سنڌ اسيمبلي ۾ آدمشماري تي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي لاءِ قرارداد منظور

سنڌ اسيمبلي اڱاري تي ڇهين قومي آدمشماري ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي لاءِ پيش ڪيل هڪ قرارداد جنهن کي ايوان جي سمورن پارلياماني گروپن جي تائيد حاصل هئي متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. ايم ڪيو ايم جي رڪن محمد حسين هيءَ قرارداد پيش ڪئي هئي جنهن جي حمايت ايوان ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر ڪنور نويد جو چوڻ هو ته قومي آدمشماري جي نتيجن تي سمورين جماعتن کي ڳڻتي آهي. سڄي ملڪ ۾ 5 سيڪڙو سينسز بلاڪس ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرايو وڃي. سنڌ حڪومت قومي آدمشماري تي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي لاءِ وفاق سان رجوع ڪري. جيڪڏهن آدمشماري جا انگ اکر صحيح نه ٿيندا ته اسان جا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. ايم ڪيو ايم جي رڪن اسيمبلي جاويد حنيف چيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي قومي اسيمبلي جي قرارداد تي عمل نٿا ڪن، سعيد غني چيو ته اسان پنهنجا خدشا ان وقت جي اسيمبلي، سينيٽ ۽ حڪومت جي سامهون رکيا هئا، اسان جڏهن پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ان کي نظر انداز ڪيو ويو. بعد ۾ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، ان کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر، اجلاس اربع جي منجهند تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.