ڀارتي چانور تي پابنديءَ کانپوءِ پاڪستاني نان باسمتي جي طلب ۾ رڪارڊ اضافو
ڀارت طرفان نان باسمتي چانورن جي پرڏيهه اماڻڻ تي پابندي عائد ڪرڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني چانور جي طلب ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. چيئرمين رائس ايڪسپورٽرز ايسوسئيشن آف پاڪستان چيلارام ٻڌايو ته پاڪستاني نان باسمتي چانور جي نرخ ۾ لڳ ڀڳ 100 ڊالر في ٽن جو اضافو ٿيو آهي. ڀارتي چانور تي پابندي کان پهرين عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني نان باسمتي جا نرخ 450 ڊالر هئا جيڪي 50 ڊالر جي اضافي سان 500 ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستاني نان باسمتي چانور جي عالمي قيمت پنهنجي بلند معيار سبب 600 ڊالر تائين پهچي ويندي. هلندڙ سال ٿائيلينڊ ۽ ويتنام جي چانور جي قيمت به 600 ڊالر في ٽن کان مٿي وڃي چڪي آهي.

