Muharram

بلاگنئون

ڪارن ڪپڙن جي اهميت

محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي سموري ڪائنات تي سوڳ جي چادر ڇانئجي ويندي آهي، هر پاسي کان ياحسين عه جون صدائون بلند ٿينديون آهن، هرپاسي کان مجلسِ عزا برپا ڪئي ويندي آهي، هر پاسي سينه زني ۽ زنجير زني ڪئي ويندي آهي.

Read More
بلاگنئون

شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ٺهندڙ تعزين جي تاريخ

حضرت امام حسين عليه السلام جي با وقار شخصيت عالم انسانيت لاءِ معتبر ۽ محبوب ترين رھندي ٿي اچي، ڪربلا جي ميدان تي سندن صبر جو ڪو مثال ئي ٿو ملي. تاريخ انسانيت ۾ اھڙا ھزارين واقعا ملن ٿا جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي اثر ڇڏي ويا ھجن، پر ڪربلا جي قضيي باضمير ماڻھن جي ذھنن تي نه صرف اثر ڇڏيو، پر انسانيت کي بيدار ڪرڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.

Read More
بلاگنئون

2 محرم کان 9 محرم تائين جا مختصر واقعا

شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي زمين تي تشريف فرما ٿيا، اهلبيت جا خيما درياءِ فرات جي ڪناري نصب ڪرايائون، پر حضرت غازي عباس علمدار غصي ۾ اچي ويو ۽ حر سان لڙائي لئه تيار ٿي ويو، پر شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چوڻ تي صبر ڪيائون ۽ خيما درياءَ جي 3 يا 4 ميلن جي مفاصلي تي کوڙيا ويا، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جنهن تي خيما نصب ڪرڻ جو فرمايو اها زمين خريد ڪيائون.

Read More
بلاگنئون

حسين (عليه السلام) ته حسين (عليه السلام) آهي

دنيا ۾ اربين کربين ماڻھو آيا ۽ ويا تن ۾ ڪئين صاحبِ ثروت ته ڪئين صاحبِ عظمت رهيا. ڪئين اهڙا به هئا جن جي سخاوت جا چرچا رهيا. ڪئين اهڙا به هئا، جن جي شجاعت جا نعرا بلند رهيا. انهن مان ڪيترائي حڪمت ۽ دانائيءَ جا اهڃاڻ هئا ته ڪيترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا نشان هئا ته وري انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي نادان ۽ نافرمان هئا ته ڪيترائي مشرڪ ۽ ڪافر هئا ته وري ڪيترائي جاهل ۽ صفا ڏڏ هئا. انهن ئي ماڻھن ۾ الله پاڪ جي طرفان هدايت جو سرچشمو بڻجي ڌرتيءَ جي اَسُونهن ماڻھن جي هدايت لاءِ سوا لک نبي سڳورا به آيا.

Read More