ادب

شيخ اياز: ترقي پسند تحريڪ جي زوال جو هڪ مثال

شيخ اياز زندگي ۽ شاعري جا پنجاھ سال ترقي پسند ادب ۾ ضايع ڪيا جنھن جو اعتراف هن آخري 10 سالن ۾ ڪيو، جيڪو هڪ مثالي ڪم آهي جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. جيڪو ترقي پسند ادب جي مڪمل نفي تي مبني آهي. ترقي پسند ادب جنهن ۾ رڳو سبز باغ ڏيکاريا ويا هئا، جن جو انجام زوال جي شڪل ۾ نڪتو، جيڪا هڪ تاريخي حقيقت آهي. ان خود فريبي جو اعتراف اڄ جو وڏو سچ آهي.

شيخ اياز سڄي زندگي فريب ۾ رهي شاعري ڪئي، آخر ۾ حقيقت جو اظهار ڪيو. جنهن تي ترقي پسند ڌرين کانئس لاتعلقي جو اظهار ڪيو، جنهن تي پڻ نقادن کي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ کپي.

ترقي پسند ادب ۾ جبر، ظلم خلاف غير واضح مزاحمت، قوم پرستي، انقلاب جو ڌنڌلو تصور، غلط سياسي ايجنڊا، زميني حقيقتن کان مٿاهون سياسي جدوجهد تي مبني سمورو ادب، ذوالفقار ڀٽو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، پليجو جي غلط سياست قابل ذڪر آهن.

شيخ اياز جي آخري دور جي ادب کي نظرانداز ڪرڻ جو رجحان به هڪ ترقي پسند فريب آهي، جنھن تي پڻ مڪالمي جي ضرورت آهي.

ڪيفي خانه بدوش طرفان شيخ اياز جي ترقي پسند ادب کي ٻيهر جيارڻ جي ڪوشش پڻ هڪ خوبصورت فريب آهي، جيڪا زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش آھي.

ترقي پسند تحريڪ جا پوئلڳ پنهنجي غلطين مان سبق سکي نه سگهيا آهن. نوجوانن کي ساڳي گمراھي ۽ خود فريبي ۾ ڌڪيو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجھ سياسي پارٽين جا اڳواڻ پنهنجي سياست چڪائڻ لاءِ پيا ڪن.

سنڌ جي سياست ۽ دانشوري وٽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ڪا به درست ايجنڊا يا گس موجود ناهي رڳو روايتي نعريبازي ۽ مهم جوئي ۾ وقت ضايع ڪيو پيو وڃي.

شيخ اياز جي انقلابي ۽ مزاحمتي گيتن تي رقص ڪندڙ نوجوان ساڳي وقت ووٽ پ پ پ کي ڏيندا آهن ۽ اڪثر دانشمند پ پ پ حڪومت جا حمايتي رهيا آهن.

سنڌي قوم ادب ۾ ترقي پسند، پر سياست ۾ اشرافيه جي غلام نظر اچي ٿي.

ترقي پسند ادب 50 سالن جي عروج کان پوءِ زوال جو شڪار بڻيو، ان جا ڪهڙا سبب هئا، اڄ ان تي ڪيتري تحقيق ٿي آهي، انهن جو ڪيترو ازالو ٿي سگهيو آهي؟ اهڙن سوالن جا جواب گهربل آهن. جن جا جواب ڪيفي خانه بدوش طرفان ملهائي ويندڙ اياز ميلي ۽ حيدرآباد ادبي ميلي ۾ ملڻ کپندا هئا، پر افسوس اڃا تائين انهن سوالن جا جواب نه ملي سگهيا آهن.

سياسي اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور پنهنجي غلطين جي ازالي يا زوال تي روشني وجهڻ بدران روايتي انداز سان ناڪام سياست جا پوئلڳ بڻيل آهن.

اهل دانش ۽ سول سوسائٽي جا تمام پليٽ فارم انهن سوالن جا جواب نه پيا ڏئي سگهن. نوجوانن کي روايتي گس تي ڄاڻي واڻي سفر ڪرايو پيو وڃي، جنهن گس تي هلڻ سان ڪا به منزل ملڻي ناهي، رڳو سياست پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهي ٿي، جنهن سان رڳو اشرافيه بالغ ووٽ جي حمايت سان اقتدار حاصل ڪري سگهي ٿي.

تازو حيدرآباد ۾ چند اھڙيون گڏجاڻيون ٿي گذريون جن ۾ دانشور ۽ سول سوسائٽي جا متحرڪ فرد ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن شريڪ ٿي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ڪنهن به گهربل سوال جو جواب ملي ڪين سگهيو. “ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ ” واري حالت رهي. روايتي ڳالهيون ڪري پنهنجو وقت برباد ڪيو ويو.

اھڙي صورتحال تي سوشل ميڊيا تي تنقيدي موقف پڻ سامھون آيا، پر تغافل نظر جو شڪار ٿي ويا.

ڪجھ ساڃاھ وند ان تي ويچارڻ لاءِ سنجيده آهن ۽ مناسب فورم يا موقعي جي انتظار ۾ آهن ته ان بحث جا گهربل نتيجا سامهون اچن.

جيتري قدر ترقي پسند ادب جي زوال جو سوال آهي ته ان ۾ انقلاب جي نالي تي جيڪي سياسي ايجنڊا رکي وئي سا ناقابل عمل ھئي يا ان لاءِ طريقيڪار درست نه هو، جنهن جي نتيجي ۾ جدوجهد جو ڪو فوري ڦل حاصل نه ٿي سگهيو ۽ ادب ۾ جيڪي سبز باغ ڏيکاريا ويا سي پورا ٿي نه سگهيا. اھڙي طرح ادب جو زوال شروع ٿيو. اڄ ساڳيو ادب ان زوال جا سبب پيو ڳولي، پر افسوس ادبي دنيا جا وڏا نالا اصل سبب نه پيا ٻڌائي سگهن. ساڳي پرفريب ۽ سبز باغ ڏيکارڻ جي گس تي گامزن پيا نظر اچن. شايد ڄاڻي واڻي اصل سببن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

ادب ۾ جيڪو مزاحمتي رومانس پيدا ڪيو ويو، ماڻهو ان رومانس جي جادو ۾ مدهوش ٿي ويا، کين منزل نه ملڻ جو احساس ئي نه رهيو. اڄ به ان ترقي پسند ادب جو جادوئي اثر اڃا باقي آهي جنھن ۾ ماڻهن کي جهومڻ تي اتساهيو پيو وڃي. ڪيفي خانه بدوش طرفان اياز ميلو ان جو هڪ واضح مثال آهي.

جتي دانشور اچن ٿا، پر دانشمند روايت کي برقرار رکڻ لاءِ نه ڪي اڳتي وڌڻ يا پيش قدمي ڪرڻ لاءِ. رومانس شاندار ماضيءَ کي ياد ڪرڻ جو نالو آهي ان حوالي سان اياز ميلو ڪافي اهميت رکي ٿو.

رومانس کي عروج ڏيڻ يا جاري رکڻ لاءِ هڪ ٻيو ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن کي پڻ سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي آهي. جنهن ۾ پڻ قوم شاندار ماضي تي رقص ڪري بدترين حال کي گهڙي کن لاءِ وساري ويهي ٿي.

ھڪڙو شيخ اياز جنھن کي ترقي پسند تحريڪ پيدا ڪيو ۽ ٻيو شيخ اياز جنهن ترقي پسند تحريڪ جي ادب کي دفن ڪرڻ جو ڪم ڪيو، ان کان مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪيو، پنهنجي وابستگي جي پنجاھ سالن کي گمراھ قرار ڏنو. ان تحريڪ تحت لکيل ادب تان مڪمل دستبرداري جو اعلان ڪيو. جهن جو ازالو دعائون لکي ڪيو.

هڪ پروفيسر ليکڪ شيخ اياز جي آخري دور جي شاعري کي تصوف سان وابستگي طور ڄاڻايو آهي جيڪا ڳالھ بلڪل درست ناهي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو تصوف، وحدت الوجود ۽ شيخ اياز جي آخري دور جي شاعري ۾ خدا جو اسلامي تصور ۽ دعائون ٻه جدا شيون آهن، شيخ اياز نه تصوف کي آخر تائين قبول ڪيو هو نه وري تصوف ۾ ڪا پناھ حاصل ڪئي.

ترقي پسند تحريڪ اصل ۾ سياسي نظريي سوشلزم جي نعري تحت ادب کي پروان چڙهايو، جنهن ادب ۾ مقصديت کي ترجيح ڏني، ادب ۾ عوام کي وڌيڪ نمايان ڪيو ويو. عوامي ڏک، درد، مسئلا، گهرجون، مطالبا، نعرا، ادبي موضوع بڻجي پيا. سڀ کان وڌيڪ عوامي مزاحمت جو رومانس پيدا ٿيو، جنھن سان ترقي پسند شاعري کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي، جماليات ۽ عوامي درد گڏجي پيا. جنهن کي شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ وڏي مقبوليت ماڻي ورتي.

ذوالفقار ڀٽو عوامي اڳواڻ طور سامهون اچي ويو، جنهن “طاقت جو سرچشمو عوام ” جو نعرو هنيو، جي ايم سيد قوم پرستي جو نعرو هڻي پذيرائي حاصل ڪئي، حيدر بخش جتوئي، ھاري تحريڪ جو نعرو هنيو، ڪميونسٽ پارٽي جي ڄام ساقي ڪامريڊ جي نعري سان عوامي حمايت حاصل ڪئي. پهريون دفعو سياست ۽ ادب ۾ جتي رڳو اشرافيه جو ذڪر ٿيندو هو اتي عوام جو چرچو ٿيڻ لڳو. عوام هڪ دلفريب، اميد ۽ هڪ جدوجهد جي رومانوي دنيا ۾ داخل ٿي ويو هو. پهريون دفعو ظالم ۽ جابر طبقي تي کليل لفظن ۾ نفرت ۽ تنقيد جو اظهار ٿيڻ لڳو جنهن سان عوام کي هڪ سڪون واري ڪيفيت حاصل ٿي. عوام جي زخمن تي هڪ مرهم جو احساس پيدا ٿيو.

اھڙي ماحول ۾ ادب پڻ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي، جنهن ۾ شيخ اياز سڀ کان نمايان مقام حاصل ڪيو. ترقي پسند تحريڪ جو رومانس پنجاھ سالن تائين عروج حاصل ڪرڻ کان پوءِ زوال جو شڪار بڻيو. ادب جيڪو جدوجهد جي رومانوي فريب ۾ اچي ويو هو، ان ٻيهر سوچڻ شروع ڪيو ته عوام جي حالت ته اڳ کان به خراب ٿي وئي آهي، انقلاب ڪون آيو، ڪو سڌارو نظر نه آيو ته ادب سرجندڙ پنهنجي ادب تي نظرثاني ڪئي، ائين هڪ اعتراف، ناڪامي، غلطين جو احساس جنم ورتو، جنھن سان ترقي پسند ادب جي مڪمل نفي سامهون اچڻ لڳي، جنهن ۾ شيخ اياز سڀني کان اڳيان آيو. جنهن جوش سان ترقي پسند ادب کي دل سان لڳايو اھڙي بيباڪي سان ان جي نفي ڪرڻ لڳو.

“ڪيترا نه

سبز باغ ڏيکاريئه

ڌرتيءَ تي ھئين ڪنداسين

ڌرتيءَ تي ھون ڪنداسين

ٿيو ته ڪجھ به ڪونه….”

(سر لوھيڙا ڳڀيا)

منهنجو بهترين دوست

اڄ منهنجو

بدترين دشمن آهي

ڇو ته

هو سمجهي ٿو

ته مان هن جي آدرش تان

ھٽي ويو آهيان.. “

(سر لوھيڙا ڳڀيا)

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اياز جي شاعريءَ مان ترقي پسند تحريڪ جو رومانس ڪڍي ڇڏجي ته سندس شاعريءَ ردي جي ٽوڪري ۾ وڃي پوندي.

سندس تخليق جو واحد سرچشمو ترقي پسند تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جي سياست هئي. جنهن جي زوال کانپوءِ سندس شاعري به شاندار ماضيءَ جو حصو رهجي وئي آهي. مارو، مظلوم، سنڌ، انقلاب، مزاحمت، عشق جيڪي سندس شاعري جا مک موضوع هئا سي آخري دور ۾ سندس لاءِ اجنبي ٿي پيا.

سندس آخري ڏهن سالن جا موضوع رد انقلاب، اعتراف، ڪفارو، دعائون، سياست ۽ ادب تان دستبرداري، ويساھ گهاتي، سياسي پارٽين ۽ قيادت کان لاتعلقي قابل ذڪر آهن.

ادب جيڪو ترقي پسند تحريڪ کان اڳ رومانوي داستانن ۽ عشق، محبت جي جذبات جي ترجماني ۾ مصروف عمل هو هڪ دفعو ٻيهر ماضيءَ ڏي موٽ کاڌي، اڪثر شاعر رومانوي بڻجي ويا، نثر صحافتي ادب جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، محقق نقاد بڻجي پيا آهن، پر سياسي اڳواڻ ساڳي جاءِ تي بيٺل آهن، سندن سياسي ڪاروبار ان تي مدار رکي ٿو ته عوام کي جدوجهد ۾ مصروف رکجي، پنهنجي سياست کي جاري رکڻ گهرجي، منزل ملي ته شايد سياست بدلجي ويندي، مظلوم هٿن مان نڪري ويندا. قيادت تي نوان ماڻهو اچي ويندا. سياست پنهنجي آئينده جي اوني ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي پئي آهي. ڪو به خطرو نه پئي کڻي سگهي. پارٽي ۾ نون ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي. مخصوص فرد عهدن تي رکيا وڃن ٿا.

ادب پنهنجا نوان متبادل ميدان ڳولي لڌا آهن جن ۾ سوشل ميڊيا، صحافت، ٽاڪ شوز، ڊاڪيومينٽريز، ڊرامه، يوٽيوب چينل، ڪارٽون ڪهاڻيون، ادبي ميلا ۽ آن لائين ادبي رسالا ۽ ڪتاب وغيره شامل آهن.

سنڌ جي دانشمند قيادت شاندار ماضي جي ڌنڌلي تصور تي بيٺل آهي جنھن جي ڪري هو موجوده حالتن جون گهرجون پوريون نه پئي ڪري سگهي، نئين ذهن لاءِ پنهنجا در بند ڪري ويٺي آهي، پنهنجي مسند ڦرجڻ جي خوف ۾ مبتلا ٿي پئي آهي.

***