ادبشاعري

September 2022 شاعري

راشد شر
پنهنجي مستقبل جي اڳڪٿي
ڪندڙ تنهنجي واعدن
مونکان
پنهنجو حال کسي ڇڏيو آھي.
ھن سنسار جي سرجڻھار
خدا جي مرضي
آھي ته
پنھنجي باغ جي گلن جھڙن
نفيس انسانن کي ڪچو پٽي ماري
يا پڪو پٽي گھٽا ڏئي ساھ ڪڍي!!
پر
پاڻ لفظن جا سرجڻھار
گلن جي باغ ۾
ڪنھن گل، ٻوٽي جي پن کي
پاڻ سڪندي ڏسندا آھيون ته
پنهنجي من ۾
غم وچان
تعزيتي
تڏو وڇائجي ويندو آھي.
پنھنجي معصوم پيار
جي وچ ۾
ھي سماج
پلصراط آھي.
تنھنجي حسن جي جماليات جي کيچلن
منهنجي انقلابي تحريرن کي
رومانس جي سنگھرن ۾
ٻڌي ڇڏيو ھو
پر ان زنجيرن جا ڪڙا
ان وقت ٽڙڪا ڏئي ٽٽا
جڏھن پاڙي مان بکايل ٻار جون
درديليو رڙيون
منهنجي ڪنن تي پيون.
اچ ته آسمان تي
محبت جا مندر اڏيون
زمين تان ته
نفرتن جا نانگ مرڻا ئي ناھن.
***
بيت
خليل عارف سومرو
سنڌ توڙي سونهن تي، چاهت جا هي چٽ،
سِر جي مون جا سِٽ، ڏاهپ جا تنهن ۾ ڏيئا.
**
سُري کاڌي سماج ۾، رَوَين جي رُڃ،
سُجهي رُڳي سُڃ، ماڻهپو مري ويو.
**
جيجل جي جيئن هنج، سنڌ ايئن ٿي پوي،
سنڌي سنڌي کي نه ڏيئي، ايذاءُ اهنج،
رهي نه ٻئي کان رنج، ڪو به ماڻهو قوم جو.
**
صوفياڻو راڳ هو، سنڌي ٻوليءَ ۾،
منهنجي جهوليءَ ۾، چنڊ سُتو رات هو.
**
سنڌي ثقافت سڄي، سجاڳي جي سُرت،
تبديلي ڪا تُرت، ڌرتي ڏسندي ديس جي.
**
جيئاريو پئي جهان ۾، عارف کي الله،
پنهنجن کي پرواهه، ڪڏهن منهنجي ڪانه ٿي.
**
مورت هن جي موهڻي، ڇاتين ۾ هئي ڇِڪ،
اکيون ٻڌي ٽِڪ، بيهي ويون هڪ جاءِ تي.
**
منهنجون مُندون موسمون، منهنجو تون اُتهاس،
مون ۾ تنهنجو واس، منهنجي معنيٰ تون مٺي.
**
عارف آهيون عشق ۾، هاڙها ۽ هالار،
پنهنجو سچو پيار، ڪنهن ڊڄي ڪين ڪي.
**
هوشو وارو حوصلو، هيمون وارو هانءُ،
دولهه درياهه خان ڀي، عارف منهنجو نانءُ،
سن واري سائين ڏنو، ڏاهپ وارو ڏانءُ،
اچي جيسين آجپو، وڙهندو رهندس آءُ،
ڪانئر ناهيان ڪانءُ، دودو آهيان ديس جو
***
ڪريم چانڊيو
هي رات به ڏانئڻ آ
پرڀات به ڏانئڻ آ
ٿي ٻوڙي ٻچڙن کي
برسات به ڏانئڻ آ
آ ٿر اندر بک جا
گجرات به ڏانئڻ آ
لاشن تي اڏيل تنهنجي
محلات به ڏانئڻ آ
آ مرد بگهڙ جيڪر
مسمات به ڏانئڻ آ
مان ڪونه وري ملنديس
هيءَ بات به ڏانئڻ آ
محبوب ۽ ماني جي
فڪرات به ڏانئڻ آ
سچ کي نه ڪڏهن ايندي
ڀل مات به ڏانئڻ آ
اڄ مڌ سوائي ڏي
حالات به ڏانئڻ آ
ٿي هانءُ پٽي منهنجو
هيءَ ڏات به ڏانئڻ آ
***
غزل
اياز لطيف دايو
ڌرتيءَ سان گڏ آڪاس سمورو شاهد آ،
چنري جي ڦلڙين جو واس سمورو شاهد آ.
تنهنجي ڳلڙن تي ڪائي پرڀات ڦٽي ٿي،
ساهه سڄي جو احساس سمورو شاهد آ.
هڪڙي چاهت جا مون مينار اڏيا آهن،
هي عام سمورو خاص سمورو شاهد آ.
ڄاڻي واڻي روز نئون هي طوق کڻان ٿو،
ناسي نيڻن جو وشواس سمورو شاهد آ.
رات سڄي جاڳي توکي ياد ڪيو آهي،
ڪنهن پوڄا جو ارداس سمورو شاهد آ.
مشعل جي لاٽ جيان ڪو اياز ٻري ٿو،
هن ڌرتيءَ جو اِتِهاسُ سمورو شاهد آ.
***