ملڪ مان مبينا طور لٽيل دولت واپس آڻڻ لاءِ ٽاسڪ فورس تيار

ملڪ جي لٽيل دولت واپس آڻڻ لاءِ ٽاسڪ فورس تيار ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ايف آءِ اي، نيب ۽ ڳجهن ادارن جا آفيسر شامل هوندا. جنهن سان گڏ حڪومت پاران هڪ نئون قانون به آندو ويندو جنهن مطابق ملڪ جي دولت لٽيندڙن جي خبر ڏيڻ وارن کي ان دولت جو ويهه سيڪڙو انعام طور ڏنو ويندو. اهڙو قانون هن وقت به ملڪ ۾ موجود آهي پر ان تي عام طور تي عمل نه ٿيندو آهي. هن باري ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي احتساب بابت خاص نمائندي شهزاد اڪبر چيو ته هن عمل ۾ شروعاتي طور تي 100 ڄڻن پاران لٽيل دولت کي واپس آندو ويندو. شهزاد اڪبر ٻڌايو ته لٽيل دولت بابت معلومات ڏيندڙ کي وسل بلوئر چيو ويندو ۽ ان کي هٿ آيل دولت جو 20 سيڪڙو انعام طور ملندو ۽ ان جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير کي چيو آهي ته هو سئٽزرلينڊ وڃي ۽ اتان جي حڪومت سان هڪ معاهدو ڪري جنهن ۾ اتان جي حڪومت پاڪستانين جي اڪائونٽن بابت معلومات مهيا ڪري. اهڙي قسم جو معاهدو ٿيڻ بعد سئٽزرلينڊ جي بينڪن ۾ رکيل دولت بابت پاڪستاني حڪومت کي معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ اها خبر پوندي ته اها ڪهڙي قسم جي ڪمائي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments