بلاگنئون

ناول ميرو ڌاڙيل قسط-1 : بدمعاشيءَ جو سبب

همسري طرفان

طارق اشرف جو لکيل ناول “ميرو ڌاڙيل” جيڪو حقيقت ۾ ناول نه پر ميرو ڌاڙيل جو مونولاگ آهي. اهو ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد  سنڌ طرفان 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ همسري پبليڪيشن پنهنجي ويب سائيٽ تي قسطوار شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن طارق اشرف جو ڪيل هي ڪم جنهن ۾ هن هڪ خطرناڪ ڌاڙيل جي ڪهاڻي رڪارڊ ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.  توهان سڀ پڙهندڙ هن کي همسريءَ جي ويب سائيٽ تي پڙهي سگهو.

***

پنهنجي طرفان….

جيڪڏهن مان اهو چوان ته “مِيرو ڌاڙيل” سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان ته نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي. ٽئين ڳالهه اها ته اهو قصو مونکي مِيري ڌاڙيل (پورو نالو مير محمد لانگاهه) پاڻ ٻڌايو. آخري ڳالهه اها ته اهو ناول مِيري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي. جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس).

            اِهو ناول هڪ آتم ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻڌائي مِيري ۽ لکي مون آهي. اڳ ۾ مختصر طور سندس ڪهاڻي تخليق پبليڪيشن جي چئن ڪتابن ۾ ڏني هئم، پر اُها مختصر هئي، ائين کڻي چوان ته مِيري جي زندگيءَ تي جيڪو ناول پوءِ لکيم، انهيءَ جو ٽريلر هو. خوش قسمتيءَ سان اِهو ٽريلر پڙهندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو، ۽ پوءِ مون مِيري جي سڄي زندگيءَ تي لکڻ جو سوچيو.

            مون مِيري کان سندس زندگيءَ جي پوري ڪهاڻي اڳ ۾ ٻڌي پوءِ سڄي ڪهاڻي مِيري جي زباني ٽيپ ڪيم. جيڪا اٽڪل ساڍن پنجن ڪلاڪن جي هئي.

            هن ناول کي لکڻ ۾ مونکي پوڻا چار سال لڳي ويا. مِيري پنهنجي زندگيءَ ۾ ننڍي ۾ ننڍو واقعو به مونکي پنهنجي زبان ۾ ٽيپ ڪرائي ڇڏيو هو. مِيري کي ٻڌائڻ ۾ ته ڪا تڪليف نه ٿي، پر مونکي لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي، ۽ سخت محنت ڪرڻي پئي. ڇو ته مِيري ڪيتريون ڳالهيون هڪ کان وڌيڪ دفعي ٻڌايون. ڪٿي ڪٿي ڳالهه وسري ٿي ويس، ۽ ڪڏهن اڳيان هلندي، اوچتو پوئين وسريل ڳالهه ياد ٿي پئي ته اُتي ئي وچ ۾ ٿي ٻڌايائين. منهنجي لاءِ پهريون ڏکيو مسئلو ته ٽيپ تان اُتارڻ هو. ٽيپ رڪارڊر کي گهڙي گهڙي ريوائينڊ ۽ فارورڊ فاسٽ ڪري ڪري ٽيپ جا بٽڻ ئي ڍرا ٿي ويا.

            منهن جي جاکوڙ کانپوءِ مِيري جي زباني ٻڌايل ڪهاڻي ٽيپ تان پنن تي لاٿم. انهيءَ کانپوءِ سڄي ڪهاڻيءَ کي پڙهيم. مِيري جيئن ته Extempore ڪهاڻي ٻڌائي هئي، تنهنڪري ڪهاڻيءَ ۾ ربط ڪونه هو. تنهنڪري ٽيپ تان اُتاريل ڪهاڻيءَ کي مون وري لکيو ته جيئن سڀئي ڪڙيون ڪڙين سان ملي بيهن. جڏهن محسوس ڪيم ته هاڻ ڪهاڻيءَ ۾ تسلسل آهي ته پوءِ وري سڄي ڪهاڻيءَ کي فيئر ڪيم ۽ پڙهندڙن جي سهولت خاطر مختلف بابن ۾ ورهايم. ڪي ڪي باب ٽي ٽي، چار چار ڀيرا لکڻا پيا، ڇاڪاڻ ته مان مطمئن نه پئي ٿيس.

طارق اشرف

***

بدمعاشيءَ جو سبب

سيپٽمبر 1975ع جي ڳالهه آهي، مون کي ڊفينس آف پاڪستان رولز (D.P.R) تحت ڪراچيءَ مان گرفتار ڪري، حيدرآباد سينٽرل جيل اماڻيو ويو هو. اهو جيل منهنجي لاءِ نئون ڪونه هو، 74ع ۾ پڻ ساڳئي آرڊيننس تحت انهيءَ جيل ۾ رهي ويو هئس. پوئين دفعي اپريل 74ع ۾ گرفتار ٿيو هئس ۽ هاڻ سيپٽمبر 75ع ۾. اهو عرصو وڏو ڪونه هو، تنهنڪري جيل اسٽاف به گهڻي ڀاڱي ساڳيو هو. ساڳيو سرنٽينڊنٽ نور الاهي شيخ، ميڊيڪل آفيسر نور محمد ميمڻ، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محبوب ۽ جيلر راجا وغيره. ڪجهه اسٽاف بدلي به ٿي ويو هو.

گذريل دفعي مون سان گڏ شاهنواز شاهه، ڪنهيو لال، سردار علي شاهه، يوسف جکراڻي ۽ اسرار سرڪي وغيره هئا. انهن مان ڪي منهنجي هوندي ۽ ڪي مون کانپوءِ آزاد ٿي چڪا هئا، پر هن دفعي نه فقط ساٿي ٻيا هئا، پر اڳيون بي ڪلاس به ڪونه هو. انهيءَ بي ڪلاس ۾ سردار خير بخش مري ۽ مير غوث بخش بزنجو رهيل هئا، تنهنڪري مون کي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون. اهو وارڊ اڳ ۾ ليڊي وارڊ هو. هاڻ هن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ايم. ايل. سي جا ڪجهه شاگرد حڪيم ٻٻر، لعل بخش نائچ، راجا رحيم کهاوڙ، سريش ۽ ٻيا رهيل هئا. مون کي وارڊ جي انهيءَ حصي ۾ رهايائون جنهن ۾ ڪنهن وقت پير پاڳاري (پير صبغت الله) کي انگريزن قيد ڪري رکيو هو.

مان اتي اڪيلو رهندو هئس، منهنجو وقت يا ته ڪتاب پڙهڻ ۾ گذرندو هو يا سمهڻ ۽ برداشتين (1) سان حال احوال وٺڻ ۾.

مان صبح ۽ شام جو، پنهنجي کوليءَ اڳيان ورانڊي ۾ ڪرسي رکي ويهندو هئس. برداشتي به واندا ٿي  اچي مون وٽ ويهندا هئا. مان هڪڙي قيديءَ کي ڏسندو هئس، جيڪو اڪثر ڀتي (2) ملڻ کانپوءِ ٻوڙ کي تڙڪو لڳائڻ لاءِ اسان جي بورچي خاني ۾ ايندو هو. پنجونجاهه- ڇانونجاهه جي پيٽي ۾ هو، جسم ڳرو، قد جو ڪجهه ننڍو، ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي ميندي لڳل، پر اڪثر اڌ وار اڇا ۽ اڌ ميندي هاڻا ڳاڙها هوندا هئا. اکيون سدائين ڳاڙهيون، اهڙيون جهڙو رت ٿو ٽمي. سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو مان ڪڏهن به ساڻس نظرون نه ملائي سگهندو هئس.

ڪڏهن ڪڏهن عجيب حليئي ۾ به ايندو هو. خالي سٿڻ پيل، باقي جسم اگهاڙو، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ تي ميندي مکيل، ڏاڙهي ۽ مٿي تي ڪيلي جا پن ٻڌل. اهڙو حليو ڏسي جيڪر کِل اچي، پر سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو ساڻس اکيون ملائي ڳالهائڻ مشڪل لڳندو هو.

هن جو نالو ميرو لانگهو هو.

ميرو لانگهو مون واري وارڊ جي پويان، ڏکڻ واري پلسي، هڪ کوليءَ ۾ رهندو هو. جيل وارن جي اصطلاح ۾ ميرو “ڊانڊرس” (Dangerous) هو، ڇاڪاڻ ته ميرو خطرناڪ ڌاڙيل هو.

مون ۾ شروع کان ئي اها عادت آهي ته نئين ماڻهوءَ سان ملندي بي تڪلف نه ٿيندو آهيان. سو مِيري سان به ڳچ وقت کانپوءِ ڪجهه بي تڪلف ٿيس. سو به اهڙيءَ طرح جو اڳ ۾ فقط سلام ٿيندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ خير عافيت، پوءِ خبرون چارون ۽ تنهن کانپوءِ ڳالهه حال- احوال ڏيڻ وٺڻ تي پهتي ۽ انهيءَ منزل تي پهچڻ ۾ به ٻه مهينا لڳي ويا.

۽ پوءِ ميري سان منهنجون طويل ڪچهريون ٿيڻ لڳيون. ميري جي ڪهاڻي ڪنهن دلچسپ ۽ مار ڌاڙ سان لبريز ناول يا پنجابي فلم کان گهٽ ڪونه هئي ۽ خود ميرو به ڪنهن دلير هيرو کان گهٽ ڪونه هو. اها دليري هن فقط جيل کان ٻاهر نه نڪري ڏيکاري هئي، بلڪه جيل ۾ به چڱا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. تنهنڪري ئي “ڊانڊرس” جو لقب مليو هئس ۽ سي ڪلاس جو پڪو قيدي هجڻ جي باوجود به کانئس ڪو ڪم نه وٺندا هئا. کيس الڳ ٿلڳ کولي مليل هئي ۽ روز سي ڪلاس جا ڪچا قيدي سندس کولي صاف ڪري ويندا هئا. کيس ڊبل ڀتو (ماني) ملندو هو. يعني ٻين کي هڪ وقت تي ٻه مانيون ۽ هن کي چار. انهيءَ کان علاوه سي ڪلاس جي عام قيدين وانگر هن کي وڏي بورچي (جتي سڀني بي ڪلاس جي قيدين جي ماني رڌبي آهي) جي بدران جيل جي اسپتال جي بورچي خاني مان به ٻوڙ ملندو هو، جيڪو ناغي جي ڏينهن مڇي ۽ باقي ڏينهن ۾ گوشت هوندو هو. ٻيا قيدي چوندا هئا ته: “ميري جي خوراڪ تمام گهڻي آهي.” پر ميرو چوندو هو ته: “مان وڌيڪ ڀتو ڪچي قيدين لاءِ وٺندو آهيان. ڇاڪاڻ ته انهن کي ماني گهٽ ٿي ملي ۽ ڪم گهڻو ٿا ڪن، جيڪي ڪچا قيدي مون وٽ ڪم لاءِ ايندا آهن انهن کي ماني ڏيندو آهيان.”

هڪ ڏينهن روز وانگر ورانڊي ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيم ته ميرو آيو. نياز منجهان هٿ جوڙ ڪري اچي ڀرسان پٽ تي ويهي رهيو. مون ڪتاب بند ڪيو ته پڇيائين، “سائين، منهنجي ڪري حرج ته ڪونه ٿيو؟”

مرڪي چيومانس، “ڪوبه حرج نه ٿيو. هتي سڄو ڏينهن پڙهڻ ۽ سمهڻ کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي.” ٿوري دير خاموشي رهي، پوءِ پڇيومانس، “ڪڏهن ٿا آزاد ٿيو؟” جواب ڏنائين، “سائين سيلاب واري معافي اچي ته اڄ ئي ڇٽي ويندس.”

مِيري کان پڇيم، “اوهان کي سزا گهڻي لڳي آهي؟” چيائين، “ارڙهن سال.”

“ارڙهن سال!” مون حيرت منجهان چيو. “وڏي سزا آهي.” ٻڌايائين، 1963ع جي ٻئي مهيني جي ارڙهين تاريخ تي جهليو هئس. چار سال ڪچو هئس (ڪيس هلي رهيو هو.) 1967ع ۾ سزا لڳي اٿم. معافي ملائڻ سان وقت اچي پورو ٿيو آهي. (اڌ سزا معاف ٿيو وڃي) سيلاب واري معافي حڪومت کان منظور ٿي اچي ته اوهان جي دعا سان ڇٽي ويندس.

هر قيديءَ وانگر مِيري کي به پنهنجي جهلجهڻ، ڪچي رهڻ، سزا لڳڻ ۽ سيلاب تي وڃڻ جي هر هڪ تاريخ، ڏينهن ۽ سال ياد بيٺو هو.

مون مِيري کان پڇيو، “اوهين ڪيترا ڀيرا جيل آيا آهيو؟” ٻڌايائين، سائين ڪئين دفعا آيو آن، پر وڏي سزا ۾ پهريون ڀيرو تيرهن سال جيل ۾ رهيس. هڪ دفعو نون مهينن جي سزا لڳي، پر شيشن مان جلد ضامن ٿي ويو ۽ هن دفعي چوڏهن سال گذاريا اٿم. پهريون ۽ پويون دفعو جرگي سزا ڏني.”

پڇيم، “ٻاهر نڪري وري ساڳيا ڦڏا ڪندا؟”

ڪجهه دير سوچي چيائين، “سائين هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهيان. سو شايد هاڻ نه ڪريان.”

چيومانس، “ميرا، هاڻ ڦڏا ڇڏيو، اوهان پنهنجي زندگيءَ جو بهترين حصو ته جيل ۾ گذاري ڇڏيو آهي، باقي جيڪا زندگي بچي اٿئو، انهيءَ کي ته سجايو ڪريو.”

مِيري مرڪي ڏنو، ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿيون، پوءِ مون کانئس پڇيو ته ميرو ٻڌائڻ لڳو: “سائين، منهنجو اصلي نالو مير محمد آهي، پر عام طور مون کي سڏيندا مِيري جي نالي سان آهن. پيءُ جو نالو مصري خان آهي، اصل ڳوٺ، جتي مان ڄائو ۽ نپنو آهيان، اهو آ زور ڳڙهه. ڳڙهي خيرو تعلقو ۽ ضلعو جيڪماباد (جيڪب آباد) آهي. اسان جا وڏا اصل اتي جا ئي آهن ۽ انهن جا وڏا بلوچستان کان آيا هئا. اسان جي وڏن جو ڪم پوک ڪرڻ هو، پنهنجي زمين ڪونه هئي، ڀُٽن جي زمين پوکيندا هئاسين، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ نبي بخش ڀٽي وارن جون گڏيل زمينون آهن. زور ڳڙهه ڳوٺ آ واحد بخش ڀُٽي ۽ دودو خان ڀُٽي جو، واحد بخش ڀٽو، ممتاز ڀٽي جو چاچو هو.

“مان ڪهڙي سال ۾ ڄائو آن، انهيءَ جو پتو نه اٿم، پر اهو يادگيرو اٿم ته جڏهن سکر واري بئريج ٺهي هئي، تڏهن مان ڏهن ٻارهن سالن جو هئس، اهو به يادگيرو اٿم ته تڏهن منهنجو طهر ٿيو هو ۽ بابا مون کي جيڪماباد (جيڪب آباد) وٺي هليو هو، بوٽ وٺي ڏيڻ.”

“اسين ٽي ڀائر آهيون، ٽيئي جيئرا آهن. وچون مان آهيان، وڏي جو نالو پيرل آ ۽ غلام حيدر ننڍو آ. چار ڀينرون هيون، انهن مان ٽي فوت ٿي ويون، هڪ جيئري آ، مان پڙهيس ڪونه. قرآن شريف به اتي جنت (جيل) ۾ پڙهيو آن. وڏو ٿيس ته مان به پوک جو ڪم سنڀاليو.

مون مِيري کان پڇيو ته، “ميرا اوهان جي ڏوهن جي شروعات ڪٿان کان ۽ ڪيئن ٿي؟”

مِيري مرڪي چيو: “سائين شروعات ته اتان ٿي، جڏهن مون ڪو ڏوهه ڪيو ئي ڪونه هو، اوهان کي ٻڌايو اٿم ته مان پوکيرائي ڪندو هئس تعلقي ڳڙهي خيرو، ضلعي جيڪماباد ۾. اتي جي دوداپور ٿاڻي جو جمعدار غلام محمد هڪ دفعي گهوڙيءَ تي چڙهي اسان جي ڳوٺ آيو. اهو ڳوٺ ڀُٽن جو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جن جو. جمعدار ماکي چيو: “توکي صوبيدار صاحب گهرايو آ. ڪو ڪم اٿس، تون هل. “مان پنهنجي گهوڙي سنجائي، غلام محمد جمعدار سان رلجي، دوداپور ٿاڻي ويس. صوبيدار مان سان هٿ ملايو ۽ چيائين: “مان توکي سنڌ فرنٽيئر ۾ چالان ڪريان ٿو.” منهنجا تاڪ لڳي ويا. ڪجهه دير ته حواس ئي جاءِ نه رهيا، پر پوءِ حوصلو جهلي چيم، “سئين، منهنجو رڪاٽ (رڪارڊ) صاف آ. مان نه اڄ ڏينهن تائين چوري ڪئي آ، نه ڪا ٻي بدمعاشي ڪئي اٿم. مان بيگناهه آهيان، تون ڇو ٿو ماکي ذليل ڪرين.” پر صوبيدار منهنجي نه ٻڌي. ماکي لاڪپ ۾ وجهي ڇڏيائين.

“اٺ ڏينهن لاڪپ ۾ رکي، پوءِ جيڪماباد جي ڪليڪٽر وٽ منهنجو ڪيس پيش ڪيائين. اهو ڪليڪٽر پٺاڻ هو. مون ڪليڪٽر کي چيو: “سئين منهنجو رڪاٽ گهرائي ڏس، مان هڪڙو غريب هاري آهيان. سر شاهنواز ڀُٽي (جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو والد) جو ماڻهو آن. تون مان سان ظلم نه ڪر.”

“پر هن منهنجي ٻڌي ڪونه ۽ ٽي سال سنڌ فرنٽيئر جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ ماکي سکر سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيائون.”

(اهو انگريزن جو دور هو) پوءِ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪراچي وڃي سر شاهنواز ڀُٽي سان مليا. ذوالفقار علي ڀٽو انهن ڏينهن ۾ ننڍو هو. سر شاهنواز هڪڙو ليٽر لکي منهنجي پيءُ کي ڏنو ته اهو وڃي جيڪماباد جي ڪليڪٽر کي ڏي، اهو مِيري جو ضامن کڻندو.

بابي جڏهن اهو ليٽر ڪليڪٽر کي ڏنو ته ڪليڪٽر ڪاوڙ منجهان منهنجو اهو ليٽر ڦاڙي کڻي اڇليو. چيائين: “مان ضامن نه کڻندم.” منهنجو پيءُ ۽ ماءُ وري ڪراچي شاهنواز خان ڀٽي وٽ ويا، اتي ذوالفقار علي ڀٽو به هو، اهو پنهنجي پيءُ سان تکو پئجي ويو ته: “اسان جي هاري، جنهن ڪڏهن به ڏوهه نه ڪيو آ، ڪليڪٽر ڇو انهيءَ جو ضامن نٿو کڻي. بابا ماکي ڇڏيو ته مان ڪليڪٽر سان ڳالهايان.” پر سندس والد کيس جهليو ۽ چيائين ته: مان وري ٿو کيس ليٽر لکان. هاڻ ضرور اسان جي هاريءَ جو ضامن کڻندو. ڪليڪٽر اهو ليٽر به اڇلي ڇڏيو، پر بابا کي چيائين: “وڃ ضامن وٺي آ. تو ته باهه ٻاري ڏني آ.” بابا پوءِ ضامن وٺي آيو. ڪليڪٽر ضامن کنيو ۽ ليٽر ڪڍيائين. ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ اهو ليٽر جيل تي پهتو ۽ ماکي آزاد ڪيائون.”

“سائين مان هرو ڀرو سزا ڪاٽي. منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو، مان به انسان آهيان، انهيءَ واقعي منهنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو. ماکي حقيقت ۾ حڪومت پاڻ بدمعاش ڪيو. مان آزاد ٿيس ته انهيءَ جمعدار غلام محمد کي اچي ڊپ لڳو ته متان هي اچي مان سان وڙهي، سو انهيءَ ضلعي مان بدلي ڪرائي ويو. وري سندس پتو ئي نه پيو. ماکي مٿس ڪاوڙ به ڏاڍي هئي، پر هن جو پتو ئي نه پيو ته ويو ڪاڏي.”

(1) برداشتي: جيل ۾ اي ڪلاس ۽ بي ڪلاس جي قيدين کي سي ڪلاس جا قيدي ڪم لاءِ ڏيندا آهن.

(2) ڀتو: جيل جي ماني.