو. منهنجو خيال هو ته سنڌي ادب جي عمارت ترقي پسندي ۽ صوفي مت تي رکيل آهي ڪو به ٿنبو ڪڍڻ سان عمارت ڪري پوندي، پر زبيده ميتلو انهيءَ خيال کي غلط ثاب ڪيو. واڱڻائپ ڪهاڻين جو صرف مجموعو ناهي، پر دنيا جو احساسن جو، جماليات جو، ٻولي جو، تاريخ جو دستاويز آهي. گهڻو وقت اڳ ميلان ڪنڊيرا جو ناولUnbearable lightness of being  پڙهيو هو، جنهن ۾ هيرو  idiosyncrasy جو متوالو هوندو آهي. هن اصطلاح مطابق هر ماڻهو جي نجي حد بندي ۾ ماڻهو جو لڪل ڳجهه هوندو آهي، جنهن ۾ بدن جي اندامن کانسواءِ ڪي مخصوص آواز هوندا آهن. هي هيرو عورت باز انهيءَ ڪري هوندو آهي ته هن کي نجي حد بندي ڏسڻ کي ٻڌڻ جي لت لڳل هوندي آهي.   انهيءَ اصطلاح تي ناول گهمي ٿو. جاپان ۾ بونسائي نالي فن ادب ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. جنهن کي دنيا ۾ ڪافي پذيرائي ملي ايليجينڊرا زمبارا جو ناول بونسائي انهيءَ فني پورائي جو شاندار ناول آهي، ان کانپوءِ هي نئين فني دنيا متعارف ڪرائڻ واري زبيده ميتلو آهي. جنهن واڱڻائپ رنگ تي دنيا ۽ عالم فطرت جو مشاهدو ڪيو آهي. زبيده اڳ ۾ ڪهاڻين جو مجموعو يارم پيارم ڏئي چڪي آهي، اهو ڪتاب جيتوڻيڪ مواد جي خوبصورتي ۽ فڪري گهرائي ۾ گهٽ ڪونه هو، پر ڪهاڻيون طويل هئڻ ڪري تنقيد جون شڪار رهيون.

هنن ڪهاڻين ۾ زبيده ميتلو نه صرف نئين رنگ ڍنگ سان سامهون آئي آهي، پر ڪهاڻين جي احساساتي تاثر، فن ۽ ٻولي ڪهاڻين کي عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي. ڪهاڻيون پڙهندي ڪٿي مون کي مبالغه آرائي محسوس ٿي، پر گوگل تي ڳولها ڪرڻ کانپوءِ حيران ٿي ويس ته ليکڪا ڪوبه وڌاءُ نه، پر تحقيق ڪري حقيقتون سامهون آنديون آهن.

واڱڻائپ ڇا آهي؟ ظاهري طور ته صرف رنگ آهي، پر هن رنگ ۾ پوري ڪائنات لڪل آهي. هونئن ته هي رنگ فطرت ۾ موجود آهي، پر اتفاق سان وليم هينري پرڪن مصنوعي واڱڻائي رنگ ٺاهيو هو. ليکڪا پنهنجي پاران لفظن ۾ چوي ٿي ته يارم پيارم ڪتاب جي هينگ اوور مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مون ناول لکڻ چاهيو ٿي. ناول جي ٻاڙ ۾ مون کي ناول وائيٽ بڪ هٿ چڙهيو، جيڪو اصلي ڪورين ٻوليءَ ۾ هين ڪنگ لکيو هو، جنهن کي ڊيبورا سمٿ انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو. ليکڪا پنهنجي ڀيڻ جي مرتيي تي غم کي تخليق ڏانهن منتقل ڪيو آهي، پهريون ڀيرو ان  لکڻي جي انداز کي اڇاڻ ڏانهن منسوب ڪندي. دنيا ۾ اڇي رنگ جي هر شيءِ تي لکيو آهي. جيئن اڇا گل، اڇا چانور، اڇي برف، اڇو ڪفن. ليکڪا هن سڄي ڪتاب ۾ غم زده دنيا جا پاسا اڇي رنگ سان ڀيٽي فطرت جا مخلتف پاسا اٿلايا آهن. بلڪل اهڙي طرح زبيده ميتلو هن ناول کان متاثر ٿي واڱڻائپ ناول لکڻ چاهيو ٿي، پر ڪهاڻين جو مجموعو لکي ويٺي، ليکڪا پاڻ لکي ٿي ته واڱڻائپ منهنجي مٿي ۾ شدت سان لٿي جنهن کي وقتي سمجهي گهڻو نٽايم، پر واڱڻ جو هڳاءُ منهنجي حسيات ۾ لڪل هو. نيٺ سنجيدگي سان جرئت ڪري واڱڻ جي جهان ۾ گهڙيم.

آئون سمجهان ٿو ته ليکڪا هن جهان ۾ واڱڻائپ کي وري نئين انداز سان دريافت ڪيو آهي. جنهن طرح سان ليکڪا واڱڻائي رنگ کي عيان ڪندي وڃي ٿي ذهن تي وجداني تاثر پيدا ٿيندو وڃي ٿو، پڙهندي پڙهندي ماڻهو محو ٿي انهيءَ احساس جي دنيا ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿو.

واڱڻائپ ڇا آهي؟ واڱڻائي رنگ بادشاهي وقار ۽ اعليٰ طبقي جي علامت آهي

واڱڻائي رنگ آرام، دولت، سک ۽ سڪون جي علامت آهي

واڱڻائي رنگ روحانيت ۽ عقل جي علامت آهي

واڱڻائي رنگ تخليق ۽ تصور جي علامت آهي

واڱڻائي رنگ صوفي مت، پراسراريت ۽ موهه جو رنگ آهي

واڱڻائي رنگ رومانس، داستان ۽ لفظن جي جادوگري جو آهي.

هن ڪتاب ۾ واڱڻائي رنگ جا سوين پاسا ظاهر ٿيا آهن، جيڪي ڪنهن وڏي تحقيق ۽ معلومات سان ئي گڏ ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري ليکڪا هن ڪتاب کي نه صرف جذبن جي بنياد تي، پر تحقيق جي بنياد تي به لکيو آهي. ها اها ڳالهه به محسوس ٿيندي ته ڪجهه ڪهاڻيون مضمونن جي شڪل يا سفر نامي جي شڪل اختيار ڪري وڃن ٿيون. مثال: جنهن ۾ پرپل ٽاور،  چڱو خاصو لنڊن جو سير ڪرائي ٿو، ڪهاڻي دي لائف لائين ۽ ڪچنار ڪلي  مضمون جيان لکيل آهن. ڪجهه ڪهاڻين ۾ پنهنجو بيانيو شامل آهي، جن ۾ ڪرمچي، ڪلي، ڌرمچي، ڌمچر، دائمي، رين وغيره شامل آهن. گهڻين ڪهاڻين جو فن مونولاگ آهي، ڪجهه ڪچاين جي باوجود هن ڪتاب جي اهميت تمام گهڻي مٿانهين آهي، هن دور ۾ جتي ڪهاڻي هڪ ئي دائري ۾ گهمي پئي. ناول جنس يا فيشني واقعن ۾ گهمن ٿا، اتي هنن ڪهاڻين اسان کي عالمي سفر ڪرڻ تي، عالمي مشاهدي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.  ڪتاب واڱڻائپ عام پڙهندڙ کي متاثر نه ڪندو نه وري جهٽ پٽ ٽهي ڪو هز پرائي سگهندي، هن ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ هن ڪتاب جي ڪيفيت ۾ وڃڻو پوندو ان ڪلچر کي پنهنجي يادن مان ڪڍي حال ۾ آڻڻو پوندو. هي ڪتاب ڌيري ڌيري پڙهندڙ کي محو ڪري پنهنجي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو.

هي ڪتاب رواني سان پڙهي نٿو سگهجي، ڇو ته هن ڪتاب جي ٻولي توهان کي محو ڪري وجداني جماليات جي احساس ڏانهن وٺي ويندي توهان کي سنڌي لفظن جا ڀنڊار سمنڊ جي لهرن وانگي ايندي نظر ايندا. لڳي ٿو ته ليکڪا نج سنڌي ماحول ۾ رهي ڪري نه صرف سنڌ جي روايتن جو مشاهدو ماڻيو آهي، بلڪه سنڌي ٻوليءَ کي ساهه سان سانڍي رکيو آهي.

رنگن جي نفسيات ۽ انهن جو روايتن ۾ تمثيلي انداز هميشه کان رهيو آهي، دنيا ۾ اڄ به ڳاڙهو رنگ جوش، جذبي، زندگي، جنس، پيار جو رنگ رهيو آهي، سنڌ ۾ ڳاڙهي رنگ جي اهميت صدين کان روايت ۾ موجود آهي،  ڳاڙهي ڪنوار، ڳاڙهو گهوٽ، سيڄ ڳاڙهي، ڪنوار جو لباس ڳاڙهو، رت جو رنگ ڳاڙهو، انقلاب جو رنگ ڳاڙهو وغيره ڳاڙهو رنگ جوش، جذبي جو رنگ آهي. ڳاڙهي رنگ جا نالا به سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا آهن. مثال طور: کنڀو، سرخ، ڪڪوريل، رتو، ڏاڙهون رنگ، بنبو، لال، ريٽو. شاهه لطيف ته ڳاڙهي رنگ کي وڏي اهميت ڏني آهي.

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾

يا

هيئنڙو ڏاڙهون گل جيان، رتڙو نيڻين نيڻين.

شاهه لطيف ته پنهنجي محبوب کي ڳاڙهو چوي ٿو.

آ لالڻ موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا

وري پاڻ کي به لال چوي ٿو

لڙڪ لال لطيف چئي، ڪنبي ۽ ڪيري

اهڙي طرح سائي رنگ، نيلي رنگ، ڪاري رنگ، اڇي رنگ، جو شاهه لطيف وٽ ذڪر ۽ تمثيل ملي ٿو. وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا، (هتي نيلو رنگ زهر جي علامت آهي يا نستو ٿيڻ) نيرو رنگ ٿڌو ۽ سڪون جي به علامت آهي.

يا وري هي بيت ڏسو.

نير منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو، (هتي اڇي رنگ مان مراد صاف، اجرو،)

اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوڙيو ڪنگن

وري سائي رنگ جو استعمال ڏسو.

جهڙا پانن پن تهڙيون شالون مٿن سايون

يا

ڪي سي اڱڻ آيا، ته سر ڪندا سڃ

سائي ٿيندن اڃ، هي پيتو هو آڻ ڪي

ڪارو رنگ لطيف وٽ ڏک، درد ۽ ماتم جو رنگ آهي، ٻئي طرف ڪارو رنگ نيت خراب ۽ منافقي جو به رنگ آهي.

ڪاري رات ڪُنن ۾ ڪهڙو اٿئي ڪم!.

يا

منهن ته آهيريائي اجرو، قلب ۾ ڪارو،

اهڙيءَ طرح شاهه لطيف دنيا ۾ رنگن جون علامتون ۽ رنگن جو استعمال ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪيو آهي.

* مهاين وهون، نير مهانگو ڪنديون،

* ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي

* لکي لامون کوڙيون، نيڻن وهي نير

پر نير رنگ جي سنڌ ۾ معاشي طور وڏي اهميت رهي آهي، اسان ننڍي هوندي کان “نيرولي جو ڪُن” ٻڌندا اچون. نير رنگ، گلي جو رنگ اڄ به اسان جي گهرن ۾ سفيد ڪپڙن کي ڏيئي اجاريو ويندو آهي.

نير رنگ واڌو ڪري جڳ ڄٻ

عشق وارو وڌ وڌي منجهس لوس لٻ (خليفو گل)

نير رنگ جو سنڌ ۾ لاڙ ۽ سرولي ۾ هڪ ٻوٽو ٿيندو هو، بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جو شاهه” ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ته نيرو رنگ واپاري ڏيساور کڻي ويندا هئا. سنڌ ۾ اها خاص ٻوٽي جي پوک ٿيندي هئي. نيرو رنگ سردي ۾ استعمال گهڻو ٿيندو هو. سنڌ ۾ اجرڪ جا جيڪي رنگ آهن انهن ۾ ڪڪو، نيرو، واڱڻائي، ڪارو شامل آهن. اجرڪ چادر به آهي، ٻني ٻاري ۾ مٽي، هوا، سردي، غمي خوشي ٻنهي ۾ استعمال ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ رنگن جي دنيا نرالي آهي.

هن ڪتاب ۾ واڱڻائي رنگ جي جن به شين جو ذڪر ڪيو آهي اهي حقيقت  ۾ موجود آهن.

واڱڻائي رنگ ڪيئن نروار ٿيو آهي!

دنيا ۾ واڱڻ جو رنگ واڱڻائي

گوتم جو گل

پرپل پروز

ٻرٻٽي

مور مڇي جا پر

پرپل ٽاور،

پرپل پهر

برڊاڪ ٻوٽي

ڪوهنور هيرو

يا وري ڪپڙن ۽ وقت جي ڪنهن پهر کي واڱڻائپ سان ڀيٽيو ويو آهي.

هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي واڱڻ واهيرو جو انداز بيان ايترو ڌيمو ۽ پراثر آهي جو پڙهندي پڙهندي پڦيءَ جو ڪردار جيئرو جاڳندو ٿي سامهون اچي بيهي ٿو. ڪهاڻيءَ جي منظرڪشي سنڌ جي هڪ دور جي تاريخ بندي آهي،    جڏهن ڳوٺن ۾ چلهه تي سانجهاڻ ٿيندي هئي. ان جي ڪِيري ۾ ڪجهه شيون پچائبيون هيون اتان کان پڦيءَ جو ڪردار اڀري ٿو. جيڪو ڏاڍو پر اسرار ٿيندو وڃي ٿو. ڪهاڻيڪاره انهيءَ ڪردار کي آزاد ڇڏيو آهي جيڪي پنهنجي رمز سان ظهور ۾ ايندو ويندو آهي، هڪ پڦي جنهن شادي نه ڪئي. دم ڪشي جو مرض هئس، پنهنجي کاڌ خوراڪ جو پاڻ خيال ڪندي آهي، ڪِيري ۾ واڱڻ پچائي کائي ٿي. ڪن ۾ گهڻيون واليون اٿس، سندس ڪٽنب ۾ ڪانگ شامل آهن جيڪي مڙي اچي وٽس ويهن ٿا. پنهنجي منهن گانو جهونگاريندي رهندي آهي “مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو.”

هن ڪردار ۾ ڪيڏي اڪيلائپ آهي، پر ان اڪيلائپ ۾ پڦي پنهنجي دنيا  ٺاهي ورتي آهي. ڪن مان واليون آهستي هڪ هڪ ڪري لاهيندي وڃي ٿي.

“پڦي جي جيوت تمام سادي سلوڻي، پر سخن سان ڀريل هئي. بنيادي ضرورتن بنا زندگيءَ ۾ ڪو خاص بکيڙو نه هئس. وندر لاءِ ڪانگل ۽ کائڻ لاءِ واڱڻ! اها هئي، پڦي جي ڪل ڪائنات. هڪ تي وس هئس ٻئي تي وس نه هلندي به سندس جيون جا ٻئي پاسا نهايت نماڻا هئا.”

هن ڪرادر کي اڀارڻ ۾ دلچسپ بنائڻ ۾ ڪهاڻيڪاره ڪمال جي منظرڪشي آهي. ايتري قدر جو ڪهاڻي جيئن اڳتي سري ٿي، ماڻهو ڪردار سان گڏ هلي ٿو. ڪهاڻي جي آخري ائنٽي ڪلائميڪس تائين ماڻهو ڪهاڻي سان گڏ هلي ٿو. آخري لفظ پڙهي پڙهندڙ انهيءَ سحر ۾ رهي ٿو. پڦي جي وفات کانپوءِ ڪانگ گڏ ٿين ٿا، پريان ڪو ريڊيو تي گانو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو.”

تخليقڪار جي ڪهاڻيءَ ۾ اهم ڳالهه ڪهاڻي جي پڄاڻي هوندي آهي، جيڪا ڪيترو تاثر ڇڏي ٿي. پڙهندڙ ٿوري دير ڪتاب بند ڪري انهيءَ سحر جو هز پرائي ٿو يا نه؟

هيءَ ڪهاڻي ايڪس جنريشن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا فاسٽ فوڊ کائيندي ڀڄ ڀڄان واري زندگي کي سمجهه ۾ نه ايندي. ڇو ته هر پيڙهي جو پنهنجو رومانس آهي، ايڪس پيڙهي جي زندگي واڱڻائي (پرپل) رنگ وانگر آهي جنهن ۾ لفظن جو جادو، پيار جو رومانٽڪ تصور، داستاني تفريح، نانين جون آکاڻيون، هن دور جا پنهنجا رنگ آهن جن ۾ موسمون آهن، تارا ڪتيون، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ آهن، جت نديون واهه واهڻ وستين جي پنهنجي موسيقي آهي، جتي اڪيلائي جو رومانس ڪنهن جي تصور سان رنگين آهي، انهيءَ يوٽوپين تصورتا زندگي جو رومانس ڪير سمجهي؟

اها ڳالهه پرپل پروز ڪهاڻي کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾  ليکڪا رومانوي انداز سان لفطن جي جادوگري سان نثر لکي ٿي. جنهن کي پبلشر رد ڪري ٿو. اهو چئي ته اجايو وڌاءُ ڪيل آهي، ڪهاڻي مان ٽڪرو ڏسو، توهان کي پرپل پروز ۽ پلين پروز ۾ فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.

“منهنجي ملوڪڙي، من موهڻي، ناز ڪري، ماڻا ڪري موهي، ڇوهه منهنجان ڇاتون هڻي، ٺلهو ٿي ڏيل ڏيکاري، ڏيهه ڏهڪائي، ڏنگ هڻي ٿي، ويجهو ٿيڻ تي ڄنڊا پٽي ٿي.”

پبلشر چوي ٿو. “هيئن لکي سگهجي ٿي ته سهڻي ڇوڪري نخرو ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿي.”

بلڪل شين جو رومانس تمثيليون، تشبيهون، استعارا، لفظن جي پاراهه ذري،  زندگيءَ کي رومانس سان جوڙي ٿي، پر پبلشر انهيءَ ڳالهه جي خلاف آهي،   ادب جو يوٽوپيا اهو آهي ته هن ۾ ڪائنات جي هر شيءَ کي جمالياتي انداز سان ڏٺو وڃي ٿو جيڪا شين کي معزز بنائي ٿي. چنڊ کي خوبصورتي جي علامت بنائڻ ليکڪا جو تصور آهي، نه ته چنڊ مٽي ۽ پٿر جي زمين آهي، پر پوءِ به پرين کي چنڊ سان ڀيٽڻ جو مقصد ڪائنات جي جمال سان خيالن کي جوڙڻ آهي، شين جو حقيقي پاسو بدصورت به ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ائين رکائپ سان هر شيءِ کي ڏسجي ته سڄي ڪائنات ائبسرڊ ۽ بور ٿي پوندي. اها انسان جي خاصيت آهي ته انسان شين کي تخيلي انداز سان جمالياتي بڻائي خوشگوار تاثر جوڙي ٿو.

ڪهاڻيڪار انهيءَ بحث کي اڳتي کڻي اڄ جي جديديت پڄاڻان جي دور  سمارٽ سسٽم چوي ٿي. جنهن ۾ هر ڪم سولو ۽ تڪڙو ٿي پيو آهي. بلڪل اهڙي صورتحال جتي ڪٿي موجود آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ بجاءِ شوڪيسن ۾ سجائي رکجن ٿا، ڪنهن به خوشي کي ملهائڻ جي بجاءِ فوٽو سيشن جي نظر ڪيو وڃي ٿو. هاڻي شيون صرف ڏيکاءُ لاءِ آهن. گلئمر لاءِ آهن، ليکڪا انهيءَ عمل کي پاپولر پروز چوي ٿي، جيڪو سڌي ڳالهه ڪري ٿو، ان ۾ ادبي چاشني ناهي، پاپولر ازم هن دنيا جو جوهر بڻجي ويو آهي. سڄي سماج کي سيلفي جي بيماري لڳل آهي، هاڻي اهو دور ويو جڏهن شادي لاءِ ڪنوار، ست ڏينهن منهن لڪائي ونواهه ۾ ويهندي هئي. پهرين منهن گهوٽ ڏسندو هو، هاڻي ڪنوار فوٽو لاءِ سجائي ٿي وڃي، وڊيو لاءِ سجائي ٿي وڃي. شادي نٿي ٿئي فلم ڀرجي ٿي. ڇو ته صرف ڏيکاءُ ڪرڻو آهي. انهيءَ سڄي عمل ۾ صرف خوشي نه، پر ڏک جو به اهو حال آهي ماءُ جي مرڻ تي آيل تعزيت لاءِ ايم پي اي يا وزير جا فوٽو فيس بڪ جي زينت بڻجن ٿا. بليڪ هيومر سڄي سماج کي بيماري وانگر وڪوڙي ڇڏيو آهي.

ليکڪا اڳتي چوي ٿي ته “شاهه کي ڪير ٿو پڙهي يا تصوف جي ڳالهين کي ڪير ٿو ليکي؟ رڳو مال لٽائڻ جو جهان آهي. جنهن لاءِ ثقافت کاتو ئي کوڙ آهي.” ادب جي ادبي ماحول جي مفلسي جو اهو حال آهي، پوسٽ هيومن دور  ۾ پلين پروز کانپوءِ فليش فڪشن تي اچي پهتو آهي. ادبي دور ڄڻ موڪلائي ويو آهي. خاص طور سان سنڌي ادبي سنگت جي حال حقيقت ڏسي ڪراهت اچي ٿي جو سياست وانگر هن ادبي تنظيم کي ڌنڌوڙي وڪوڙِي ويا آهن، جن کي فوٽو ڪڍرائي پاڻ کي چمڪائڻو آهي.

هن ڪهاڻي ۾ ليکڪا پرپل پروز جي حق ۾ دليل ڏيئي پنهنجي ناسٽلجيا جي مثبت پاسي کي اڀاريو آهي، جيڪو ماضي جو باب بڻجندو وڃي. ڪهاڻي وصيحت ۾ نيرولي جو ذڪر آهي، جيڪو سنڌ جي روايتن مطابق برقعا رڱي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ اها ڳالهه ڪيل آهي ته نير جو وکر کڻي سنڌي ڏيساور سان واپار ڪندا هئا.

“اگهاڙين پيرين نهايت ئي رڌل نيروٽي پنهنجي نيلن پيلن هٿن ۽ پيرن ڏانهن  اشارو ڪندي فخر سان گراهڪن کي ٻڌائيندو هو ته سندس وڏا سوين سال اڳ نير جو واپار ڪندي ڪي سياح بڻيا ته ڪن وڃي سنياس ورتو.” ڪهاڻي جي آخر ۾ افغاني طالبان جڏهن برقعا نيرو رنگ جا برقعا رڱائين ٿا ته نيرولي  پنهنجي وصيحت ڇڏي ڌنڌو بند ڪرڻ جو چوي ٿو ته هي برقعو باهه ۾ وجهندس. اصل ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ بنياد پرستي ۽ اسلام جي غلط تشريح ڪرڻ جي خلاف سوچ اڀاريل آهي.

ڪو وقت هو جو برقعو ڪلچر هو، پر هاڻي برقعو بنياد پرستي آهي، هن دور  جي بدلجندڙ سرشتي جي مطابق عورت جيڪڏهن برقعي ۾ بند رهي ته اها قوم اڳتي نه وڌندي.

ڪهاڻي “چڪ” جديد فيمينزم جي خوبصورت انداز سان لکيل آهي. عام طور تي فيمينزم عورتن جو مرد خلاف ڳالهائڻ کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن ڪري فيمينزم کي ڪير سمجهي نه سگهيو آهي. فيمينزم جو اهو عمل غلط رد عمل کي جنم ڏئي ٿو، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ فيمينزم مثبت طرح سان پيش ڪيل آهي، هن ڪهاڻي جو ورتاءُ ۽ پڄاڻي ڏاڍي خوبصورت آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ ڇوڪري جيڪي اڃان پڙهي رهي هئي جنهن جو آواز ڪوئل جهڙو آهي، جنهن وٽ سپنا آهن ته هوءَ موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندي، جيڪا مائي الهوسائي جو گانو “پيار درياءَ آ، دريا به لٽجي ٿو وڃي،” راڳ ۽ ويراڳ جي وچ ۾ هي ناري پنهنجي وجود کي ٽياس تي ٽنگيل محسوس ڪري ٿي، جڏهن ان جي شادي پنهنجي مرضيءَ جي خلاف اهڙي مرد سان ڪرائي وڃي ٿي جيڪو مريضاڻي حد تائين جنسي وحشت جو شڪار آهي، جيڪو عورت کي صرف حوس پوري ڪرڻ جو اوزار سمجهي ٿو. هن وٽ ڪوبه رومانس ناهي، ڪوبه پيار ناهي، اهڙي مرد وٽ ڇوڪري تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿي. سندس سهيليون اهڙي صورتحال ڏسي دهلجي وڃن ٿيون. پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪن ٿيون ته جِينل کي نجات ڏيارينديون ۽ پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهنديون.

هن ڪهاڻيءَ ۾ مائي الهوسائي جي هيءَ ڌن ٻڌي مون کي سڄو دور ياد اچي ويو. منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو اڀري آيو، “تنهنجو هلڻ گهمڻ، ڦرڻ مون کي ماريو، ڇا کان سهڻا تو وساريو” وري “نوري ناري دنيا ۾ ساڍي لڄپال آهي” پوءِ ته مائي وسائي منهنجي ڳوٺ جي هئي. وري ماتلي ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي محفل ۾ اڪثر ڳائڻ ايندي هئي. مائي الهوسائي جو دور هو، ڪيڏو ڪلاسڪ دور هو، هن ڪهاڻي جو ورتاءَ آخر ۾ فيمينزم جو قائل ڪري ڇڏي ٿو، پر اهو فيمينزم جيڪو عورت کي اهڙن وحشي بگهڙن کان بچائي. عورت کي فيوڊل، جاهل، خردماغ وحشي کان بچائي. مرد اهو جيڪو رومانس جو گٽار وڄائي سگهي. جنهن کي تارون ڇيڙڻ اچن، جيڪو مڌر آلاپ ڪڍي سگهي.

ڪهاڻي “ٻرٻٽي” پڙهڻ کان اڳ ان جي عنوان مون کي ڊڪشنري ڏسڻ تي مجبور ڪيو مون کي سچ پچ ٻرٻٽي سمجهه ۾ نه آيو، پر جڏهن خبر پئي ته ٻرٻٽي معنيٰ هنڊوا يا مينهن وساڙا ته هن ڪهاڻيءَ کي شوق سان جلدي پڙهڻ لڳس. شاهه لطيف جو بيت مون کي ذهن ۾ ته “پسي لب پرين جا هنڊوا ٿيا حيران” يا وري “هنڊوا حيرت ۾ پيا پسي لالائي کي لبن” ڪنهن رسالي ۾ اهو لفظ لکيل هو، هنڊوا حيرت ۾ پيا، جنهن تان اسان سڄو ڏينهن کليا هئاسين. پرپل هنڊوا جو نالي ٻڌي مونکي اي آءِ ۽ گوگل ڏسڻي پئي جنهن تصديق ڪئي ته برابر آمريڪا جي شهر هوائي ۾ ليڊي بگ پرپل رنگ جي ٿئي ٿي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪمال جو سبق ڏنل آهي ته زندگي جا ٻه پاسا ڪهڙي ريت نڀائڻا آهن، هڪطرف ڇيڻن جي ڌپ ۽ ڪرڀ آهي، بدبوءِ آهي، ٻئي طرف گل آهن خوشبو آهي، پوپٽ آهن، ٻنهي کي ڌپ ۾ به رهڻو پوي ٿو ته گلن جو واس به وٺن ٿا. اهڙي صورتحال کي ڪهاڻيءَ جو ڪردار سمجهي پنهنجي ماءُ جو هر حال ۾ ساٿ ڏئي ٿي. اڄ جي دور جي نوجوانن کي ڪاش اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته رڳو سک ناهن، رڳو آرام ۽ عيش ناهن زندگي ٽانڊن تي هلڻ جو نالو آهي، زندگي آزمائش جا ڪيئي مرحلا کڻي اچي ٿي.

ليکڪا هن ڪهاڻيءَ کي ڏاڍو خوبصورتي سان نڀايو آهي.

ڪهاڻي “هُڪ” پڙهي مونکي زبيده جي فني ڪمال جو وجدان ٿيو. اهڙي ڪهاڻي لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، جتي عورت جي داخلي دائرن ۾ پيدا ٿيندڙ سوچ ۽ خيالن کي جمالياتي انداز سان فني پيرائي ۾ پيش ڪيو  وڃي.

ليکڪا جمالياتي عروج تي اهڙن خيالن کي ڇهي ٿي جو پڙهندڙ وجداني تاثر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هي ٻوليءَ جي مهارت آهي جو جنس جهڙي موضوع کي عورت جي داخلي احساسن کي ايڏو خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي.

اهو فن تمام گهٽ ماڻهن وٽ مون ڏٺو آهي. شاهه لطيف جو هي بيت ڏسو.

اديون سڀ اندام، چڙهن منهنجا چوريا

لارن جا لنئون لائي، سا ڪيئن آڇيان عام

لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوس منجي.

شيخ اياز جو وري هي بيت ڏسو

انگي جي ڄار ۾، ٻه تتر ٿا تڙپن

ترني پنهنجي تن تان، هرکي هٿ گهمايا

                                    *

آتيون آتيون ڇاتيون تنهنجون، نيڻ به تنهنجا نينڊ

دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيار پلين ٿي ڇو.

اهو سمجهيو ويو آهي ته جنس تي ڳالهائڻ مردن جي ميراث آهي، سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ عورتن اها جرئت ڪئي آهي، پر هن جرئت کي سلام آهي،   هن ڪهاڻيءَ ۾ جديديت پڄاڻان سماج جو عڪس موجود آهي، جنهن ۾  عورت لاءِ جنس ڪو معيوب يا شرم حضوري وارو مسئلو ناهي، بلڪه هوءَ جنس ۾ مرد سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ٿي چاهي.

هن ڪهاڻي ۾ جدت آهي، ته ناري فيوڊل قدرن مان نڪري شهري سماج ۾ پنهنجي ڀاڱي جو جيئڻ چاهي ٿي. برابري واري سماج ڏانهن وڌندڙ هڪ وک آهي، جيڪا هن ڪهاڻيءَ ۾ ملي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ناري پنهنجو عروسي لباس خريد ڪري ٿي جنهن ۾ پنهنجي پسند سان پرپل انگي خريد ڪري ٿي.

“ڀلا شرع ۾ ڪهڙو شرم، آخر حق حلال جو سنگم پئي جڙيو. ڪيئن لڳنديون عروسي جوڙي اندر ڄاري جي انگيءَ ۾ جڪڙيل منهنجون جوان ڇاتيون”

ناريءَ شاديءَ جو سوچي پنهنجي عروسي جوڙي  ۾ ڄامڻي رنگ جي انگي پهري ميلاپ جا خواب ڏسي ٿي. اهي محسوس ٿيندڙ احساس ڪهاڻي جي موضوع سان ايترو ٺهڪن ٿا جو ڪٿي به وڌاءَ نٿو لڳي، نه وري اهو احساس اڀري ٿو ته ڪهاڻيڪاره ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ مداخلت ڪري ٿي، بلڪه ڪهاڻي جو ورتاءُ اهڙو خوبصورت آهي جو ڪردار پنهنجي اينٽي ڪلاميڪس تي پهچندي  شادي جي رات پنهنجي خوابن کي چڪناچور ٿيندي ڏسي ٿي. هن ڪهاڻيءَ جو موڊ  اهڙو رومانٽڪ آهي جو مون کي موهن ڪلپنا جون ڪهاڻيون ياد اچي ويون. جنهن جي ڪهاڻين جا ڪردار اڪثر پنهنجي آدرش جي کوج ۾ ڀٽنڪندا رهن ٿا. سندس هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ناري جي من ۾ رومانس آهي ته هوءَ خواب ڏسي ٿي ته سندس مڙس ڊگهي قد جو آهي جنهن کي پٻن تي بيهي ڪن ۾ ڳالهه ٿي ٻڌائي، پر سندس شادي ننڍي قد جي مڙس سان ٿي وڃي ٿي. هي الميو اسان جي سماج جي هر انهيءَ ناري جو آهي جيڪا پنهنجو آدرش پائي نه سگهي آهي يا وري شادي سندس مرضيءَ جي خلاف ٿي آهي يعني شرطيه شادي ٿي آهي. اهو به الميو آهي ته پڙهيل لکيل عورتن کي اڪثر تعليم ۽ نوڪري جي اجازت گهر وارا ڪنهن شرط تي ڏين ٿا. پوءِ زندگي هڪ ٽريجڊي جو شڪار ٿي وڃي ٿي.

ڪهاڻي ڪشميري ڪهت هڪ اهڙي ماڻهو جو الميو آهي جيڪي اڄ جي  جديد ميڊيڪل سهولت جي باوجود ديسي ٽوٽڪن ۽ ٻڌايل ڳالهين جو شڪار ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو پنهنجي خامي ليکيندا ئي ڪونهن، سوچيندا ئي ناهن ته انهن ۾ ڪهڙي ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي، هلندا ٻي شادي ڪرڻ. ڪشمير ۾ زعفران جي پوک ٿئي ٿي. جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته ايتري قيمتي آهي جو هڪ ڪلو سڄي سال گهر جي خرچ لاءِ ڪافي آهي. پاشا بانپوري  جيڪو انهيءَ ڪيسر جو وزن وٺي ٿو ڪيسر تمام گرم ٿيندي آهي، پاشا ٻن شادين ڪرڻ کان پوءِ به اولاد وارو ٿي نه سگهندو آهي. آخر ۾ ڪيسر جو وزن وڌائيندو آهي جنهن سان سندس موت ٿي ويندو آهي، مرڻ کانپوءِ کيس پٽ ڄمندو آهي. زعفران پنهنجو ڪم ڪندي کيس موت جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي.

ڪتاب جي ٻولي:

سراج جي ناول “پڙاڏو سو ئي سڏ” جي ٻوليءَ جي سحر کان پوءِ گهڻي وقت کانپوءِ زبيده ميتلو جي ڪهاڻين کي پڙهي سنڌي ٻولي جي نج پڻي ۽ ميٺاس کي روح ۾ اوتڻ جو موقعو مليو آهي، هن ڪهاڻين جو روح جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اسان جي گهڻن اديبن، اسڪالرن کي اهڙي ٻولي نٿي اچي. سنڌ کان پري رهندڙ ليکڪا سنڌ کي پنهنجي روح ۾ وسائي ڇڏيو آهي.

هن ڪتاب جي خاصيت سندس احساساتي تاثر سان گڏ نج ٻوليءَ جو ذخيرو آهي.

ڪجهه لفظ جيڪي ليکڪا انگريزي لفظن کان بچندي نج استعمال ڪيا آهن

* گهومڙو، پانڌيڙو، وٿيرڪو، ڪرمچي، ٻيلاٽا، ٻرٻٽي، اوڪڙو، ناکوٽا، ٻرندو  وغيره.

ڪهاڻين ۾ اترادي لهجي جو اثر به موجود آهي.

مثال، جيتر، تيتر، لاڪون، گيدي وغيره

هيٺ ڪجهه مڪالما ڏجن ٿا، ڪهاڻين جي مڪالمن کي ڏسي اندازو لڳائي  سگهجي ٿو ته ليکڪا وٽ نج لفظن سان گڏ ڪيڏو سهڻو ڊڪشن موجود آهي.

“جيڪو ڪاٺ جي مانڊڙي نما شيشي جي دريءَ پويان افريڪي نور وانگي سينو تاڻي، ڪانڀ ڪڍيو، ڪن ڪيٽا ڪيو ويٺل هو. ڪمپائونڊر ڏانهن سري پڇيائينس ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺڻو آهي” (سپلاءِ)

* “اهو ڪير آهي جيڪو منهنجي وطن جو قبلو هوريان هوريان پيو ڊاهي؟” (دي لائيف لائن).

* کڻي چئجي ته هنن نيگرين طاقتن جو منهن، ڇيڻن سان پئي ٿَڦيو.

* لوهيڙا، ٿر جا روهيڙا، مکي جون ٿالهيون، ڪنڊيءُ ۽ ڪرڙ جا وڻ ٿي ياد آيا، جيڪي مالوندن لاءِ ننگ به هئا ته نگهبان به هئا.

* مزدورن جي هڏڙن جو پورهيو تهذيبن جي سيني تي سدا حيات رهي ٿو.

* ندي مٿان هلندي منهنجو سَنڌ سَنڌ پئي ڏکيو ته سنڌ لاءِ ساهه پئي سڏڪيو.

* جتي چنڪارا چرندا هئا سي ٻيلاٽا پٽ ڪندي سارو کيرٿر کائي ويا ۽ اروڙ کي ڪوري ڳڙڪائي ڇڏيائون.

سڀيتا پکين، جيتن، وڻن ۽ واهن کانسواءِ نامڪمل آهي، (پرپل ٽاور)

* جيئڻ جو ساگر کي ويجهو ٿيو ته ڇڇوريون ڇڙواڳ ڇوليون، پاڻ ڇنڊي ڇاڇولي سندس پيرن پنين کي ونگي وڪوڙي ويون. (وٿي جي واڱڻائپ)

* پرنس کي ساري ڄمار واڳڻائپ وندرائيندي رهي هئي، هو اڪثر اسٽيج تي واڱڻائي شعائن جي ڇاٽن منجهان ڪرڻا جهٽي ڪرنٽ ڪڍندو هو، واڱڻائي ڪوٽ، واڱڻائي فانوس، واڱڻائي موٽرسائيڪل، واڱڻائي گٽار، ياماها جو پرپل پيانو.

* هونئن ته هتي رڳو جاهلن جو هجوم آهي، جيڪي ٻولي ٻولي ۽ پاڻي پاڻي  پويان اٺ جيان پيا مست چرن، سرڪار سڳوري اسڪولن مان ٻولي ته ڇا اسڪول ئي سڃا ڪيا.

* پيار ۾ ڀلا ڪير ڏکائيندو؟ منهنجو ڄڻ ته چور سان پرڻو ٿيو هو. (چڪ)

* منهنجي انگيءَ جي ڄاريءَ جي سوراخن ۾ منهنجي مرمري بدن جي تازاڻ، بيهڪ ۽ ڀراءَ کي ڏسندي، جي اگر کيرو نه ٿيو، پر کن لاءِ سڍول بدن کي ڇهندي، کيس اوچو انوکو احساس اوس اڀرندس، ڪجهه پل لازمي رڪجندو ۽ سوچيندو، ڪٿان کان ماڻيان، هي ڪنوارو ڪچو ڪونئرو سڍول بدن! (هُڪ)

* هاڻي ڪتاب پڙهڻ بجاءِ ڪتاب سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جو ڪم وڃي رهيو آهي. (پرپل پروز)

* ماڻهو آهي ئي مونجهاري جو ماڳ. (پرپل پروز)

ليکڪا پاڻ پنهنجي لکڻين لاءِ چوي ٿي: منهنجون لکڻيون واڱڻائپ جي وهڪرن ۾ وهندي اثر جهٽيندي حيات جون ڪي رمزون عيان ڪن ٿيون

زبيده ميتلو جي پنهنجي ڪتاب لاءِ جيڪا راءِ آهي سا سئو فيصد درست آهي.

***