بلاگنئون

پاڪستان ۾ ٽي بي غربت، مزاحمت ۽ نظراندازي جو بحران

پاڪستان هن وقت تپ دق (ٽي بي) جي وڏي بحران مان گذري رهيو آهي، جتي غربت، غلط يا دير سان تشخيص ۽ سماجي سهائتا جي کوٽ خاص ڪري ڪمزور ۽ لاچار طبقي لاءِ دوا ۽ علاج مزاحمتي ٽي بي جا ڪيس وڌائي رهيا آهن. پاڪستان انهن ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي جتي گھڻين دوائن جي مزاحمتي ٽي بي (MDR-TB) جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ آهن. ڪنهن به دوا خلاف مريض ۾ مزاحمت تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن مريض باقائدگي سان دوا نٿو کائي يا وري کيس اهڙو انفيڪشن ٿي وڃي ٿو جنهن کي اڳ ۾ ئي مزاحمتي ٽي بي هئي ۽ ٽي بي جا جراثيم پاڻ کي تبديل ڪري دوائن جي خلاف قوت مدافعت پيدا ڪري وٺندا آهن، جيڪا هڪ سنگين صورتحال آهي، جنهن جي ڪري بيماريءَ جو خاتمو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ۽ اها ٽي بي ٻين ماڻهن تائين سولائي سان پکڙجي سگهي ٿي. پاڪستان کي اهو افسوسناڪ اعزاز حاصل آهي ته دنيا ۾ ٽي بي جو پنجون وڏو بار ان تي آهي، هندستان، چين، انڊونيشيا ۽ فلپائن کانپوءِ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي بي جا ڪيس سامهون اچن ٿا. هن صورتحال جا بنيادي ڪارڻ آهن غربت، ماحولياتي گدلاڻ ۽ غذائي کوٽ. ملڪ ۾ تقريبن 95 ملين ماڻهو روزانو 3.65 ڊالر کان گهٽ آمدنيءَ تي گذارو ڪن ٿا.

صحت واري عالمي اداري(WHO)  جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 510000 کان وٺي 611,000 تائين نوان ٽي بي ڪيس سامهون اچن ٿا ۽ لڳ ڀڳ 15 هزار مريض دوا جي مزاحمت واري ٽي بي ۾ مبتلا ٿين ٿا. پاڪستان عالمي سطح تي پنجين نمبر تي آهي، جتي ٽي بي جو بار تمام گهڻو آهي ۽ صرف Eastern Mediterranean Region ۾ ٽي بي جي 61 سيڪڙو بار جو ذميوار آهي۔ ان سان گڏوگڏ، ملڪ ۾ MDR-TB جي شرح دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي۔ دوا جي مزاحمت واري ٽي بي جا اهم سبب دير سان تشخيص، بغير نگرانيءَ جي يا غلط علاج، ناقص دوا جو مقدار، علاج جو صحيح طريقي سان جاري نه رهڻ ۽ خطري وارن ماڻهن لاءِ سماجي سهائتا جي کوٽ۔ گهڻن ملڪن ۾ مردن ۾ ٽي بي وڌيڪ ڏسبي آهي، پر پاڪستان ۾ خاص طور حاملا عورتون ٽي بي کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون۔ ان جا سبب آهن بار بار حمل، غذائي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن تائين محدود رسائي. ٽي بي غريب طبقي کي تمام گهڻو متاثر ڪري ٿي ۽ انهن کي مالي بحران ۾ وجهي ٿي، جنهن سان سماجي نابرابري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. اڃان تائين پاڪستان ۾ قومي سطح تي ٽي بي جي مالي اثر بابت مڪمل سروي ناهي ٿي، پر موجوده ثبوت ٻڌائين ٿا ته گهڻا ٽي بي متاثر ٿيل خاندان پنهنجي آمدنيءَ جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ علاج تي خرچ ڪن ٿا، روزگار وڃائين ٿا ۽ علاج دوران خوراڪ جي ضرورتون پوريون نٿا ڪري سگهن.

ٽن هفتن کان وڌيڪ جاري رهندڙ کنگهه گهڻو ڪري بلغم سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن رت سان، وزن گهٽجڻ، رات جو پگهر اچڻ، بخار ، بک گهٽجڻ، ڳچيءَ ۾ سوڄ، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري، اهي ٽي بي جون عام علامتون آهن. خوشقسمتي سان ٽي بي هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن جو علاج موجود آهي ۽ جيڪڏهن درست نموني سان ٽي بي جو ڪورس مريض کي ڪرايو وڃي ته مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي سگهي ٿو. اڃان تائين ڪيترن ملڪن ۾ ٽي بي جي تشخيص لاءِ پراڻو طريقوـ sputum smear microscopy  استعمال ڪيو وڃي ٿو۔ پاڪستان ۾ به هي طريقو موجود آهي، پر ان سان اڌ ڪيس ئي پڪڙيا وڃن ٿا ۽ دوا جي مزاحمت جو پتو نٿو پوي. هاڻ WHO پاران تجويز ڪيل جديد ٽيسٽ سان ٻن ڪلاڪن اندر نتيجا اچي سگهن ٿا.

پاڪستان ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي نشونما اسڪيم ٻارن ۽ حمل يا ٻچن واري عمر وارين عورتن لاءِ غذائي سهائتا ۽ صحت جا لاڙا وڌائڻ لاءِ آهي، پر ٽي بي جا گهڻا متاثر ماڻهو اڃان تائين ان جهڙن سماجي تحفظ جي پروگرامن جهڙوڪ صحت سهولت پروگرام (SSP)، کان محروم آهن. ٽي بي هڪ سماجي مرض آهي، جنهن کي غربت، کاڌ خوراڪ جي کوٽ، شوگر، سگريٽ نوشي، منشيات، عمر رسيدگي، گڏيل رهائش جيئن جيلن ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ ايڇ آءِ وي (HIV) جا شڪار ماڻهو بيماريءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪن ٿا. ٽي بي جو علاج موجود آهي ۽ عام طور تي 6 مهينن تائين اينٽي بايوٽڪ جو مڪمل ڪورس ڪرڻو پوي ٿو، پر علاج کان اڳ بچاءُ وڌيڪ اهم آهي. ٽي بي کي بي سي جي ويڪسين (BCG) سان روڪي سگهجي ٿو. وڏي پيماني تي آگاهي مهمون ضروري آهن۔ ڪنهن کي ٽي بي جي علامتون هجن ته ان کي ويجهو صحت مرڪز تي وڃي مفت بلغم جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. ٽي بي مريضن کي سماج ۾ بدنام نه ڪيو وڃي، پر کين گهر ۽ برادريءَ کان مڪمل سهائتا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن مريض علاج جو مڪمل ڪورس پورو ڪن، صحتمند خوراڪ واپرائين ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مطابق علاج جاري رکن ته ٽي بي جا مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي هڪ خوشحال زندگي گذاري سگهن ٿا.