خاصنئون

 حيدرآباد جي ڪمشنر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي ڪمشنر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد جي ڪمشنر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو چيو ويو هو. نوٽيس مطابق حيدرآباد جي ڪمشنر کي 23 جولاءِ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ آڏو پيش ٿيڻو آهي. واضح رهي ته 8 ڊسمبر 2016 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حيدرآباد جي ڪمشنر کي حڪم جاري ڪندي چيو ويو هو ته هو تاريخي ماڳن جو ذاتي دورو ڪري. جڏهن ته هن پاران اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو ويو هو. هن نوٽيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو به چيو ويو آهي ته ڪمشنر اهڙن ماڳن جا دورا ڪري ۽ انهن دورن بابت پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.