بلاگ

اتساھ (ڪهاڻي)

الاموت ڊي سي صاحب جي سربراھي ۾ ميٽنگ ھلي رھي ھئي ته اچانڪ ھن ٻاھر ويندڙ پٽيوالي کي سڏ ڪندي چيو:

ادا ھڪ گلاس پاڻي جو ته ڏجو…!

سندس اھو چوڻ جھڙو وڏو ڌماڪو ھئو.

“You have need more training for this post”

ڊي سي پنھنجي ڪڙڪيدار آواز ۾ کيس ڪاوڙ مان نھاريندي چيو.

ھال ۾ خاموشي ٿي وئي ھئي ھر ڪو کيس ڏسي رھيو ھو…

ھن به بغير ڊڄڻ جي کيس ان ئي لھجي ۾ چيو.

”آخر مون ڇا ڪيو آھي“

سندس اکڙيل لھجي مان بغاوت صاف ظاھر ھئي. جيڪا ڊي سي پڻ پرکي ورتي ھئي.

ان ڪري ئي ٿڌي لھجي ۾ کيس ميٽنگ کانپوءِ ملڻ جو چيائين:

ميٽنگ پنھنجي وقت تي ختم ٿي، پر ڊي سي ۽ ھو ويٺا رھيا…

”آخر منھنجي غلطي ڪھڙي ھئي“

نوجوان آفيسر پڇيو؟ بغاوت، ارڏائي پنھنجي بيعزتي جي احساس سندس لھجي کي تکو بنائي ڇڏيو ھئو…

”توھان کي خبر آھي ته توھان ھڪ ذميدار آفيسر آھيو ۽ ھڪ آفيسر جو ھڪ معمولي پٽيوالي کي لفظ ادا چوڻ کيس ڪيترو پنھنجي اسٽينڊرڊ کان ڪيرائي سگھي ٿو“

ڊي سي جي ڳالھ مڪمل ٿيڻ شرط ئي نوجوان آفيسر طيش مان وراڻيو:

”توھان ۽ ھن ۾ فرق ڪھڙو آھي؟“

صرف تعليم جو نه…

سو پُڇا ڪري ٿا وٺونس ته ھو ڇو نه پڙھيو ۽ توھان جھڙي آفيسري ۽ ادا لفظ لاءِ نااھل بڻجي ويو…!

سندس لھجو نھايت تکو ھو ان کان اڳ جو ڊي.سي ڪجھ جواب ڏئي. ھن گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي گھرائي ورتو.

”ويھ“

پٽيوالو جمعو بيٺو رھيو

”ويھ ڊي سي صاحب کي توکان ڪجھ پڇڻو آھي“

جمعي خالي سواليه نظرن سان ڊي سي کي ڏٺو.

جنھن نه چاھيندي به ڪرسي ڏانھن اشارو ڪندي کيس ويھڻ جو چيو.

جمعو پاڻ کي پاڻ ۾ ويڙھي ويھي رھيو، سندس دل ۾ اڻ ڄاتل خوف ھو، کيس ڊي سي جي ڪاوڙ ۽ رعب تاب جي خبر ھئي. ھو ذھن ۾ پنھنجن ڏينھن جي ڪيل خطا ورجائيندو رھيو ته کانئس ڪٿي غلطي ٿي آھي، جنھن جي پاداش ۾ کيس سزا ڏني پئي وڃي…!

ھو سوچن ۾ ئي گم ھو ته آفيسر جو آواز آيو.

”جمعا…او جمعا…!

ڊي سي صاحب پڇڻ پيو چاھي ته تون پڙھئين ڇو ڪونه؟؟“

سوال غير متوقع ھو، جمعو اٿي بيھي جواب ڏيڻ لڳو آفيسر کيس ٻيھر ويھڻ جو چيو.

ان سڄي ڪارروائي ۾ ڊي سي خاموش ڏسندو رھيو. ناگواري سندس منھن تي ظاھر ھئي، پر آفيسر کي ان جي ڪا پرواھ نه ھئي.

”سائين…!!

اسڪول ۾ داکلا ورتي ھيم، پر ھڪ ڏينھن سبق ڪچو ھئڻ سبب ماستر اھڙي مار ڏني جو پڙھڻ تان ئي ارواہ کڄي ويو. ڏينھن ئي اھو ڪيم وري نه اسڪول منھن ڪيم. مائٽن گھڻو ئي سمجھايو، پر اھا مار ۽ ماستر جو لھجو مون کان وسريو ئي ڪونه“

اھو ٻڌي ڊي سي خاموشيءَ سان آفيسر کي ڏٺو. جنھن تقريبن ارڙھن اوڻيھ سالن جي جمعي کي مخاطب ٿيندي چيو:

”جمعا اڄ کان وٺي تون منھنجو پٽ آهين توکي مان پڙھائيندس ۽ تون پڙھندين ۽ ڪنھن وڏي ڪرسي تي ويھندين…!

ھاڻي تون وڃ باقي سڀاڻي…!“

جمعو ڪجھ نه سمجھندي اٿي ٻاھر ھليو ويو.

”سر، ھاڻي مون کي اجازت ڏيو باقي جمعي کي ادا چوائڻ جو حق کيس ڏياري رھندس“

آفيسر اٿندي چيو:

ڊي سي کي سندس اکڙيل رويو ڏسي ساڻس بحث ڪرڻ فضول لڳو ۽ خاموش رھيو. آفيسر ٻاھر نڪري ويو.

ٻئي ڏينھن تي جمعي لاءِ ڪتاب ڪاپيون اچي ويون ۽ آفيس جي بريڪ ٽائيم ۾ پڙھائي شروع ٿي وئي. جمعي گھڻو ئي نه نه ڪري نٽايو، پر آفيسر ضد تي چڙھيل ھو آخر کيس پڙھڻ تي آمادہ ڪري ورتائين…

ٽن مھينن جي مختصر عرصي ۾ جمعو لکڻ پڙھڻ سکي ويو ھو. اڃان سندس سکيا ھلندڙ ئي ھئي ته اچانڪ آفيسر جي بدلي جو آرڊر اچي ويو.

آفيسر پنھنجي ضد تي قائم ھو، ڪڏھن ڪڏھن کيس ننڊ ۾ به ميٽنگ دوران ڊي سي جا چيل لفظ

“You have to need more training for this post”

گونجندا ھئا…

ھن بدلي روڪرائڻ جي گھڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر ڊي سي پنھنجو زور لڳرائي سندس بدلي ڪرائي ڇڏي..

جمعو ھاڻي لکڻ پڙھڻ سکي ويو ھو، سو آفيسر حل اھو ڪڍيو ته ھاڻ ھو روزانو کيس ھڪ خط لکندو، جنھن ۾ روزاني جي معلومات کان سواءِ درسي ڪتابن جي مواد جو بحث پڻ ڪندو ۽ ھن کيس ان ڳالھ جو پابند پڻ بڻائي ڇڏيو ھو.

ان معمول سان جمعو روزانو خط وسيلي پڙھندو رھيو.

وقت پنھنجي رفتار سان گذرندو رھيو. جمعي مئٽرڪ، انٽر ۽ پوءِ بي.اي ڪري ڇڏي…

سندس قابليت تي کيس ڪلارڪ ڪري رکيو ويو ھو. جمعو پنھنجي پيرن تي بيھي ويو.

***