بلاگنئون

ننڍي عمر جي شادين جي قانون تي جوڳو عمل نه ٿيڻ جا سبب ۽ انھن جو حل

ڏسجي ته ننڍي عمر جي شادي صرف پاڪستان نه پر گهڻن ملڪن جو مسئلو آهي. تنهنڪري ان نقصان کان بچڻ لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو پوندو ته ٻار مڪمل تعليم حاصل ڪن ۽ ان کانپوءِ انهن جي شادي ٿئي.

سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي تي ضابطي وارا اصول (2016):

سنڌ حڪومت، پاڪستان پاران ٻارن جي شادي کي روڪڻ ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ کان اهي ضابطا سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي تي عمل (2013) تحت لاڳو ڪيا ويا، جنهن تحت 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڪنهن به شخص جي شادي ڪرڻ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ ننڍي عمر وارن ٻارن جي شادي 2016 ۾ ڏنل اصولن مطابق ڪرڻ گھرجي جيڪي قانون جي مطابق ٻڌايا ويا آھن.

1: عمر جي حد: شادي ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي عمر گھٽ ۾ گھٽ ارڙھن سال ھجي ۽ ان جو شناختي ڪارڊ پڻ ٺھيل ھجي.

2: قانوني ڪارروائي: جيڪڏهن ارڙھن سال کان گھٽ عمر ۾ شادي ڪئي وئي ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مائيٽن تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جنھن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ ھڪ لک رپيا جرمانو ڀرڻو پوندو.

3: گھٽ عمر جي شادي جا نقصان: گھٽ عمر جي شادي جا ڪيترائي نقصان آھن جنھن ۾ ڇوڪرو يا ڇوڪري ان ماحول کان اڻواقف ھوندا آھن ۽ انھن کي صحيح غلط جي ڄاڻ نه ھوندي آھي ۽ ان عمر ۾ شادي ڪرائي ٻارن تي اهي ذميداريون مسلط ڪيون وينديون آھن، جن کان اهي نا واقف هوندا آهن. اھي ٻار انھن ذميدارين کي صحيح نموني سان نڀائي ڪونه سگھندا آھن ۽ پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويھندا آھن.

4: تعليم ۽ شعور جو لازم ھجڻ: چائلڊ مئريج ريسٽرنٽ رولز 2016 جي مطابق جيڪي اصول ڏنا ويا آهن ان ۾ تعليم کي ضروري قرار ڏنو ويو آهي. ڇو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ضروري آھي جڏھن انھن کي تعليم ھوندي ته ھو پنھنجي عقل، سوچ سمجھ، کان واقف ھوندا ۽ صحيح غلط جو فيصلو پاڻ ڪري سگھندا.

5: صحت: ننڍي عمر جي شادي ۾ صحت تي به وڏو اثر پوندو آھي. ڇو ته جڏھن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي بغير رضامندي جي شادي ڪرائي ويندي آھي ته اھي ذھني ۽ جسماني طور نفسياتي مريض ٿي ويندا آھن ۽ انھن پريشانين جي ڪري بلڊپريشر، شگر، ٽراما ۽ ٻيون ڪافي بيماريون ٿينديون آھن ۽ ننڍپڻ ۾ ئي جلدي جلدي اولاد ٿي ويندو آھي ته پوءِ اھي پنھنجي اولاد جي تربيت به صحيح نموني سان ڪونه ڪري سگھندا آھن.

6: ننڍي عمر ۾ گھر گھاٽ جون ذميداريون: ارڙھن سالن جي عمر کان گھٽ عمر وارين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو صرف راند روند ۾ ڌيان ھوندو آھي ۽ جڏھن ان جي کيڏڻ واري عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي آهي ته سمجھو اھي ڪنھن قيد ۾ بند ٿي ويا، ڇو ته شادي کانپوءِ ان ڇوڪري يا ڇوڪري کي ھر ڳالھ کي منھن ڏيڻو پوندو آھي ۽ پوري گھر کي سنڀالڻو پوندو آھي ۽ ھر ذميداري کي صحيح نموني سان نڀائڻو پوندو آھي.

7: گھريلو تشدد/مارڪٽ: گهڻو ڪري ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي ڪري ۽ انهن تي ڪيترن ئي قسمن جو تشدد به ڪيو ويندو آھي ۽ انهن کي خوف ڏئي ھيسايو ويندو آھي ۽ ھر وقت انهن کي ڊپ ۾ رکيو ويندو آھي، ننڍي ٻار کان گھر جو ڪم ڪار ڪرايو ويندو آھي ۽ ٻيون به ذميداريون ڏنيون وينديون آھن، ڪوبه احساس ڪرڻ وارو ناھي ھوندو. ڪافي ته ڇوڪرين کي گھر ۾ ننڍي ننڍي ڳالھ تان ماريو به ويندو آھي ايترو ٽارچر ۽ ڊيڄاريو ويندو آھي جو ھو پنھنجي مائٽن سان به ڳالھ ڪري نه سگھنديون آھن ۽ ان ظلم ۾ به مجبور ٿي پنھنجي گھر ۾ ويٺيون ھونديون آھن.

8: ارڙھن سالن جي عمر ۾ شادي ڪرڻ جا قانون، نڪاح جي رجسٽريشن: سنڌ ۾ ٿيندڙ سموريون شاديون لاڳاپيل اختيارين وٽ رجسٽرڊ ٿيڻ گهرجن.

جيڪڏهن ڪنهن به جوڙي جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي ته ڪابه شادي رجسٽرڊ نٿي ٿي سگهي. ايڪٽ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن لاءِ سزا مقرر آهي، جنهن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو. جوڙن جي ٻنهي ڌرين لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي ارڙھن سال عمر لاءِ پنھنجو شناختي ڪارڊ يا ڪو ٻيو ثبوت ڏين ۽ شادي لاءِ رضامندي جو ثبوت به ڏين. قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي جنهن ۾ نڪاح خوان به شامل آهي، جيڪڏهن ڪو اهڙو نڪاح پڙهائي ٿو، جن ٻارن جي عمر طئي ٿيل قانون کان ننڍي آهي انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

9: آگاهي مهم: سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها آگاهي مهم شروع ڪري ته جيئن ٻارن جي شاديءَ جي نقصانڪار اثرن بابت عوام کي آگاهي ڏني وڃي.

سنڌ ۾ ننڍي عمر واري 2016 جي اصولن جو مقصد تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين واري عمل کي روڪڻ آهي، جنھن سان نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ سنگين جسماني، ذهني ۽ جذباتي نتيجا نڪري سگھن ٿا. سنڌ ۾ ٻارن جي شادين کي ختم ڪرڻ ۽ ٻارن جي بهتري کي وڌائڻ لاءِ انهن ضابطن تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. پاڪستان ۾ ننڍپڻ جي شادين جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي سبب نظر ايندا جنهن ۾ قانون تي عمل نه ڪرڻ، تعليم جي ڪمي، غربت، قبائلي رسمون ۽ رواج جنهن ۾ جائيداد ۽ بدي جي شادي به شامل آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ هندو برادري جي نياڻين جي اغوا، گهران نڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪري شادين جي واقعن ۽ اهڙي خوف سبب هندو برادري ننڍپڻ ۾ نياڻين جي شادي جو رجحان وڌڻ جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي.

ڇا ڪرڻ گهرجي:

* ٻارن جي تحفظ لاءِ موجود قانون لاڳو ڪيا وڃن ۽ موجوده پاليسين تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.

* ٻارن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ نوان قانون، پاليسيون ۽ پروگرام آندا وڃن جن ۾ جسماني سزائن ۽ ٻارن لاءِ هاڃيڪار رواجن تي بندش لڳائڻ ۽ قانون مطابق ڇوڪرين جي شادي 18 سالن ۾ ئي ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن ڪو ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته اهڙن والدين کي ۽ اهڙن نڪاح خوانن کي سزا ملڻ گهرجي.

* هنن قانونن ۽ پاليسين جون ڀڃڪڙيون ڪندڙن کي سزائون ڏنيون وڃن رڳو اهڙن ماڻهن کي معاوضي جي رقم ڏيڻ ڪافي ناهي جيڪي ميڊيا جي ذريعي نمايان ٿي ويا آهن. جڏهن ته لکين ماڻهو خاموشي سان مصيبتون برداشت ڪري رهيا آهن.

* غربت گهٽائڻ ۽ ملازمت جا موقعا وڌائڻ لاءِ اثرائتا اُپاءُ ورتا وڃن. ڇو ته وڏا پنهنجي مايوسي ۽ ڪاوڙ ٻارن تي ڪڍن ٿا.

* تعليم ۽ صحت جون مناسب سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

* جيڪڏهن ڪٿي به اهڙي ڪا شادي ٿئي ٿي ته سماج ۾ شعور رکندڙ ماڻهن کي اهڙين شادين کي روڪڻ گهرجي.

* قانون جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي.

* حڪومتي سطح تي وڌ کان وڌ آگاهي مهم هلائي ننڍي عمر جي شادين جي نقصانن بابت ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي.

* ڇوڪرين جي تعليم جي لاءِ آگاهي مهم  هلائي والدين کي اها سمجهه ڏني وڃي ته جيڪڏهن سندن ڌيئرون پڙهيل لکيل هونديون ته اهي باعزت روزگار ڪمائي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن ٿيون ۽ ڪنهن جي به مٿان  بار نه هونديون.