بلاگنئون سياسي تنظيمن جو ڪردار March 5, 2024 Zahida Abro 1. پس منظر هن وقت اسرندڙ ملڪن ۾ سياسي تنظيمن تي گهڻي تنقيد ٿئي ٿي ته اهي جيڪو واعدو ڪن ٿيون اُهو پورو نٿيون ڪن. جنهن مقصد لاءِ تنظيمون ٺاهيون وڃن ٿيون، اُهي مقصد حاصل ڪرڻ بجاءِ طاقت ۽ پئسي جي پويان هلن ٿيون ۽ عوام کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪن ٿيون. هن کان اڳ جي دور ۾ ننڍي وڏي مسئلي لاءِ، ترقي جي اميد لاءِ، ماڻهن جي حفاظت لاءِ ۽ ڏکئي وقت ۾ سياسي تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون هيون. اڳ سياسي رهنمائن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي. هاڻي انهن جي ڪردار تي شڪَ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ نهايت خراب لفظن ۾ انهن کي سڏيو وڃي ٿو؛ جنهن ۾ راشي، قاتل ۽ مفاد پرست جهڙا لفظ اچي وڃن ٿا. هندستان ۾ ڪيتريون ئي فلمون خراب سياستدانن تي ٺاهيون ويون آهن، جنهن ۾ کين غنڊاگردي ۽ مذهبي نفرتن جي بنياد تي فسادي جي روپ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. پاڪستان جي مثال ۾ ته ڪيترن سياستدانن کي چور سڏيو وڃي ٿو. ان جي برعڪس ترقي ڪيل جمهوري ملڪن ۾ نسبتاً سياسي پارٽين جي ساک کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ، انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي ترقي ڏيارڻ ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جهڙن ڪمن ۾ مشغول آهن. دنيا ۾ سياسي جماعتن جي ڪري انسان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. مثلن چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ، روڊ ۽ پلين جو نيٽورڪ ٺاهڻ، غربت کي گهٽائڻ، عالمي قانون ٺاهڻ ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن. دنيا ۾ ٻه قديم سياسي تنظيمون، هڪ ٽوريز جيڪا 1678 ۾ برطانيه ۾ ٺاهي وئي جيڪا ساڄي ڌر سان تعلق رکي پئي ۽ ٻي وگس پارٽي اها به برطانيه ۾ ساڳي سال ٺاهي وئي ۽ ان جو آزاد خيالي تنظيم سان تعلق هيو. ٽوئريز اڳتي هلي ڪنزرويٽوَ پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي ۽ وگس لبرل پارٽي ۾ تبديل ٿي وئي. آمريڪا ۾ پهرين پارٽي فيڊرلسٽ پارٽي هئي، جيڪا 1789 ۾ آمريڪا ۾ ٺاهي وئي ۽ 1794 ۾ ڊيموڪريٽڪ رِيپبلڪن ٺاهي وئي. جيڪي هن وقت موجود ناهن، پر ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پارٽي مان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺاهي وئي، جيڪا اڃا تائين آمريڪا ۾ ڪم ڪري ٿي. هن وقت دنيا جي 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اندازً 1000 پارٽيون ڪم ڪن ٿيون. پاڪستان ۾ 175 رجسٽرڊ سياسي جماعتون آهن، بنگلاديش ۾ 44 رجسٽرڊ سياسي جماعتون آهن ۽ هندستان ۾ 8 ملڪي سطح جون سياسي جماعتون، 55 علائقائي سطح تي ۽ 2597 غير تسليم ٿيل سياسي جماعتون رجسٽرڊ آهن. جمهوري سياسي تنظيمون اصلي روح ۾ سماج کي جوڙي رکن ٿيون ۽ قدرتي آفتن، ٻاهرين حملي آورن ۽ اقتصادي تباهي کان بچائين ٿيون. مثال طور؛ جاپان ۾ مسلسل طوفان ۽ زلزلن کان جاپاني سماج کي بچائين ٿيون. 1929 ۾ great depression جي اثرن کان بچاءُ لاءِ آمريڪا 1933 ۾ New Deal جو پروگرام ڏنو. ٻي عالمگير جنگ جي ڪري يورپ جي تباهي کانپوءِ آمريڪا جي مدد سان مارشل پلان ذريعي ان جي نئين سِر تعمير شروع ٿي. ائين ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا ته انتهائي ڏکي وقت ۾ سياسي جماعتن مختلف ملڪن ۾ پنهنجي سماج کي ڪيئن تباهي کان بچايو. هاڻي ته جمهوري ملڪن ۾ سياسي جماعتون ئي آهن جيڪي سماج جي هر پهلو ۽ رهبري کان وٺي، معاشي ۽ سماجي خدمت ڪري رهيون آهن ۽ سماج جي وڏن وڏن مسئلن کي منهن ڏين ٿيون. 2. سماجي معاهدو ۽ سياسي جماعتون سياسي جماعتون سماجي معاهدي جي پيداوار آهن. جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به ملڪ جو عوام پاڻ ۾ معاهدو ڪري سماج ٺاهين ٿا ۽ اهي آزاد ۽ شفاف چونڊ ذريعي پنهنجن نمائندن طرفان حڪومت جوڙين ٿا. ان حڪومت وٽ صرف ۽ صرف ملڪ جي حفاظت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو مقصد هئڻ آهي. جيئن ته سماج ۾ مختلف گروھ، مختلف سياسي جماعتون ٺاهي عوام کان ووٽ وٺن ٿا، مثال طور؛ آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ جماعت ۽ ريپبلڪن جماعت آهي. برطانيه ۾ مکيه ليبر پارٽي ۽ ڪنزرويٽو جماعت آهي. ياد رهي ته مختلف گروھ پنهنجي سياسي جماعت ٺاهي ٻين جماعتن سان قانون جي دائري ۾ رهي چونڊ ۾ چٽاڀيٽي ڪري نمائندا چونڊيا ويندا آهن. جيڪا جماعت يا اتحاد سڀ کان وڌيڪ نمبر کڻندو اها جماعت يا اتحاد حڪومت ٺاهيندو. 3. جمهوري سياسي جماعتن جا ڪم سياسي جماعتن جا هيٺيان مکيه ڪم آهن؛ 1. پارٽيءَ جا همدرد ۽ پيروڪار پيدا ڪرڻ. 2. عوام ۾ سياسي شعور ڦهلائڻ ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ آماده ڪرڻ. 3. چونڊن ۾ حصو وٺي پنهنجي ميمبرن کي کٽرائڻ. 4. خود يا ٻين پارٽين سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهڻ. 5. حڪومت ذريعي عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجي ويزن ۽ چونڊ پڌرنامي تي عمل ڪرڻ. 6. اسيمبلي ۾ مخالف جماعت جي حيثيت ۾ حڪومت تي نظر رکڻ ۽ حڪومتي غلط ڪمن جي مخالفت ڪرڻ. 7. جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ. 8. سماج ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ. 9. معاشي ترقي جي ذريعي بيروزگاري ۽ غربت ختم ڪرڻ 10. ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ لاءِ پاليسيز ۽ پروگرامن تي عمل ڪرڻ. 11. معاشري مان رشوت خوري، پنهنجا نوازي، بدعنواني، مذهبي انتهاپسندي، نسل پرستي، عورت دشمني ۽ اقليتن سان ناانصافي تي ڪنٽرول ڪرڻ. 4. سياسي پارٽين جي جوڙجڪ جمهوري طريقي سان مقامي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي ڪنهن به پارٽي جا عهديدار چونڊيا ويندا آهن. اُتي آفيسون ٺاهيون وينديون آهن. قانوني طريقي سان پارٽيءَ کي هلائڻ لاءِ پئسا گڏ ڪيا ويندا آهن. عوام ۾ پارٽيءَ جي مشهوري لاءِ سياسي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ جلسا، جلوس، ڪانفرنسون، سيمينار، مظاهرا، سوشل ميڊيا جي ذريعي پارٽي پيغام پهچائڻ، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن تحت ماڻهن سان رابطو رکڻ، اخبارن ۾ مضمون شايع ڪرڻ جهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن ته جيئن ماڻهون پارٽيءَ کي عام چونڊن ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. سياسي پارٽيءَ وٽ مختلف تحقيقي مرڪز هوندا آهن، جيڪي عوامي مسئلن، حڪومتي پاليسيز ۽ مستقبل ۾ ترقيءَ جي منصوبي لاءِ تحقيق ۾ مشغول هوندا آهن. سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ چونڊ پڌرنامي ذريعي عوام جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ واعدا ڪنديون آهن. هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ملڪ ۾ جمهوري پارٽين جي وچ ۾ تمام گهڻي چٽاڀيٽي رهندي آهي. تنهنڪري ڪا به پارٽي جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪاميابي چاهي ٿي ته ان کي پنهنجي سياسي ڪم ۽ سياسي پروگرام لاءِ سڀ قانوني طريقا استعمال ڪري ماڻهن سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سٺو پروگرام ڏئي ٿي ته اها پارٽي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. ائين تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪيتريون ئي پارٽيون گهڻي وقت لاءِ اقتدار ۾ رهيون آهن. مثال طور؛ جرمني ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي لڳاتار 1969 کان وٺي 1982 تائين 12 سال حڪومت ڪئي. 5. سياسي جماعتن جا قسم سياسي پارٽين کي وچ واري ڌر، کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر طور ڏٺو ويندو آهي. وچ واري ڌر ۾ آزاد خيال يا لبرل پارٽيون اچي وڃن ٿيون. کاٻي ڌر ۾ اڪثر ڪري عوام جي برابري يا مارڪسزم جي اثر هيٺ سياسي پارٽيون ڪم ڪن ٿيون. جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي، سوشلسٽ پارٽي، ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي اچي وڃن ٿيون. ان جي برعڪس ساڄي ڌر ۾ قدامت پسند يا ڪنزرويٽوَ، نسل پرست، فاشسٽ ۽ مذهبي تنظيمن کي شمار ڪيو ويندو آهي. قومپرست پارٽيون هڪ جدا قسم آهي. جيڪڏهن اهي نسل پرستي جي نظريي تي ٻڌل آهن ته اُهي ساڄي ڌر ۾ اچي وڃن ٿيون. سياسي پارٽين مٿان هي ليبل ان ڪري لڳايو ويندو آهي ته جيئن ان جي نظريي مان واقف ٿي سگهجي. سياسي پارٽين جو نظريو ٻڌائي ٿو ته اُهي سماج کي ڪهڙي رستي تي وٺي وڃڻ چاهين ٿيون. هنن پارٽين سان گڏ اهڙيون پارٽيون ٺاهيون ويون آهن. جن جو خاص مقصد هوندو آهي، مثال طور؛ گرين يا سائي پارٽي، جنهن جو پروگرام صرف ۽ صرف موسمي تبديليءَ جي خلاف ڪم ڪرڻ آهي. 6. سياسي تنظيمن جي ترجيح تجربو ٻڌائي ٿو ته وقت گذرڻ سان گڏ جمهوري سياسي تنظيمن لاءِ چيلنجس به وڌندا رهن ٿا. موسمي تبديلي، گلوبلائيزيشن، ٽيڪنالاجي جي ترقي، مصنوعي ذهانت، بيروزگاري، غربت، مذهبي انتها پسندي، معاشي چٽاڀيٽي، وڌندڙ آبادي، قدرتي وسيلن جي گهٽائي جنهن ۾ خاص ڪري پاڻي، ڌاتو، تيل ۽ گئس، اچي وڃن ٿا، سياسي تنظيمن لاءِ وڏو چيلينج بڻيل آهن، جيئن ته سياسي تنظيمون سماج جي رهبري ۽ حفاظت جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ اندر نئين سِر تنظيم ۽ اڳواڻپ جي قابليت ۾ تبديلي آڻڻ اَڻٽرُ آهي. ٻي صورت ۾ سماج ۾ سياسي تنظيمن کان بيزاري ۽ ان تي تنقيد وڌي ويندي. پڄاڻي وقت سان گڏ هر سماج ۾ مسئلا ۽ خطرا وڌندا رهن ٿا. اهي سياسي پارٽيون ئي آهن جن جو ڪم آهي سماج جي رهبري ۽ ڀلائي ڪرڻ. ان صورتحال ۾ جمهوري سياسي تنظيمن کي وڏي محنت ڪرڻي آهي. وڌيڪ پاڻ ۾ سڌارا آڻي بهتر نتيجا ڏيڻا آهن ۽ پنهنجي اڳواڻپ جو معيار وڌائڻو آهي. ٻي صورت ۾ جيڪي سياسي تنظيمون تبديل نه ٿينديون آهن اُهي پوئتي رهجي وينديون ۽ سماج لاءِ غير لاڳاپيل ٿي وينديون. ان سان گڏوگڏ سياسي پارٽين لاءِ اُهو به ضروري آهي ته هو عالمي سطح تي ٿيندڙ واقعن کان باخبر هجي جنهن ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ قدرتي ماحول اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪو به سماج ٻيٽ وانگر ناهي پر هو 200 کان وڌيڪ ملڪن سان لاڳاپو رکي ٿو. سياسي تنظيمون وقت سان گڏ تبديل نه ٿينديون ته اهي ماضيءَ جو قصو ٿي وينديون. *** Post Views: 281